جڳاڙ

'تعارف' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏10 اپريل 2017۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    کرلے کوئی جگاڑ.. جی کرلے کوئی جگاڑ.
    گلقند.......لطيفه آهي ته آمريڪا جي نئين صدر ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي سي آئي اي جا ڪجهه جاسوس اسلامي ملڪن ڏانهن موڪليا جيئن اتي جا حالات،ڏسي، سمجهي رپورٽ ڪن. ٻه انتهائي قابل جاسوس پاڪستان طرف موڪليا. ٻئي پي آئي اي جي جهاز ۾ سفر ڪري رهيا هئا. جهاز هلندي پائلٽ اعلان ڪيو ته جهاز جي چئن انجڻين مان ٻن ڪم ڇڏي ڏنو آهي پر فڪر نه ڪيو گهٻرائڻ جي ڳالهه ناهي ڪو نه ڪو جڳاڙ ڪيون ٿا. الله الله ڪري جهاز اسلام آباد ايئرپورٽ تي لٿو. جهاز کان ٻاهر آيا ئي مس ته دهشتگردن ايئرپورٽ تي حملي ڪري ڏنو. سڪيورٽي طرفان اعلان ٿيو پنهنجي حفاظت لاءِ پٽ تي ليٽي پئو، گهٻرايو نه ڪو نه ڪو جڳاڙ هڻو ٿا. ایئر پورٽ مان جان بچائي هڪ گاڏي تي هوٽل لاءِ روانا مس ٿين ٿا ته واٽ تي بس جي انجڻ مان دونهان نڪرڻ لڳا. بس جي ڊرائيور مسافرن کي تسلي ڏني گهٻرايو نه ڪو نه ڪو جڳاڙ ڪيون ٿا. نيٺ پهتا هوٽل تي 10منزل تي ڪمرو مليو. اتي بمشڪل پهتا ئي مس ته هوٽل ۾ باھ لڳي وئي فائر برگيڊ جون گاڏيون آيون. انهن طرفان اعلان ڪيو ويو ته باھ وسائڻ جو پائپ صرف اٺين منزل تائين پهچي ٿو. گهٻرايو نه ڪو نه ڪو جڳاڙ ڪيون ٿا. آمريڪي جاسوس ٻئي ڏينهن تي ئي ملڪ ڇڏي وٺي ڀڳا...... صدر ٽرمپ کي رپورٽ پيش ڪيائون ته سڄو پاڪستان جڳاڙ تي پيو هلي. جيڪڏهن جڳاڙ تي قبضو ٿي وڃي ته پڪ پوري پاڪستان تي قبضو ٿي ويندو. صدر ٽرمپ حڪومت پاڪستان کي فون ڪيو ته جڳاڙ گهرجي قيمت لڳايو گهڻي ملندو؟ حڪومت جواب ڏنو ته اسان توهان کي جڳاڙ وڪرو ڪري نه ٿا سگهون. هتان جو حڪمران خاندان خود قطري شهزادي جي خط جو جڳاڙ لڳايو ويٺو آهي.[​IMG][​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو