• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبر ناهي ته ڪيترو پري وينداسين!..

جاويد احمد سومرو

سينيئر رڪن
اڄ منجهند اڍائي وڳي ڌاران آءٌ پنهنجي آفيس کان لهي لاڙڪاڻي شهر جي مرڪز، پاڪستان چوڪ تي وڃڻ ٿيو. گرميءَ جي شدت جي ڪري سوچيم ته اسٽرابيري جوس جو هڪ گلاس وٺجي، جيڪو عام ڏهن روپين ۾ وڪرو ٿئي پيو. ٻيا معزز به پڻ اتان ڪثير تعداد ۾ پيئي رهيا هئا. آءٌ به هڪ گلاس خريد ڪري پنهنجي تاس ماريم. منهنجي پاسي ۾ هڪ شخص موبائيل فون ڪن تي رکيل هيس ۽ چئي رهيو هيو ته ڊي آئي جي صاحب جي ڀائٽي جي موبائيل فون آهي ڊي آئي جي آفيس ۾ ورهائجن ٿيون هڪ پوليس وارو وٺي وڃي موبائيل کڻي اچو، ايتري ۾ جوس فروش بغير ڪنهن ملاوٽ جي اسٽرابيري جوس ٻيهر ان موبائيل تي ڳالهائيندڙ ۽ انجي ساٿي شخص کي گلاس ۾ لاهي ڏنائين ۽ انهن مزي سان پئي پيتو بعد ۾ ان شخص رڙ ڪري جوس فروش کي چيو گھڻا ڏيانءِ؟
جوس واري انتهائي ادب سان چيس خير آ سائين. ريڙهيءَ واري جي انهن لفظن تي ان همراھ ڪجھ به نه چيو ۽ کلندي کلندي بغير نمبر پليٽ جي موٽرسائيڪل تي پنهنجي ساٿيءَ سان چڙهي هليو ويو. آءٌ اهو سمورو لڪاءُ حيرانگيءَ مان ڏسي رهيو هيس.
آخر دل مضبوط ڪري جوس فروش ريڙهيءَ واري کان پڇيم ته ادا هي ڪير هيو جنهن کان اوهان پئسه نه ورتا؟ چيائين ته هي پوليس جو صاحب آهي. مون پڇيومانس ته انجي نالي جي خبر اٿئي؟ چيائين نه هاڻي بس موبائيل فون تي وڏن صاحبن جا نالا کڻي پيو ان ڪري عزت ڪئي مانس.
ان صورتحال تي ڇا تبصرو ڪجي ! بس اها به هڪ خبر هئي شيئر ڪئي. جاويد سومرو
 
Back
Top