مرندس ته اچي يادون، ڳوڙهن کي چميون ڏيندئي، ڳوڙهن جون وهي لارون، ڳلهڙن کي چميون ڏيندئي. اهي ڳلڙا اُگھندي اُگھندي رومان پُسي ويندئي، ۽ لڙڪ ڪِرِي يارو دامن کي چميون ڏيندئي ڪم ڪار جي سانگي سان منهنجي شهر جڏهن ايندين، هن شهر جي مٽي ڀي، پيرن کي چميون ڏيندئي.. ماضيءَ جي تصور کي مدهوش ڪندين ڪاڏي!؟ جنهن ويل ڏٺل منظر، نيڻن کي چميون ڏيندئي. ٻول : احمد خان مدهوش آواز : ممتاز لاشاري