• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرن واري پٽي ۔۔۔ يا ؟؟؟

نثارابڙو

نائب منتظم
اسانجي پياري دوست رشيد، سنڌ سلامت جي دوستن جي پرزور فرمائش تي سنڌ سلامت تي خبرن جي پٽي هلائي آهي ۔۔۔ تمام سٺو عمل ڪيو اٿس، هر انسان چاهيندو آهي ته هو تازي خبرين کان باخبر رهي ۽ ملڪي حالات تي نظر رکي ۔۔۔

مون جڏهن پٽي ڏٺي ته ٻه ڳالهيون ذهن ۾ آيون ته ؛
1۔ ادو رشيد مس مس واندو ٿيو آهي ۽ دوستن جي فرمائش پوري ڪئي اٿس۔
2۔ هاڻ تازيون خبرون پيون ڏسبيون ۽ باخبر رهبو۔

دوست رشيد، منهنجا سهڻا ڀا، منهنجي جان، اڄ ٻيو ڏينهن گذري ويو آهي پر ساڳيون ئي خبرون پيون ڦرن ، ساڳيون خبرون ڏسي ڏسي ۽ هر ڀيري اها ڏسڻ جي ڪوشش ته شايد هاڻ تازگي ٿي هجي ته مايوسي ٿي ۽ هاڻ ته پٽي زهر لڳڻ لڳي آهي ۔۔۔

ڀلا اها پٽي تازي به ٿيندي يا ساڳيون خبرون پيون ڦرنديون؟ يار اها خبر اسان لئه تازي هوندي ۔۔۔

دعائن ۾ گڏ ۔۔۔
 
جواب: خبرن واري پٽي ۔۔۔ يا ؟؟؟

سائين اها پَٽي منهنجي خيال ۾ هڪ هفتي کان پوءِ‌ اپڊيٽ ٿئي ٿي۔۔۔۔۔ انهيءَ‌ڪري منهنجي انتظاميه کي گذارش آهي ته جيڪڏهن پنهنجي طرفان هڪ پَٽي تيار ڪئي وڃي ته بهتر ٿيندو۔۔۔ ان جي لاءِ ٻه يا ٽي اهڙن ميمبرن جي ڊيوٽي لڳائي وڃي جيڪي سڄو ڏينهن نه ته اڌ ڏينهن يا ڀلا ٻه ٽي ڪلاڪ ئي انٽرنيٽ‌کي ڏيندا هجن۔۔ ۽ خبرن جا شوقين هجن
 
جواب: خبرن واري پٽي ۔۔۔ يا ؟؟؟

نه سائين اهڙي به ڳالهه نه آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جو پٽي تازي نه ٿئي۔۔۔۔
ڪنهن تڪڙي يا اهم خبر جي اچڻ سان پٽي تازي ٿي ويندي آهي نه ته عام طور 24 ڪلاڪن ۾ هڪ دفعو تازي ضرور ٿيندي آهي۔۔۔ وڌيڪ ڪجهه ڏينهن هن سلسلي کي هلڻ ڏيو ۔۔۔ ماندا نه ٿيو جي نه ته ڪو ٻيو حل ڪڍيو ويندو۔۔۔
 
جواب: خبرن واري پٽي ۔۔۔ يا ؟؟؟

ادا سائين اهي به سائين رشيد صاحب جون مهربانيون۔
 
جواب: خبرن واري پٽي ۔۔۔ يا ؟؟؟

سائين اسان جو ڪم هو پٽي کي اتي آڻڻ باقي ان ۾ خبرن کي چينج ڪرڻ ۽ اپ ڊيٽ ڪرڻ چينل وارن جو ڪم آهي سو ڏسون جي نه ٿا ڪن ته ان پٽي کي هٽائي ڇڏبو
 
جواب: خبرن واري پٽي ۔۔۔ يا ؟؟؟

سائين رشيد صاحب اوهان صحيح پيا چئو پر ۔۔۔ مان جيڪا صلاح ڏني آهي۔۔ جيڪڏهن ان تي غور پڻ‌ڪيو وڃي۔۔
 
جواب: خبرن واري پٽي ۔۔۔ يا ؟؟؟

سائين اسان جو ڪم هو پٽي کي اتي آڻڻ باقي ان ۾ خبرن کي چينج ڪرڻ ۽ اپ ڊيٽ ڪرڻ چينل وارن جو ڪم آهي سو ڏسون جي نه ٿا ڪن ته ان پٽي کي هٽائي ڇڏبو

ها ها ها ۔۔۔ مطلب ته نه هوندو بانس نه وڃندي ۔۔۔۔ ؟ بانسري ۔۔؟
 
جواب: خبرن واري پٽي ۔۔۔ يا ؟؟؟

سائين نثار ابڙو ۽ ادا مست جي مٿو پڪڙي ويهڻ کان پوءِ مرڪزي صفحي تي موجود ان خبرن واري پٽي کي تبديل ڪيو اٿم۔۔۔۔ اميد ته هن دفعي خبرون وقت تي تبديل ٿينديون ۔۔۔۔۔۔ ۽ ها سنڌ سلامت جي ٽيمپليٽ سان ٺهڪندڙ هي پٽي توهان کي ڪيئن لڳي اهو ضرور ٻڌائيندا۔۔۔۔۔
 
جواب: خبرن واري پٽي ۔۔۔ يا ؟؟؟

حقيقت ۾ هاڻ هاڻ پٽي جي باري ۾ سوچي ئي رهيو هيس ته ايتري شاندار پٽي ۽ اها به تازين خبرن سان ۽ وري پنهنجي اوطاق جي رنگن سان ملندڙ جلندڙ ؟ سوال اڀريا ٿي جواب سوچيم ٿي ته اوهانجي ليک تي نظر پئي ۔۔۔

وڏي مهرباني يار رشيد! جادوگري جا ڪم ته اوهان ڪرڻ ڄاڻو ٿا ، سو وڌيڪ ڇا چئجي ۔۔۔ پٽي ڪمال جي آهي بس هاڻ ڏسجي ته اها تازي ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿئي ٿي ۔۔۔؟

ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔
 
جواب: خبرن واري پٽي ۔۔۔ يا ؟؟؟

سائين ان کان وڌيڪ ڇا چئجي۔۔۔؟
تُسي گريٽ هو۔۔۔۔۔
 
جواب: خبرن واري پٽي ۔۔۔ يا ؟؟؟

تمام بهترين وقتائتو قدم آهي

مان ان پٽي لڳائڻ تي سنڌ سلامت فورم جي ايڊمن کي مبارڪ باد پيش ڪندس

ته تمام سٺو فورم جي لا۽ قدم کنيو اٿائين

سدائين گڏ
 
جواب: خبرن واري پٽي ۔۔۔ يا ؟؟؟

تمام بهترين وقتائتو قدم آهي

مان ان پٽي لڳائڻ تي سنڌ سلامت فورم جي ايڊمن کي مبارڪ باد پيش ڪندس

ته تمام سٺو فورم جي لا۽ قدم کنيو اٿائين

سدائين گڏ

سائين واقعي هن قدم جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي۔۔
 
Back
Top