• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : تون منهنجو صنم آهين مان تنهنجو صنم آهيان

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
تون منهنجو صنم آهين، مان تنهنجو صنم آهيان،
تون منهنجو جنم آهي، مان تنهنجو جَنم آهيان.

هڪ واٽَ ٻِنهي جي آ، هڪ راهِ وفا آهي،
تون منهنجو قَدم آهين، مان تنهنجو قدم آهيان.

هي راز محبت جا، دل هِن ۾ دَفن آهن،
تون منهنجو ڀَرَم آهين، مان تنهنجو ڀَرم آهيان.

اچ وعدو ڪريون ”ڪوثر“ ڀٽ شاھ جي نگريءَ ۾،
تون منهنجو ڌَرَم آهين ، مان تُنهنجو ڌَرم آهيان.​

شاعر : ڪوثر ٻرڙو
آواز : برڪت علي

 
Back
Top