ٻول : رات آئي وَئي، تون نه آئين ڪَهِي

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
ويٺِي هِت نهارئان، راڻا تنهنجي راھ،
موٽائي ماڳن تي، ڇن آڻيندئي الله،
سوڍا تولئه ساھ، نه ته راڻا گھڻا هِن راڄ ۾.
******
رات آئي وَئي، تون نه آئين ڪَهِي،
ماڪَ ۾ مينڌرا، ڪاڪَ روئندي رهي.

وڃان مان وڃان، ڪيئن ڀيرو ڀڃان،
سِجُ ويندو لَهي، پيرَ وِيندا ڊَهِي.

مينهن موٽِي وَيا، سِجُ اُڀري لَٿا،
تون نه آئين ڪَهِي، وِھ لڳي ٿِي وئي.

آواز : سيف سميجو

 
Back
Top