عاقبت جو توشو ضراب حيدر سرواڻ، ڍوريءَ مان ڪُنڍيءَ سان مُنڍا ڦاسائي، لَئِي جي ٽاريءَ مان ٺاهيل چيئن ۾ اٽڪائي، ڍوريءَ جي ڪناري ۾ ٽُنبي رکندو ٿي ويو. ڪجهه مُنڍا هُن ڪانڊيرن جي سُڪل ڍينگرين تي باهه ٻاري سيڪجڻ لاءِ اُڇلائي ڇڏيا هئا، جيڪي پچي وڃڻ کانپوءِ هُن لوڻ مرچ ٻُرڪي کاڌا پئي. سندس پويان ڦاروَن جي ٻارين مان ڪچن ڦاروَن جي گهميل سُرهاڻ واهوندي تي ڪمند جي اُڀن ڪانن مان وِٿيون ڪري لهرائيندڙ پوتيءَ جيان پئي جهالرون ڪري اُڏري. لاڙ جا رولاڪ واهوندا ساڳئي سُرهاڻ کي اُنهي تر ۾ اُڇلائي، سمن سرڪار جو پوٺو اُڪري ملڪاڻين کان جُهڏي جو ڄڻ تر وڃي پئي کنيو. هو ڍوريءَ جي جنهن ڪڙ تي ويٺو هو، اُن جي سامهون واري ٻي ڪڙ کان هڪڙو دڳُ ڌوڌڙ سان وريو پيو هو، جنهن جي ڪِنارين سان ڪلر ڄورن وانگي چُهٽيل هو. ڌوڌڙ واري دڳ تي لاريءَ جي شاهي ڦيٿن جا نشان ٿري ٽنڊن جي پيرن وانگي چِٽيا ۽ وکريا پيا هئا ۽ منظر ايئن پئي لڳو ڄڻ ڌرتيءَ جي چوليءَ تي ڪنهن سَماٽڪو ڀرت ڀري ڇڏيو آهي. اُڀرندي جي کنڀاتي ڪُنڊ کان، ڦاروَن جي ٻاريءَ جي ڀرسان واري دڳَ تان ميران ٻڪرين ۽ رِڍن جو ڌڻ چاريندي ڍوريءَ لڳ آئي ۽ ڌڻ کي ڍوريءَ ڪناري چرڻ لاءِ ڇڏي ڏنائين. رِڍون ۽ ٻڪريون، ڍوريءَ جي ڪناري تي بيٺل ڪانڊيرا ۽ ڊڀ چونڊو ڪري چرڻ لڳيون، جيڪي پنهنجي فطرت سان بيباڪ ٿي اُسريا هئا. ميران به پنهنجي فطري بيباڪيءَ سان وڌي سرواڻ جي ڀرسان آئي ۽ ڪانڊيرن جي ٻري ويل ڍينگرين جي سنهڙن ٽانڊن ۽ ڇار مان آڱر سان هڪڙو پچي ڪارو ٿي ويل مُنڍو ڪڍيائين ۽ لوڻ ٻُرڪي کائڻ لڳي. سرواڻ ميران کي ڏٺو، جيتوڻيڪ ڪانڊيرن تي سيڪيل مُنڍن جو سيڪ سرواڻ جي آنڊي ۾ هضم ٿي آڳ نه بڻيو هو، پوءِ به ميران کي ڏسي هُن جو لنؤ لنؤ ڄاهي جي خول وانگي ڪانڊارجي اُڀو ٿي پيو. مُشڪي ميران جون آج جي چوڙن سان ڍڪيل ۽ ويڙهيل ٻانهون پنهنجو سمورو شور ۽ شرابو ميران جي ڇاتين تي ڇڏينديون هُيون. آج جا سوڙها چوڙا ، ميران جي ڪارائين کان سندس گوشت روڙي بغلن جي ساحلن کان اچي سندس اُرهن جي اُڀارن تي ايئن اُڇليندا هئا، جيئن ڪِيڻ جو بليڊ پوٺي تان مِٽي روڙي ٻَنَن تي اُڇلائيندو آهي. ميران جي اُرهن جي جبل جهڙن اُڀارن جي هيٺان وارو پَٽُ ۽ ورن وڪڙن وارو پيٽ ڪنهن نَئين جيان گاج ڪري پيو ڇُلڪندو آهي. سرواڻ مُرڪي اک جو اِشارو ميران کي ڪيو، ميران پنهنجو هيٺيون چاڪليٽي چپ ڏندن ۾ ڀِڪوڙيو ۽ ڦاروَن جي ٻاريءَ ڏانهن هلي وئي، هو به ڪُنڍي واري لٺ لاڻيِءَ ۾ اٽڪائي سندس پويان ڦاروَن جي ٻاريءَ ۾ هليو ويو. سرواڻ جنهن لمحي ڦاروَن جي ٻاريءِ ۾ ميران کي ڪَل جي سَلن تي ليٽائي، سمونڊ بڻجي پائڻ شروع ڪندو هو ته سندس نيئن جي گاج ڪري وهندڙ وهڪري جهڙو پيٽ ۽ اُن تي مدراسي عورت جي شاهي دُن جهڙو ميران جو دُن، سچ پچ سنڌوءَ جي مِٺڻ ڪوٽ وٽ ٺهندڙ ڪُنن جهڙو ٿي پوندو هو. اُنهي لمحي ڦاروَن جي وڏن هاٿي جي ڪنن جهڙن پنن مان سج جا ڪرڻا ٽيپو ٽيپو ٿي ميران جي رخسارن تي ڪرندا هئا ته هوءَ انڱرن جيان تجلا ڏيندي هئي. سندسن مُشڪي کل رت جي دوري تِکي ٿيڻ تي اُکري ۾ ڪُٺيل ڳاڙهن مرچن جهڙي ٿي پوندي هئي. هوءِ اُنهي لمحي پنهنجي انتهائن ۾ لُنڊي بلا وانگي سُوسٽ ڀرڻ لڳندي هئي. لاڙ جي ٻروچياڻي جو عشق ۽ اُنس لُنڊي جيان ڍڪ هڻي، سماٽڪي يار جي انگ انگ ۾ زهر موريو بڻجي پوندو هو. خميسو خان پنهنجي گهوڙيءَ جي لوڏ تي لُڏندو واهه جي ڪڙ وٺي، ڪيلن جو اٺاس ٽپي جڏهن ڀوري ڀيل جي گهر وٽ رسيو ته مائي سونڻ گهر جي لوڙهي جي وٽ ۾ وهندڙ واٽر تي ڪپڙا ويٺي ڌوتا.سونٽيءَ جي سٽڪن تي پاڻيءَ جون ڦينگون، سندس گج تي آلاڻ جو نقشو چِٽي چُڪيون هُيون، لاڳيتن سٽڪن تي سونڻ جي ڪڇن مان ٽِمي آيل پگهر سندس اُرهن جي ڪَپن کان بنگال جو اُپسمنڊ ٺاهي چُڪو هو. اُن ويل چانديءَ جهڙي جرڪندڙ سونڻ اسڪاٽ لينڊ جي ڪنهن برفيلي چوٽيءَ جهڙي لڳي رهي هئي. سونڻ خميسي خان کي ڏٺو ته اُٿي کڙي ٿي ۽ هيڏانهن هوڏانهن واجھايائين ۽ پوءِ لوڙهو اُڪري ڪکائين چؤنري جي ڪُنڊ ۾ هلي وئي. سندس اهڙي خاموش معاهدي تي جيتوڻيڪ فطرت کي به حيرت پئي ٿي، پوءِ به چؤنري جي چؤگرد واريون هوائون سونڻ ۽ خميسي جون رکواليون ٿي ڦيريون پائڻ لڳيون. سونڻ جي آلي ٿي ويل ۽ پگهريل بدن مان رکي رکي ڀيلڪي بُت جي بوءِ، بمبئي جي کاجورا بيئر جهڙي لڳي رهي هئي. خميسي جنهن ويل سونڻ جي سفيد بُت تي پنهنجي شهپرن سان ڍڪيل ٿُلهن چپن سان سُرٻاٽ ڪيا ته هوءَ به آپي کان نڪري وئي، خميسي خان جي ماتا واري مُنهن تي سنهڙو پگهر، اُن ويل ايئن اُسري آيو جيئن نِم جي ڇِلرن واري ٿُڙ تي کٽو ۽ ڪڙو کونئر نسري ايندو آهي. مائي سونڻ جي ڪُک ته ڀوري ڀيل سائي ڪين ڪئي هئي پر خميسي خان جو ڪَلر (ڀاڻ) به سندس ڪُک جي مِٽي لاڳيتو ٽِن سالن کان آباد ڪري نه سگهيو هو. سونڻ جي ٻنيءَ کي کيڙيندڙ ٻه ڏاند، ڀورو ڀيل ۽ خميسو خان ڄڻ ته چاڪيءَ جا ڏاند ئي بڻجي رهجي ويا هئا جن پنهنجو ۽ سونڻ جو رڳو تيل ئي ڪڍيو هو پر ڪوبه چراغ روشن ڪري نه سگهيا هئا. انڪري هاڻي مائي سونڻ کي به ڄڻ پنهنجي لذتن ۾ مِٺا ۽ هلڪا سور محسوس ٿيندا هئا، جن ۾ مزي سان گڏ ڪوفت ۽ ڪِرڀ به شامل هوندي هئي. سمن سرڪار جي پوٺي تي اڄ سائو سومار هو، ڍوريءَ جي اولهاوين ڪڙ کان سُتل مِٽي ۽ ڪلر وارو دڳُ، واهوندن جيان وهي پيو هو. لاريون چِڪار ٿيو سمن سرڪار تي پئي ويون، اُنهي سومار جي سائي خوشي ميران جي کاڄ ۾ به شامل ٿي وئي. واڍگاهي واري پاسي کان بيل گاڏين ۾ ميران جي گهوٽ جي ڄڃ، ڍوريءَ جي اُڀرندي ڪڙ کان هلندي وڃي کنڀاتي طرف کنيو جتي ميران ڪنوار بڻي ويٺي هئي. سرواڻ اُن لمحي سمئي سمن سرڪار جي پوٺي تي ناچڻين جي ڇيرن ۾ ميران جي آج وارن چُوڙن جو رنگ ڳولهي رهيو هو. سرواڻ ميران جي نَئين جهڙي ڇلڪندڙ پيٽ ۾ سدائين مانجهاندي مهل، جيڪو پنهنجي مانجھانڌري جهڙي وهيءَ جو ٻج ڇٽيندو رهيو هو سو ڪجهه ڏهاڙا اڳ گؤنچ بڻجي پيو هو، اُن کان اڳ جو اُهو گؤنچ سَلو بڻجي ۽ ميران ۽ سرواڻ تي قهر جو ڪاڙهو ٿي ڪڙڪي، ميران کي ڇانؤ جهڙي گهوٽ جو ڇانورو ملي ويو ۽ سرواڻ رات جي تاريڪيءَ جي خوف کان آجو ٿي ويو. تنهنڪري ئي اڄ سرواڻ جو سينو سمن سرڪار جي پوٺي جيان ڪشادو ٿي پيو هو ۽ ناچڻين وانگي نچي ڪُڏي رهيو هو. خميسي خان کي ٽيون پُٽ ڄائي ڇهه مهينا گذري ويا هئا، اُن ساڳئي سائي سومار واري ڏينهن مائي سونڻ ڪُک سائي نه ٿيڻ وارن مِٺن هلڪن سورن جي لذت ۾ ڪِجهندي ڄڻ خميسي خان کي طعنو ڏئي ڪڍيو هو، ”رئيس گرجين ته ايئن پيو ڄڻ وڏا ٿر وسائي ڇڏيا اٿئي! پر رئيس تو وارو پگهر ۽ ڪلر (ڀاڻ) مون ڀيلياڻيءَ جي پاڻيءَ وانگي بي رنگ آهي.“ لذت جي سيلاب ۾ اُن لمحي ته خميسو پاڻ وهي ويو هو پر واپسي مهل کيس گهوڙيءَ جي لوڏ ۽ پنهنجي هوڏ، خالي پينگهه وانگي اُتر کان ڏکڻ قطب تائين پؤري لڳي هئي. هو اُنهي خالي پولار ۾ بولاٽيون کائيندو جڏهن پنهنجي حويليءَ وٽ رسيو ته سندس گهر واري پريان جوئار جي چيلهه جيڏن ٻوڙن مان ٿڪل وکون کڻي موٽي رهي هئي. جيتوڻيڪ سندس وکريل وار واءُ جو ڪوبه ڏوهه ڀاسي نه رهيا هئا پر جوئار جي پڇاڙڪي ٻاريءَ وٽان دوسو ڪڙميءَ جي چلت ڪا چڱي ڪانه لڳي هئس، جيڪو ڪلهي تي ڪوڏر رکيو ايئن پئي تڪڙو ويو ڄڻ هاڻ هاڻي خميسي خان جي گهر کي کاٽ هنيو اٿائين. اُنهيءَ ويل خميسي خان جي ڪنن مان مائي سونڻ جو طعنو سُوسٽ ڪري نڪري ويو ۽ ڇهه مهينا اڳ ڄاول سندس پُٽ سگهارو خان ڌُوڙ جو طوفان بڻجي اکين کي لَٽي ويو. اُن کان اڳ جو خميسو خان دونالي مان ڪارتوسن جا دونهان ڪڍي پنهنجي گهر واريءَ کي ڍيري ڪري رکي، سندس سامهون پنهنجي پيءَ جو نالو اچي ويو جيڪو هُن ڇهه مهينا اڳ پنهنجي ڄاول پُٽ تي عاقبت بچائڻ لاءِ رکيو هو. خميسو خان آڌيءَ سوڌو پنهنجي اوطاق ۾ مڌُ پيئندو رهيو ۽ پوءِ گهوڙن جي طنبيلي کان پاسو وٺي جوئار جي فصل ۾ لهي ويو. دوسو ڪُڙمي، ڦاروَن جي ٻاريءَ ڀرسان ڪمند جي اَٺاس تي پاڻي واري رهيو هو. پنجين تاريخ جو پنجون چنڊ سويل ئي ڌرتيءَ جي ٻئي ڀر وڃي لِڪو هو، آڪاس جي اُگهاڙي پيٽ تي رڳو تارا ئي ٽانڊاڻن جيان ٽِمڪي رهيا هئا. دوسو ڦاروَن جي هڪ کِريي تي ٻيڙي دُکائي ويٺو هو ۽ شايد آڪاس ۾ تارا تڪي ٽيم جانچي رهيو هو پر کيس پنهنجو ٽيم پورو ٿيڻ جو ڪو وهم گُمان ئي ڪونه هو. اوچتو ڪمند جي اَٺاس کان هُن ڪنهن شخص کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏٺو، اُهو شخص ايترو ته تڪڙو هو جو کن پل ۾ سندس ويجهو اچي رسيو. دوسوءَ اونڌهه ۾ شخص کي ڪونه سُڃاتو سو هڪل ڪري چيائين، ”ڪهڙو آهين“ ڪُهاڙيءَ جي وار سان هڪڙو آواز هُليو، ”ويهي رهه بس ڪري، تون ڪارو آهين.“ دوسوءَ جي مٿي مان رتُ ٺينڊيون ڪري وهي ڦاروَن جي کِرين ۾ جذب ٿيڻ لڳو. واهوندا اُن شخص جو ڳالهاءُ پاڻ سان کڻي خبرناهي ڪهڙي تر وڃي نڪتا. دوسوءَ کي ڪارو چوڻ وارو اُهو آواز ڦاروَن جي هاٿي جي وڏن ڪنن جهڙن پنن به نه ٻُڌو نه ئي وري اڄ سوڌو ڪو لوڪ ئي سُڻيو.
معاشري جي عڪاسي ڪندڙ هڪ اهڙي ڪهاڻي، جيڪا حقيقت آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ جيڪي رومانٽڪ الفاظ آهن، سي ته ڪُجھ ماڻهن کان برداشت ئي نه ٿيندا، ڇوته ڪهاڻي شروعات ۾ پريم ڪٿا پئي لڳي ۽ پريم ڪرڻ اسانجي معاشري ۾ سنگين ڏوھ سمجھيو وڃي ٿو.. خئير.! ان ڪهاڻي کي پڙهي اهو سمجھ آيم ته ”ڪارو“ صرف غريب هوندو آهي، رئيس ته اڇو هوندو آهي. باقي تشبيهون ڏيڻ جو ڏانءُ توهانکي مالڪ سائينءَ خوب عطا ڪيو آهي "ميران جي نَئين جهڙي ڇلڪندڙ پيٽ ۾ سدائين مانجهاندي مهل، جيڪو پنهنجي مانجھانڌري جهڙي وهيءَ جو ٻج ڇٽيندو رهيو هو" غضب جي تشبيھ ، ڪمال جا لفظ..