بي دادگي بي جُرم ائين دلبر نه ڪندو ڪر
مون زار طلبگار کي منتظر نه ڪندو ڪر
ڪُهڻو جي اٿئي ڪُھن ڀلي شوق سان مونکي
خنجر کڻي هٿ ۾ وري مونکي نهڪر نه ڪندو ڪر
بيدرد آن جو عشق جو صدمو نه ڏٺو ٿئي،
هيئن وعدو ڪري پوءِ وري ويسر نه ڪندو ڪر
دادن جو سُڻي عرض ڪيو، غرض ڪڏهن ڀي،
هڪ رات ملاقات کان نهڪر نه ڪندو ڪر.
مون زار طلبگار کي منتظر نه ڪندو ڪر
ڪُهڻو جي اٿئي ڪُھن ڀلي شوق سان مونکي
خنجر کڻي هٿ ۾ وري مونکي نهڪر نه ڪندو ڪر
بيدرد آن جو عشق جو صدمو نه ڏٺو ٿئي،
هيئن وعدو ڪري پوءِ وري ويسر نه ڪندو ڪر
دادن جو سُڻي عرض ڪيو، غرض ڪڏهن ڀي،
هڪ رات ملاقات کان نهڪر نه ڪندو ڪر.