• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽُٽي عشق جي سِر تي آفات پئي آ

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
ڪلام : حضرت دادن فقير



ٽُٽي عشق جي سِر تي آفات پئي آ،
جلي جوش ۾ پنهنجي جسمات پئي آ.

نڪي آهي فرحت نڪي آهي فرصت
لڳي ساھ سان ڄڻ سڪرات پئي آ.

تڪيان ويٺو تارا چوان ويٺو هر هر،
اچي اوچتو مَن اجھا رات پئي آ.

هُو ويهي فقط هُن جي ويهڻ جي دير آ،
ٺهي يار جِي دل ۾ محلات پئي آ.

ڪڏهن ڇا حجابن جي مارئي کان دادن!؟
ملاقات جي وٺڻي خيرات پئي آ.
 
Back
Top