ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا، تون اڃا ٿو جيئين، هاءِ ڙي جيئڙا! اوچتو مون ڏٺو اُڀُ آسائتو، رات ڪاري هُئي ڏِيئڙا ڏِيئڙا! مون نه ڄاتو ته اي سجّ جهڙا پرين! روز پاتا پئي تو لِڪي ليئڙا! آءُ منهنجي تڏي، ويههُ اوري اڏي، ساههُ توکي سڏي، اوءِ سانگيئڙا! ڇو اياز اڄ وري ڇانوَ ڳولهين پيو؟ پنڌ ڏاڍو پري آهي پانڌيئڙا! ٻول : شيخ اياز آواز : سيف سميجو