امدا علي قادري
سينيئر رڪن
وڏي ڏک ۽ افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته پهريان اسان سنڌين کي ڪنهن به ڪمپني ۾ نوڪري ڪونه ٿي ڏني وڃي ۽ جيڪڏهن ڏني وڃي ٿي ته پوءِ هزار حربا هلائي اهو روزگار کسيو وڃي ٿوجهڙي طرح مونسان ظلم ۽ ڏاڍ ڪيو ويو آهي ،مونکي ماڙي پيئٽيروليم ڪمپني ۾ هلال احمر جي ٺيڪي ۾ ڊيٽا انٽري آپريٽر طور ملازم 09 فيبروري 2015 تي اسپتال ۾ رکيو ويو آئون ٽائم جي پابندي ۽ ايمانداري سان پنهنجو ڪم ڪندس رهيس اچانڪ اپريل 2016 کان بغير ڪنهن سبب ۽ وجه جي پگهار بند ڪئي ويئي آئون مسلسل 6 مهينه بغير پگهار ۽ آسرن تي ڪم ڪندو رهيس جنهن جا ثبوت مون وٽ موجود آهن ۽ هن وقت به منهنجو سامان ۽ ٻن مهينن جا (روزانه پرچين جا) پيئسا ٽيبل ۾ رکيل آهن جنهن جي چاٻي مون وٽ آهي، منهنجي جڳھ تي ماڙي پيٽروليم ايل ايڇ وي کي ويهاري منهنجو گيٽ بند ڪري ڇڏيو آهي هاڻي مونکي نه ڪم تي اچڻ ڏنو وڃي ٿو ۽ نه ئي رهيل 6 مهينن جي پگهار1،78،750 روپيه ڏني وڃي ٿي.آئون سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ،سروس ٽربيونل ، گورنر سنڌ سميت ماڙي پيئٽروليم ڪمپني ۽ هلال احمر جي اعلي عملدارن کي لکت ۾ به شڪايتون ۽ ثبوت موڪليا آهن ليڪن اڃا تائين ڪو به انصاف نه مليو آهي.
امدا علي قادري ڏهرڪي (روزاني سنڌ ايڪسپريس 12.04.2017 ۾ لکيل منهنجو خط)
امدا علي قادري ڏهرڪي (روزاني سنڌ ايڪسپريس 12.04.2017 ۾ لکيل منهنجو خط)