• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ها ها مڃيم

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ نرمل
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

نرمل

سينيئر رڪن
”نرمل“ کوهارو
غزل​
نرمل:
چنڊ ڄٻرا ڪڍي رات مونکي چيو،
موهه منهنجي مثل ڪو ناهي ٻيو.

مون تڪيندي کيس هڪدم پڇو،
تو نخرو آ آخر ڇا تي ڪيو؟

سونهن سپرين جهڙي تنهنجي ناهي رهي،
کيس ڏسي توکي شرم اڃان ناهي ٿيو.​
چنڊ:
ها ها مڃيم، مون بيشڪ مڃو،
مون هرگز ائين ته ناهي چيو.

”نرمل“ دير نه ڪر، کيس ڀاڪر ۾ ڀر،
حسن منهنجو ان مثل هاڻي ناهي رهيو.
 
جواب: ها ها مڃيم

”نرمل“ کوهارو
غزل​
نرمل:
چنڊ ڄٻرا ڪڍي رات مونکي چيو،
موهه منهنجي مثل ڪو ناهي ٻيو.

مون تڪيندي کيس هڪدم پڇو،
تو نخرو آ آخر ڇا تي ڪيو؟

سونهن سپرين جهڙي تنهنجي ناهي رهي،
کيس ڏسي توکي شرم اڃان ناهي ٿيو.​
چنڊ:
ها ها مڃيم، مون بيشڪ مڃو،
مون هرگز ائين ته ناهي چيو.

”نرمل“ دير نه ڪر، کيس ڀاڪر ۾ ڀر،
حسن منهنجو ان مثل هاڻي ناهي رهيو.
تمام لاجواب نرمل
 
جواب: ها ها مڃيم

ادا توهان جا خيال خوبصورت آهن پر غزل جو وزن سمجه کان ٻاهر هو اميد ت رهنمائي ڪندا
 
جواب: ها ها مڃيم

ادا منصور حق موجود!
مٺا، سائين توهان جي ڳالهه بلڪل درست آهي هن ناچيز طرفان جيڪو غزل پيش ڪيو ويو آهي ان ۾ واقعي اها ڪوتاهي شامل آهي آئينده وزن بحر جو مڪمل خيال ڪري پو ئي ڪا تخليق توهان کي ونڊائبي مهرباني ٻيو ته ادا سائين منصور سيتائي کي منهنجي پاران سڪ ڀريا سلام چوندا ته عنايت ٿيندي۔۔۔۔ لک لائق
 
Back
Top