زهر سوچن جو پِي رهيا آهيون، نه اُجھامي ٿا سگھون نه ٻَرِي ٿا سگھون، آليءَ ڪاٺيءَ جيان دُکي رهيا آهيون. گھڻي تائين تُنهنجيون تڪيون سي پئي راهون، مگر تُون نه آئين، تڪيندي تڪيندي ٿڪي پيون نگاهون مگر تون نه آئين. رُنم ۽ روئاڙيم، گھڻي تائين ڳايم، پئي توکي سنڀاليم، ويا ساز بڻجي سي سُڏڪا ۽ آهُون، مگر تون نه آئين. زمانو گھڻو ٿيو، وئي آس پلجي، مگر پوءِ به ڍولڻ مگر پوءِ به سائين. اڃا تائين اندر مان نڪرن ٿيون دانهون، مگر تون نه آئين. وڇوڙو ڇِني نيٺ ٿو سارا رِشتا، مگر توسان اهڙا پيچ پُختا، اسين اڄ به تُنهنجا ۽ تولاءِ آهيون، مگر تون نه آئين. اُهي موسمون ۽ اُهي ڏينهن راتِيون، اُهي هنڌ ۽ ماڳ ۽ گھير گِھٽيون، سدائين ملن يادگيريون اُتائون، مگر تُون نه آئين. ٻول : سيد ذوالفقار راشدي آواز : سڄڻ سنڌي (قربان علي)