• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : سهڻيون اکيون تنهنجيون سڄڻ

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر

سهڻيون اکيون تنهنجيون سڄڻ،
جنهن کي ڏسن، تنهن کي ڪُهن.

ڪجليون ڪڪوريل ٿو چوان، گھايو وجھن هڪ گھُور سان،
نازڪ نهاري ناز مان، پهرين نظر سان خاڪ ڪَن.

دانئه ديوانا ٿي ويا، نظرن نهوڙي ڪئي نِهار،
مستانا سَوَ سالِڪَ ٿيا، سهڻيون سلامت شل هجن.

جن جي نشي نروار ڪيو، هڪ عشق ۾ اظهار ڪيو،
پَل پَل پڌر جن پيار ڪيو، طالب وراڳيو ٿيو وتن.



ٻول : مخدوم طالب الموليٰ
آواز : رونا ليلا


 
Back
Top