ماڪڙ

'تعارف' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏10 اپريل 2017۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    ماڪڙ...... Locust Swarm
    اللہ تعالي جو هڪ عذاب مڪڙن جي شڪل ۾.
    ٿيندو ائين هو ته نه ڄاڻ ڪٿان لکن ڪروڙن جي تعداد ۾ اوچتو مڪڙن جو لشڪر جرار اچي نڪرندو هو. ايڏي ڪثير تعداد ۾ جو آسمان ڪارو ٿيو وڃي. پوءِ ماڪڙ اچيو ٽٽي ساوڪ تي، فصل ، کيت کليان، وڻ ٽڻ، گاہ ٻوٽا ڏسندي ئي ڏسندي ٽُڪي ڪتري کائي تباهه ڪري ڇڏي جو ساوڪ جو نانءُ نشان به ختم ٿيو وڃي. خدا ئي ڄاڻي ايڏي وڏي مقدار وڏي سائيز جا مڪڙ ڪينئن ٿا پرورش وٺن، انتهائي منظم انداز ۾ فصل جي هڪ پاسي داخل ٿين، تباهي مچائيندي ٻئي طرف کان نڪرن اها پڪ ڪري ٿا وڃن ته وڻ ۾ ڪو پن يا کيت ۾ ڪو هڪ سنگ به بچيل نه هجي . وري حملو ٻئي کيت تي. ماڪڙ عذاب الاهي جي هڪ صورت شڪل آهي. هاري ناري زميندار هن خوفناڪ آفت کان الله جي پناه گهرندا آهن . انجام تباهي آهي اصل ڏُڪار جي صورتحال پيدا ٿيو وڃي.
    زميني ڪيڙن ۾ مڪڙ هي هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو. ماڪڙ ڪنهن تربيت يافته فوج وانگر حملو ڪري رستي تي ايندڙ هر ساوڪ کي تهس نهس ڪندي اڳتي وڌندا رهن ٿا.سنڌ ۾ ماڪڙ ٿر جي ريگستان کان ۽ پنجاب ۾ چولستان جي طرف کان داخل ٿيندي آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جلد ئي ماڪڙ جو هڪ وڏو حملو ٿيو، سائي رنگ جا وڏا مڪڙ ساوڪ جي تباهي بعد گم ٿي ويا. ماڻهن سمجهيو ته حملو پورو ٿيو. فصلن جي آسپاس ويا ته هڪ عجب لقاء نظر آيو.لکين مڪڙ پنهنجي جسم جي هيٺئين اڌ کي نرم زمين ۾ پوري مئا پيا ھئا . جڏهن جائزو ورتو ويو ته خبر پئي ته هر مڪڙ آنا لاٿا آهن مٽيءَ ۾ سفيد بيضن جا ڳچها نظر پئي آيا. اصل هڪ ايمرجنسي لاڳو ٿي وئي اعلان ٿيا. اسڪولن ۾ موڪلون ڪري ننڍا وڏا هٿ ۾ رنبيون کنيون ٻاهر کيتن ۾ گهڙي بيدا ٻاهر ڪڍي اُس ۾ رکي ناڪاره ڪندا ويا.
    پاڪستان ۾ غالبا" آخری دفعو ماڪڙ جو حملو سن 1976 یا 1977 ۾ ٿيو. افریقہ ۽ روس سان مليل ڪجهه ملڪن ۾ اڃا به ماڪڙ جا حملا ٿيندا رهن ٿا. سڀ کان زياده متاثر قازقستان آهي۔ قازقستان جي حڪومت هن جي روڪڻ لاءِ ساليانه تقریبا 1 ڪروڙ 18 لک ڊالر خرچ ڪري ٿي . مڪڙ جو گوشت حلال آهي. اڪثر ماڻهو ماڪڙ جي حملي وقت باريڪ ڄار لڳائي هزارن جي تعداد ۾ مڪڙ جهليندا آهن. ان جي صفائي جو طريقو بلڪل ساڳيو آهي جيڪو گانگٽ( جهينگو ) جو آهي. منڍي لاهي پوء سخت کوپي( خول) کي ڇڪي لاهجي باقي بچيل نرم حصي کي بطور غذا استعمال ڪري سگهجي ٿو. مڪڙ جي گوشت کي به ساڳي طرح مرچ مصالحہ لڳائي ڀُڃي کائي سگهجي ٿو. مڪڙ ٻن قسمن جا هوندا آهن بري ۽ بحري. مڪڙ حُليي يا رنگ جي لحاظ کان به مختلف هوندا آهن. هن جون ڇھ ٽنگون هونديون آهن. ٻه ٽنگون سيني ۾، ٻه وچ تي ٻه آخر ۾ هونديون اٿس. هن جو بيضا ڏيڻ جو انداز به عجيب هوندو آهي. جڏهن به آنا ڏيڻ جو ارادو ڪري ته سخت ۽ بنجر زمين جو انتخاب ڪندي جينئن اتي ڪنهن انسان جو گذر نه هجي. پوءِ پنهنجي پڇ سان زمين ۾ سوراخ ڪري بيدا لاهي. اتي پئي پئي زمين جي گرمي تي ٻچو بيدا ٿيو وڃي. مڪڙ اهڙو اڏامندڙ جيت آهي جو هڪ لشڪر وانگر گڏ اڏام ڪن ٿا، سردار جا تابع ۽ مطيع ٿين. سردار اڏام ڪري ته هي به اڏام ڪن، ڪنهن جاءِ لهي ته سڄو لشڪر اتي لهي. . علامہ دمیری رح فرمائين ٿا ته مڪڙ ۾ مختلف جانورن جون ڏه خوبيون آهن گھوڑي جو چهرو، هاٿي جي اک، ڍڳي جو گردن، بارہ سنگهي جا سنڱ، شينهن جو سينو، وڃون جو پيٽ، ڳجهه جا پر، اٺ جي راند، اٺ پکي جي ٽنگ ۽ نانگ جو پڇ...... امام دمیری رح فرمائين ٿا ته مڪڙ جو لعاب نباتات لاءِ زھر قاتل آهي. نباتات تي لڳو ٻوٽو ختم. اهو ئي سبب آهي جو جنهن فصل ۾ پهچن تباهي ان جو مقدر بڻجيو وڃي . پاڻ ﷺ جن به مڪڙ جي بربادي جي دعا گهري آهي...... هاڻي ماڪڙ جا حملا نه هئڻ برابر آهن. لڳي ٿو ته هي نسل دنيا مان نيست و نابود پيو ٿئي. ﷲ سائين کان دعا آهي هن عذاب کان اسان کي محفوظ فرمائي. آمين.

    https://ur.m.wikipedia.org/wiki/ٹڈی
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو