زاهد سومرو
سينيئر رڪن
موبائيل فون دماغي ڪينسر جو سبب بڻجي ٿي
ڏهن سالن جي لڳاتار تحقيق کانپوءِ سائنسدان ان نتيجي تي پهتا آهن ته، روزانو موبائل فون جي استعمال سان دماغي ڪينسر ٿيڻ جو امڪان موجود رهي ٿو. صحت جي عالمي اداري طرفان چيو ويو آهي ته موبائيل فون جو روزانو 30 منٽن تائين ٻڌڻ سان هر ٽن ماڻهن مان هڪ ۾ ٽيومر (Tumor ) خراب ٿيڻ خطرو رهي ٿو. گذريل 10 سالن کان 13 ملڪن ۾ موبائيل فون صنعت جي مالي سهڪار سان ٿيل تحقيق کانپوءِ جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته. ”موبائيل فون جو استعمال ڪن ٿا، دراصل جان کي جوکي ۾ وجهن ٿا. ان ۾ اهي ماڻهو جيڪي حد کان وڌيڪ موبائيل فون جو استعمال ڪن ٿا، دراصل جان کي جوکي ۾ وجهن ٿا. ان ۾ اهي ماڻهو به شامل آهن جيڪي ڏينهن ۾ اڌ ڪلاڪ يا ان کان وڌيڪ وقت تائين موبائيل فون پنهنجي ڪن سان لڳائي رکن ٿا.
رپورٽ ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته، صحت جي حوالي سان پيدا ٿيندڙ خطرن کان اُهي ماڻهو محفوظ رهن ٿا، جيڪي اڌ ڪلاڪ کان گهٽ فون جو استعمال ڪن ٿا يا هينڊ فرم ۽ هيڊ فون جو استعمال ڪن ٿا. سائنسدانن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته 30 سالن کان گهٽ عمر وارا ماڻهو به انهي خطري کان محفوظ رهن ٿا. جيڪو پڻ تحقيق جو هڪ الڳ سوال آهي. تحقيق ۾ اهو پڻ چيو ويو موبائيل فون جو گهٽ ۾ گهٽ استعمال ڪينسر کان بچاءُ جي تدبير به ٿي سگهي ٿو.
ٻئي طرف انهي تحقيقاتي رپورٽ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي مٿس عيب جوئي ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. جڏهن ته يورپي يونين طرفان هڪ نئين تحقيق به سامهون آندي وئي آهي. جنهن ۾ ٻارن جي دماغي شريانن ۾ موبائيل فون وچ ۾ لاڳاپي کي بحث هيٺ آندو ويو آهي....