”منهنجي جنت“ ڦُلو ميگهواڙ هوءَ اڪثر پنهنجي سادگيءَ ڀري سونهن سان ايندي هئي. اڪثر خاموش. آئون ڳالهائيندو هئس ته هوءَ گُهنڊ پيل نظرون مٿي کڻي، پنهنجين نظرن سان منهنجي ڳالهه جو جواب ڏيندي هئي، هوءَ هميشه پنهنجي پر ۾ جواب ڏيندي هئي. پر انهيءَ جو هر جواب هزارين سوالن جي صورت هوندو هو ۽ آئون وري سندس ئي نيڻن مان انهن سوالن جا جواب ڳوليندو هئس، الائي ڇو سندس کنڊر نيڻ مون کي وري به ڪيترن ئي سوالن جي آڙاهه ۾ اڇلي ڇڏيندا هئا. هوءَ پنهنجي حسين وجود ۾ هزارين حقيقتون ۽ حيرانگيون سمائي ايندي هئي. هوءَ ڄڻ پوري تاريخ جو نچوڙ هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته تاريخ جو ورجاءُ لڳندي هئي. سندس سونهن ۽ سوڀيا کي ڏسي مون کي ڀٽائيءَ جو فڪر سمجهه ۾ اچڻ لڳو هو ۽ آئون سسئي، سهڻي، مارئي ۽ مومل جو روپ بڻجي پيوهيس. الائي ڇو هُو مون کي ياد نه ايندي هئي؟ پر هوءَ هر گهڙيءَ مون کي ياد ڪندي هئي شايد وساريندي ئي نه هئي هن هميشه مون سان نڀايو، پر الائي ڇو مونکي ڪڏهن به نڀائڻ نه آيو. آئون اڪثرصرف پنهنجين ئي پيڙائن تي روئندو رهندو هئس. هوءَ سارو وجود وڍيل هوندي به معصوميت ڀري مُرڪ سان ملندي هئي ۽ منهنجن مونجهارن ۽ مصيبتن تي مايوس ٿيندي هئي. سندس من ۾ ماءُ جي ممتا جون موجون هيون. هن هميشه مون سان پيار پئي ڪيو آهي. ۽ آئون سندس پيار هيٺ ئي پليو آهيان. پر مون کي پنهنجي انهيءَ بزدليءَ تي ڏاڍي بُڇان لڳندي آهي. جڏهن سندس وجود کي ويرين وڍيو پئي. سندس چنيءَ چير ڪئي پئي وئي. سندس ڏيل تي ڏنڀ پئي ڏنا ويا. سندس سونهن اجڙي هئي ۽ هوءَ ويران ۽ کنڊر ٿيندي پئي وئي. تڏهن آئون ڪٿي هئس؟ تڏهن منهنجي من ۾ سندس لاءِ محبت ڇو نه پيدا ٿي؟ ۽ تڏهن ڇو نه مري موچاروٿيس؟ هڪ ڏينهن مون سندس معصوميت، مُرڪ ۽ ماٺ کي ڏسي، کيس ”ننڍڙي مٺڙي گُڏڙي“ چيو هئم، ته هوءَ ڏاڍي کلي هئي. شايد منهنجي سوچ تي کلي هئي يا سندس نمرتا ۽ نوڙت جو ذڪر پهريون دفعو ٿيو هو، تنهن ڏينهن کان مون کي ويتر وڻڻ لڳي آهي. ڇا ته سندس کلندڙ روپ آهي! شل! هميشه کلندي رهي. هاڻ ته هوءَ اڪثر کلندي رهي ٿي ۽ کلڻ به چاهي ٿي. هڪ دفعي هن مونکي کلندي کلندي چيو هو ته، آئون ڏاڍي خوش آهيان. ڇو ته مون تو کان سوچڻ سکيو آحي ۽ جيئن ئي مون سوچڻ سکيو آهي تيئن منهنجا مونجهارا ويندا رهن ٿا ۽ آئون اڳتي وڌندي پئي وڃان ۽ تمام گهڻو اڳتي وڌڻ تي چاهيان. بلڪه سڀني کان اڳيان اڳيان ٿيڻ چاهيان. جيڪا منهنجي جڳهه آهي ۽ جڏهن کان مون ايئن سوچڻ شروع ڪيو آهي. تڏهن کان منهنجي اندر مان ڊپ ختم ٿي ويو آهي. هاڻ مونکي اڪيلي سفر ڪرڻ ۾ ڪو به ڊپ نٿو ٿئي. آئون اڪيلي هلي سگهان ٿي ۽ هلڻ چاهيان ٿي. مون ۾محسوس ڪيو ته جڏهن کان منهنجي اندر ۾ هن لاءِ محبت پيدا ٿي آهي. تڏهن کان سندس سوچ ۾ ڦيرو آيو آهي. تڏهن کان هن پنهنجو پاڻ سنوراڻ شروع ڪيو آهي جڏهن کان مون هن لاءِ سوچڻ شروع ڪيو آهي تڏهن کان هن پنهنجي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو آهي. ۽ اسان ٻئي سوچيندي سوچيندي هڪٻئي کي ويجهو ٿيڻ لڳاسڳن. تان جو هڪ وجود ٿي ويا آهيون. اڄڪلهه هوءَ ڏاڍي خوش آهي. ڏينهون ڏينهن سهڻي ٿيندي پئي وڃي. ”يار! ڏي خبر“ هڪ دوست وچ ۾ ڳالهيايو، ”ڪهڙي ڇوڪري ڦاسائي اٿئي؟“ مان خيالن مان نِڪري آيس. ”جنت“ مون پر اميد ساهه کڻي چيو. ”هوءَ منهنجي جنت آهي. ”جنت!؟“ هن چيو، ”پر انهي نالي سان اهڙي خوبصورت ڇوڪري سموري آرٽس فئڪلٽي ۾ منهنجي نظر مان ناهي گذري“ ”توهان جنسي ڪُتا آهيو. توهان جون نظرون نياڻين جي جسمن ۾ هونديون آهن. توهان انڌا آهيو، ٻوڙا آهيو. توهان جا حواس ڪم نٿا ڪن، توهان جنسي حوس جا غلام آهيو،ـ مان جذباتي ٿي ويس. ”ڇا مطلب!؟ هُن هڪو ٻڪو ٿيندي چيو. ”مطلب صاف آهي. جيڪو توهان کي تيستائين سمجهه ۾ نه ايندو جيستائين توهان پنهنجي گندي سوچ کان مٿڀرا ٿي، ڇوڪرين جي چڪر مان نڪري نه ايندؤ ۽ پنهنجي اصلي محبوب جي باري ۾ نه سوچيندؤ. تيستائين توهان ڪجهه به سمجهي نه سگهندؤ“ منهنجا هٿ ڏڪي رهيا هئا. ”ڪهڙو اصلي محبوب؟....... ۽ تو ايتري دير تائين ڪنهن جي باري ۾ پئي ڳالهايو؟ ”سنڌ!“ مون چيو ”سنڌ جي باري ۾ پئي ڳالهايم جيڪا منهنجي محبوبا آهي. جيڪا منهنجي امڙ آهي.“ هُن مون کي ڏسي هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ کلندي کلندي چيائين. ”واهه ڙي ڪامريڊ واهه! ڇا ڪامريڊ رڳو تون آهين اسين ناهيون؟“ اهو ٻڌي مون کي ايئن لڳو ڄڻ ڀٽ شاه تي پيل تنبوري جي تار منهنجي اندر ۾ ٽٽي پئي هجي، آئون جهٽڪو ڏيئي اٿي بيٺس. اڳتي وڌڻ لڳس ۽ پنهنجي مُنهن چوندو ويس. ”حليم باغي، موٽي آءُ سنڌ يونيورسٽي توکي ساري ٿي....“ ۽ ايئن اڳتي وڌندو وڃان ٿو ته ديوار تي لڳل هڪ پوسٽر تي نظر کپي وڃي ٿي. سن جي سيد جو جُهور، پر پُر اميد، روشن ۽ مُرڪندڙ اکين ۾ ڏسندي ئي روئي پوان ٿو ۽ لڙڪ هٿ ۾ پيل شاهه جي رسالي تي ڪرن ٿا. ايتري ۾ هوءَ اچي ٿي ۽ مون کي روئندو ڏسي حيران ٿئي ٿي. منهنجا لڙڪ پنهنجي چنيءَ جي پلئه سان اگهندي چوي ٿي. ”روءِ نه سنڌو، مون ته توکان سوچڻ سکيو آهي ۽ مون سوچڻ به شروع ڪيو آهي. مون مان ڊپ نڪري ويو آهي. تنهنجي روئڻ سان ڪجهه ڪونه ٿيندو. اچ ته اڳتي وڌون.“ هن پنهنجو هٿ منهنجي هٿ ۾ ڏنو. منهنجون نظرون بي اختيار وري پوسٽر ڏي کڄيون. ائين لڳو ڄڻ، سن واري سيد چيو پئي، ”سنڌو! سنڌ جي پارت اٿوَ.“ انهيءِ آواز سان آرٽس فئڪلٽي جي بلڊنگ گونجي اٿي ۽ اسين اڳتي وڌڻ لڳاسين.
جواب: منهنجي جنت يار زاهد! جيئي سنڌ ڪيترن ڏينهن کانپوءِ ڪو ليک ونڊ ڪيو اٿوَ، پر اهو به اهڙو جو پڙهي پنهنجي به اهڙي حالت ٿي وئي جو هزارين سوال ۽ هزارين جواب ۽ وري انهن هزارين جوابن ۾ لڪل هزارين سوال اڀري ذهن جي پردن سان ٽڪرائجڻ لڳا ته اسانجي اها محبوبه، اسانجي اها امڙ، اسانجي اها گود، ڪڏهن آزاديءَ جا ڏينهن ڏسندي ۽ ڪڏهن عمر بادشاه جي ڪوٽ مان آزاد ٿي ماروئڙن سان ملي عيدون ملهائيندي ۔۔۔ ڪامريڊ زاهد سومرا ۔۔۔ سلام آهي اوهانکي ۔۔۔ ڦلو مينگهواڙ جي مختصر ڪهاڻي پيرائتي ۽ لاڀائتي آهي ۔۔۔ دعائن ۾ گڏ
جواب: منهنجي جنت سائين زاهد صاحب توهان جو ونڊ ڪيل ليک پڙهيوسين، ۽ پسند اچڻ سان گڏ ڪيترائي ذهن تي سوال ڇڏي ويو آهي، جنهن جو تفصيلي جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي،