ٻول : وري يادگيرين ورايو اسانکي

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
وري يادگيرين ورايو اسانکي،
اچي پاڻ هاڻي بچايو اسانکي.

گلابي چَپَن مان کٽيڙي ڪا خوشبو،
الئه ڇو پيا ٿا سِڪايو اسانکي

پچڻ ۾ مزو آ رَچَڻ ۾ مزو آ،
چيو چڻنگ کي چُلھه جلايو اسانکي.

هِي خوابن جِي دُنيا، هِي دُنيا جِي گَردِش،
اِنهيءَ جي وچ ۾ پِرهايو اسانکي..




ٻول :
آواز: وحيد لاشاري



 
Back
Top