• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪجه بيتن بياني سورن ڪهاڻي ...

ڪجه بيتن بياني سورن ڪهاڻي
_________________

اسان وٽ اڄ به نارا نينهن عشق جو اوج اهڙو آ
سدائين موج محبت ۾ سدائين سڪ ۾ ساريون ٿا
........................................
سوا تنهنجي خوشيون سڀ ڪوڙ دوکو هيءَ دنيا آ
سڄڻ سي پل پيارا ها مليل پنهنجا جي پاڇا ها
......................................
پڇي ڏس تو ستارن کان جيڪي راتيون گڏ مونسان
هجر ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي لڏي وياهن ٻڏي ويا هن
..................................
سڄو ئي سور هي سڪ آ سدائين پيار هي پڄريو
اوهان کان دور اي جانب اسان جو وقت ڪيئن گذريو
..........................................
ڏسي توکي اکيون ٿيون نير ايڏو تون بدلجي وئين
نه سڪ ساڳي اوهان ۾ آ اهو ير اوج ڪاڏي ويو
....................................
مون کي ڇو ميارين ٿو منهنجو جيءُ ڳارين ٿو
پڇي ڏس پاڻ کان پيارا اسان جي نينهن جا نارا
..........................................
عشق جي آس نه کٽڻي ا محبت مچ ٿي مڄڻي آ
هي تاس سدائين رهڻي آ سڪ سدائين سکڻي آ
....................................
نه جي تو کي ڏسان ها يار
نه ئي سڪ سور ٿي ها پيار
نه ٿي ها ديد دل ڌڙڪڻ
نه ٿي ها سڪ ۾ ايڏي سار


لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top