• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : تنهنجي ڪاوڙ ۾ آ قرب گھڻو، تنهنجو پيار الائي ڇا هوندو

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
تنهنجي ڪاوڙ ۾ آ قرب گھڻو، تنهنجو پيار الائي ڇا هوندو،
تون پردي ۾ به ڏاڍو ٺهين ديدار الائي ڇا هوندو.

نڪي ڪنهن سان ملين نڪي ڪنهن سان کلين
نڪي چپڙا چورين ڪنهن سان ڳالھ ڪرين
هروقت سڄڻ خاموش رهين اظهار الاءِ ڇا هوندو

هر سوال تي تون خاموش رهين
رڳو ڏسندو رهين ڪُجھ ڪينَ ڪُڇين،
جيئن سادو رهين تيئن ڏاڍو ٺهين، تنهنجو آرو الائي ڇا هوندو،

ويو ”عبد“ وڪامي تو وٽ آ، بنا شرط شروط جي آهي گدا
تنهنجي نهڪر ۾ به لطف مٺا! اقرار الائي ڇا هوندو.
ٻول : عبد چانڊيو
آواز : ممتاز مولائي
 
Back
Top