غزل. ڪڻڪن ۾ لاب. مجيب سنڌي

مجيب سنڌي ڪورائي

سينيئر رڪن
17522897_1323514801061398_2213630095064761681_n.jpg

غزل. مجيب سنڌي

ڪڻڪن ۾ جو لاب پيو آ
پل پل جو ته حساب پيو آ

ان جي ڀرسان بُھ جو ديرو
ھاري جو ھي خواب پيو آ

درد نه گھٽيا ساڳيا نيڻن
اُلڪا اکڙين آب پيو آ

سوچون جذبا ساڻا ساڻا
ساڳيو قرض ڪتاب پيو آ

مرڻو پرڻو بيماري پڻ
جيون ڄڻ ته عذاب پيو آ
 
Back
Top