• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : مارين يا جيارين ٻوڙين توڙي تارين مٺا تنهنجي مرضي

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
مارين يا جيارين ٻوڙين توڙي تارين
مٺا تنهنجي مرضي، ڍولڻ تنهنجي مرضي

تنهنجي ڏنل درد کي دل سان سهندس ڪجھ نه چوندس،
ملي آ محب وٽان مهماني مٿان مٿان مرڪي چوندس
مارين يا جياري، ٻوڙين توڙي تارين.


تنهنجي ئي ريجھائڻ سان روح کي ڪُجھ ڪُجھ راحت ٿئي ٿي
فڪر دنيا جا ٿي ٿا وڃن فنا، ڪجهه فرحت ٿئي ٿي
مارين يا جياري، ٻوڙين توڙي تارين.

تنهنجي ئي راز سان منهنجي ڀاڳ جو نيٺ ته نبيرو ٿيندو
تنهنجي ئي رحم نظر سان چندر ته وقت ۾ ڦيرو ايندو

آواز ۽ ڪلام : ماسٽر چندر

 
Back
Top