• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : دل آهي هٿن ۾ ٿو خريدار کي ڳولهيان

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
دل آهي هٿن ۾ ٿو خريدار کي ڳولهيان
بازارِ محبت ۾ طلبگار کي ڳولهيان

قيمت جي آ منهنجي دل فقط يار محبت
سستو هي سودو ناهي زر جي ضرورت
باقي گھُرجي وفا ٿِي ٿو وفادار کي ڳولهيان


دل پنهنجي اٿم ڪرڻي حسينن جي حوالي،
ڪو سُهڻو خريدار ٻَنِي دل کي سنڀالي،
ٿو در در اڄ حُسن جي سرڪار کي ڳولهيان

وپارا جيئن اهڙو لطيفن سان ٿئي ٿو
دل مفت ۾ هڪ عاشق ناشاد ڏئي ٿو
ٿو قرب جي ميدان ۾ قربدار کي ڳولهيان​

آواز : ماسٽر چندر

 
Back
Top