مجيب سنڌي ڪورائي
سينيئر رڪن
ڪافي. مجيب سنڌي
پيار ۾ هر اک ٻڏل لڳي ٿي
پر ڇو دل دل ڀڳل لڳي ٿي
جنهن جنهن جڳ ۾ پيار ڪيو آ
دنيا ان کي خوار ڪيو آ
تہ بہ اک اک هت اڙيل لڳي ٿي
مست ملنگن جو هي ٽولو
سپنو ڀرت ڀريل ڪو چولو
گهڙي گهڙي هر اٿل لڳي ٿي
حسن عجب ۽ پيار عجب آ
هر ڪنهن جو وهنوار عجب آ
الڳ الڳ ڀت اڏيل لڳي ٿي
محبت ماريل اک نماڻي
مجيب هر دم لڳي اياڻي
پنهنجو پاڻ کان رٺل لڳي ٿي.