• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : ڏُک درد سهندي سهندي دل ٿي چري چري آ

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
ڏُک درد سهندي سهندي دل ٿي چري چري آ،
پرزا جسم سڄوئي ٿي ويو ذري ذري آ.

مٺ مٺ سورن سڀ ڪنهن، پر مون وٽ ڀانئن ڀاڻ
سرتيون شايد آيا ڪي اصلي منهنجي ڪاڻ
هاڻي ڀينر سنجھي ساڻ، مونسان سور اچي سنگتي ٿيا.


سُک جو نه آسرو رک، دنيا مان سُک نه ملندو
دنيا مان فقط ڏُک ئي ملڻو وري وري آ.

دکن سکن پاڻ ۾ ڪيو گذارو گڏ،
نڪا هُن ئي حليمت ڪئي نڪو هُن ئي ورايو هڏ
جڏهن سکن ڪيو سڏ، تڏهن سور اچي سامهون ٿيا


سُک جا درياھ اوکو، وٺ آسرو الک جو،
تک تار مان چندر تون جل ٿي تري تري آ.
آواز ۽ ٻول : ماسٽر چندر

 
Back
Top