• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : قسمت ڪئي جُدائي ڪنهن تي ميار ناهي

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
قسمت ڪئي جُدائي ڪنهن تي ميار ناهي
خير ڇا به ٿي پوي ته به ٽٽڻو ته يار ناهي

دل اهڙي ڳنڍيل آهي، ڇڄڻي ته اصل ناهي
باقي جدا رهڻ جو، ڪجهه انتظار آهي

جنهن کي ڏني اٿم دل، شل سو نه ڇني ناتو
پرواھ ٻئي جي ناهي، هڪڙي جِي ته يار آهي

دل جي آ آس دل ۾، شل آس ٿيندي پوري
هڪ ڏينهن مونکي توسان، ملڻو ته يار آهي

جنهن لئه ”چندر“ روئي ٿو، سوبه ته روئندو ته هوندو
مونکي ٿي دل ٻُڌائي هُن کي به سار آهي.
آواز ۽ ٻول : ماسٽر چندر


 
Back
Top