• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : در ضبط جا ٽوڙي نڪتا هِن، سُڏڪن کي الائي ڇا ٿيو آ (احمد خان مدهوش)

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
در ضبط جا ٽوڙي نڪتا هِن، سُڏڪن کي الائي ڇا ٿيو آ،
هڪ ٻئي جي پُٺيان ڊُڪندا ٿا اچن، لُڙڪن کي الائي ڇا ٿيو آ.

جان پائي کڻي جھاتي هيڪر تان عڪس لڳن ٿا وحشي،
هِي ڏوھ نه آ آئينن جو، چَهرن کي الائي ڇا ٿيو آ.

جي اُڌما کائي اُٿندا هِن، هِيءُ ڇاتِي ڇِلجي پَوندي آ،
ڪو چين نه ڪو آرام اٿن، جذبن کي الائي ڇا ٿيو آ.

سِڪُ قرب الائي ڪاڏي ويو، هڪٻئي سان اوکيءَ ويلي ۾،
هرڪو ٿو وڃي مُنهن موڙيندو، رشتن کي الائي ڇا ٿيو آ.

ڏند قُلف ڪري چَپَ بَند ڪيم، ڄَڻ ٻوڏَ اڳيان ڪو بَندُ ٻَڌُم،
هر رَنڊَڪ ٽوڙي اُڪرِي ويا، لفظن کي الائي ڇا ٿيو آ.
ٻول : احمد خان مدهوش
آواز : سڄڻ سنڌي


 
Back
Top