چاچي سان ڪچهري

'مختلف موضوع' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏27 جون 2010۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    سائين ڪل منهنجي هڪ بزرگ سان ڪچهري ٿي۔
    ان مونکي چيو ته ابا اسان سنڌن کان ته اهي مهاجر ڀلا آهن ڪم سي ڪم پنهنجي قوم سان ته سچا آهن۔
    اسان جا قوم پرست ئي اسان سان سچا نه آهن۔ اهي احتجاج ڪرائي اسان جا ئي دڪان بند ڪندا آهن اسان جي ئي پيٽ تي لت هڻندا آهن رڳو انهن جو زور اڇي ڪاٽن تي آهي۔
    اسان کي ڇا ڏنو آهي پي پي پي يا ٻين سنڌي پارٽن۔؟
    جيڪي سنڌ جي آزادي جي ڳاله ٿا ڪن انهن کان اهو پڇ ته سنڌ ڪڏهن آزاد ٿيندي۔؟
    ۽ ان کي مان چيو چاچا رک الله تي سنڌ آزاد ٿيندي۔
    ان جي جواب ۾ چاچي چيو ابا ڇوٿا ويٺا دل کي پلاءُ کارايو۔؟
    مان چيو ڇو ته چاچي چيو ته اگر سنڌ آزاد ٿيندي ته سنڌ سنڌ نه رهندي۔
    سنڌ ۾ خانا جنگي شروع ٿي ويندي۔
    چاچي مونکي چيوته الله کان اهو دعا گهرو ته سنڌ آزاد نه ٿي۔
    ها اگر ٿيندي ته ان جا اصل وارث ڪير ٿيندا۔؟
    سنڌي يا بلوچ يا بروچ يا اهي بلوچ جيڪي ڪراچي جا بلوچ آهن انهن کي ته سنڌي به ڳالهائڻ ڪون ٿي اچي۔
    چاچي چيو ته ابا بس ڪري الله الله ڪيو سنڌ ڪڏهن به آزاد نه ٿيندي۔
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: چاچي سان ڪچهري

    ادا عاشق هي توهان جا لكيو آهي بيشك جاجو به تجربيكار هوندو بر زميني حقيقتون كجه بيون آهن
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: چاچي سان ڪچهري

    ادا چاچو بلڪل صحيح پيو چوي۔۔۔۔ هينئر ساڻ ئي خانه جنگي هلي پئي۔۔
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: چاچي سان ڪچهري

    ادا مست كهري خانه جنكي ؟
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: چاچي سان ڪچهري

    ادا اوهان کي خانا جنگي نظر ڪان ٿي اچي۔۔۔۔۔هي روز بيگناھ ٿا مرن۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: چاچي سان ڪچهري

    ادي عاشق جو مٿيون ٽوٽڪو بحث لائق آهي ۔۔۔ ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جي عام رواجي ماڻهون ڳالهائيندا آهن، اهي ساڳيون ڳالهيون چاچي بزرگ به عاشق سان ونڊ ڪيون ۔۔۔ پر هِڪُ تاريخ جو ڄاڻون ۽ سياست ۽ انقلابي سياست سان واقفڪار ان ڳالهه سان متفق نه ٿيندو ۔۔۔

    ڇاڪاڻ سنڌي قوم ڪا هروڀرو چچڙن ناهي کاڌي، سنڌ ۾ هن وقت به ڪروڙين سنڌي رهنٿا ۽ لکين سنڌي قومپرست، پڙهيل لکيل سموري دنيا ۾ پکڙيل آهن ۽ سنڌ جي قومپرستيءَ واري راهه طرف گامزن آهن، انڪري ايترو مايوس ٿيڻ به نه گهرجي، چاچي بزرگ اصل ۾ سنڌ جي ڪجهه نام نهاد قومپرستن جي جهالت کان تنگ اچي اهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن، پر حقيقت ائين ناهي ۔۔۔

    ٻي ڳالهه ته سياسي طور ته خانه جنگي ان ويڙه کي چئبو آهي جنهن ۾ قوم جا سڀ حصا پاڻ ۾ وڙهي پون ۽ قانون جي پاسداري نه رهي ۔۔۔ ۽ ڦرلٽ ۽ قتل و غارت گريءَ جو بازار ايئن گرم ٿئي جو سڀ حڪومتي ادارا ختم ٿي وڃن ۔۔۔

    اها مٿئين حالت قومي يا انقلابي تنظيمون پاڻ به پئدا ڪنديون آهن ته جيئن هلندڙ حڪومت منجهان کين آزادي نصيب ٿئي ۔۔۔ هن وقت سنڌ ۾ بيشڪ تمام گهڻي بدامني آهي پر خانه جنگي ناهي، بيشڪ سنڌ ۾ لاقانونيت آهي پر انجي پئدا ڪرڻ وارا سنڌي نه پر ڌاريا آهن، بيشڪ سنڌ جون حالتون هٿ وٺي وقت سان ور ور ڪري خراب ڪيون وڃن ٿيون پر اهي حالتون سنڌي نه پر ڌاريون قومون پنهنجي ڦرلٽ قائم ڪرڻ لئه ڪن پيون ۔۔۔

    اڄ به اسين سنڌي لطيف جا بيت جهونگاريندا آهيون، اڄ به اسين سنڌي مهمانواز ۽ هڏ ڏوکي آهيون، اڄ به سنڌي ذاتيون ۽ قبيلا امن جي زندگي گذارين ٿا پر جيئن ته غلاميءَ سبب ۽ ڌارين جي پئدا ڪيل بدامني سبب هر طرف اسانکي مايوسيءَ سان منهن ڏيڻو پوي ٿو انڪري اسين سنڌ جي آزاديءَ کي هڪ ناممڪن خواب سمجهون ٿا ۔۔۔ پر دوستو! جڏهن اهڙين حالتن کان تنگ اچي ڌرتيءَ جا وارث جاڳندا آهن ته انقلاب اچي ويندا آهن ۽ قومن جي ٻڏندڙ ٻيڙي تار ٿي ويندي آهي ۔۔۔

    دوستو! مايوسي ڪفر آهي، بس اوهان سڀ حق ۽ سچ جي راه تي پاڻ به هلو ۽ ٻين کي به حق ۽ سچ جي راهه جي تلقين ڪندا رهو ۔۔۔ رب العالمين سنڌين مان ئي ڪو اهڙو رهبر يا ڪو اهڙو جنرل ضرور پئدا ڪندو جيڪو سنڌين کي ڪنهن هڪ ڌاڳي ۾ پوئي سنڌيت کي نروار ڪري، آزاديءَ جون نعمتون حاصل ڪندو ۔۔۔

    هلندا رهو دوستو! هلندي هوت پنهل ڏي کهجن ڪي کوٽيون ۔۔۔ پاڻ کي کوٽو نه ڪريو ۔۔۔ اميدن ۽ آسرن سان ڪم کي هلايو ۔۔۔

    رب اوهانجو حامي ۽ ناصر ٿئي ۔۔۔ آمين
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: چاچي سان ڪچهري

    ادا چاچو بلڪل صحيح پيو چوي۔ توهان پنجاب حڪومت ڏسو جيڪي علائقا ٻڏي ويا هيا انهن کي هر سهولت ملي چڪي آهي نه رڳو اهو پر انهن کي نوان گهر به ٺاهي ڏنا اٿن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو