اهي دل لڳيءَ جون ڳالهيون، دل ۾ هزار آهن، ڪهڙيون ڀلا ٻُڌايان، هي ته بيشمار آهن. او دل لڳائيندڙ! هن پڙ ۾ نه پير پائج منزل ذرا ڪٺن آ دل سوچي سمجھي لائج گل کي ڇنج سنڀالي، گل ساڻ خار آهن مومل به ڪاڪَ تي هُئي، ڪونڌر هزار ڪُهندي مومل ڏٺم اُهائي راڻل جي لاءِ روئندي ڪٿي مومل ڪٿي مينڌرو، ٻئي ڌار ڌار آهن. سسئي به هوت خاطر، ڪيئن موت هو قبوليو پٿرن تي سر ٿَڪائي پهڻن تي پاڻ روليو جواني هِي جَنهن جلائي ڇا هي ته گنوار آهن!؟ بلبل به ڏٺم مون وٽ، روئندي خزان ۾ آئي گل کان سواءِ چيائين دل چندر آ گھٻرائي خوش ٿي به ڪيئن سا کلندي!؟ جنهنکي خمار آهن آواز ۽ ڪلام : ماسٽر چندر