• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غزل. انسانيت. مجيب سنڌي

مجيب سنڌي ڪورائي

سينيئر رڪن
16864976_1284939888252223_2228163969300734689_n.jpg

غزل. مجيب سنڌي

انسانيت مذهب پنهنجو
ڪونهي ڪو بہ لقب پنهنجو

پاڻ ملياسين راهن ۾
بڻيو عشق سبب پنهنجو

هر ڪنهن ورتي پنهنجي واٽ
ھر ڪنهن ساڻ عجب پنهنجو

ان کان اڳ جو نازل ٿي
ويهي سوچ غضب پنهنجو

هر ماڻھوءَ جو ادب ڪري
مجيب ڪر ادب پنهنجو
 
Back
Top