ضراب حيدر هڪ غريب دؤر جي امير ڪهاڻي....

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ضراب حيدر طرفان آندل موضوعَ ‏26 اپريل 2017۔

  1. ضراب حيدر

    ضراب حيدر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    ريسرچ فيلو.
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    هڪ غريب دؤر جي امير ڪهاڻي
    ضراب حيدر

    هُن اڃان پنهنجي پهرين ڪهاڻي ڪونه لکي هُئي، الڳ ٿلڳ ته هوءَ ننڍپڻ کان ئي هئي، پر جڏهن جوانيءَ ۾ داخل ٿي هئي، ته ڪي قدر مختلف ضرور ٿي وئي هئي. هُن جي سوچن جو محور مادي شيون ڪين هيون، هوءَ سوچيندي هئي تارن متعلق، هُن ستارن جا رستا آسمان ۾ تڪي ۽ جانچي ورتا هئا. چنڊ هُن سان چِلوِلايون يا سرگوشيون نه ڪندو هو، چنڊ ته هُن کي پنهنجي اڪيلائي جي چانڊوڪي ارپيندو هو، هوءَ گلن ۽ پوپٽن سان گڏ وليم ورڊس ورٿس جي نظم ’سوليٽري ريپر‘ واري لابارو ڪندڙ ڇوڪريءَ بابت سوچيندي هئي، هوءَ پڻ چاهيندي هئي ته هوءَ به ڪو اهڙو گيت اهڙو آواز بڻجي وڃي جيڪو صدين تائين ماڻهن کان نه وسري.

    هُن مڪتب لاءِ جڏهن پهريون ڀيرو پنهنجي ڪتابن جي ڳوٿري کنئي هئي ته هُن ڪتابن ۽ ڳالهين جي وزن کي پرکي ورتو هو، ۽ هُن کي اِهو پڻ احساس ٿيو هو ته سندس ذات ۽ قبيلي کان هڪ ڪتاب جو وزن ڪيقدر معنيٰ وارو آهي. معنيٰ، جيڪا هُن پنهنجي اندر مان دريافت ڪئي هئي، هُن محسوس ڪيو هو ته ڏسڻ ۾ نه ايندڙ روح جو مايو ۽ ماپو، جسم جي آڪڙ ۽ ٿورائي ۾ ڪٿي ٿو سمائي سگهجي. هوءَ چاهيندي به عام لوڪ وانگي ڪنهن لوڪ آکاڻيءَ ۾ سمائجي نه سگهي هئي. نه ئي وري اُنهن هزارن ڇوڪرين وانگي پاڻ کي ڪنهن اهڙي سپني ۾ اڙائي سگهي هئي، جيڪي ماڻهوءَ جي هيڪلائي ۾ حصيدار ٿي ويندا آهن. هوءَ ته آلودا هوائن متعلق ويچاريندي هئي، هوءَ اڪثر حيرت ۾ رهندي هئي ته ماڻهن جا مجسما، بُتن جيان مئل ڇو آهن، ۽ مُرڪون پنکڙين بدران ماڻهن جي چپن تي ڇو ڪونهن.

    اڳتي هلي هُن جڏهن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون هيون ته کيس پتو پيو هو ته دنيا جا کوڙ سارا ماڻهو ڪهاڻيون هوندا آهن، دنيا جا کوڙ سارا ماڻهو ڪهاڻيڪار هوندا، جيڪي پنهنجون ڪهاڻيون وڪڻي کپائي ڇڏيندا، ۽ کوڙ ڪهاڻيڪار ڪهاڻيون لکندي به ڄڻ بي زبان ۽ گُگدام هوندا آهن.

    ڪهاڻيءَ کي زبان ڪهڙي معاشري ۾ هوندي آهي؟ ڪهاڻيون ڳالهائيندي ٻولائيندي به ڪيڏيون گونگيون هونديون آهن دنيا جي اُنهن سڀني معاشرن ۾ جيڪي پنهنجي اندر ۾ ڏاڍا سوڙها هوندا آهن، ۽ هوءَ جنهن معاشري جو حصو هئي اُتي سرحدن کان بالاتر ۽ لامحدود هيون ته صرف روايتون، اُتي زبان وارا صرف رسمون ۽ رواج هئا. هُن کي محسوس ٿيندو هو ته هُن به پنهنجي ڪهاڻين کي نيلام ڪيو آهي، هوءَ ڪهاڻيڪار هوندي به ڄڻ بي زبان گگدام آهي.

    هُن اڃان جڏهن ڪهاڻيون لکڻ شروع نه ڪيون هُيون ته هُن جي زندگيءَ جو گذر هڪ ڪهاڻيڪار جي ڀرسان ٿيو هو، جنهن سان هُن ڪڏهن به لفظ اُچاري ڳالهايو ڪونه هو، نه ئي وري اُن ڪهاڻيڪار ساڻس ڪا جملن جي ڏي وٺ ڪئي هئي، اُهو گونگو ۽ بي زبان ڪهاڻيڪار جيڪو پنهنجي مجبورين اڳيان وڪبو ۽ نيلام ٿيندو رهيو هو، سو جڏهن رخصت ٿيو هو ته هوءَ دنيا جي ميلي ۾ بنهه اڪيلي رهجي وئي هئي. پنهنجي اڪيلائيءَ کي ڪو ميلو بڻائڻ لاءِ هُن ڪهاڻين جا سرڪس کوليا هئا، ڪهاڻين جون چوڏيلون ڦيرايون هيون، پر باوجود هوءَ هڪ ڪهاڻيڪارا هجڻ جي پنهنجي ۽ اُن گونگي ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻي ڦيرائي نه سگهي هئي، گهڻو اڳتي هلي کيس پتو پيو هو ته ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ئي ميلي ۾ اڪيلو رهجي ويندو آهي، ائين ئي هُن سان به ٿيو هو. هُن جون پنهنجون ڪهاڻيون ۽ ڪردار کيس اڪيلو ڪرڻ لڳا هئا.

    اُهو ساڳيو گونگو ڪهاڻيڪار جيڪو سندس پاڙي ۾ هڪ مسواڙ جي جاءِ ۾ رهندو هو ۽ سموري پاڙي وارن لاءِ نه وڻندڙ ۽ پرسرار شخص طور مشهور ٿي ويو هو، سو سندس پاڙي ۾ اهڙي جاءِ ڪرائي تي وٺي رهڻ لڳو هو، جيڪا سالن کان بند هئي. ماڻهن جو چوڻ هو ته ساڳئي جاءِ ڏاڍي ڳري آهي. جنهن ۾ ڪنهن غيبات جو واسو آهي. ڪيترن ماڻهن گهڻو اڳـ۾ اُن جاءِ کي رهڻ جهڙو بڻائڻ لاءِ پنهنجا ٽين ٽپڙ اچي سجايا به هئا پر خوف ۽ وهم جو احساس کين چند ڪلاڪن جي، ويهڻ ڪونه ڏيندو هو، جنهن ڪري کين پنهنجا ٽين ٽپڙ ڪُلهي تي کڻڻا پئجي ويندا هئا. پر اُهو گونگو ڪهاڻيڪار ئي واحد ماڻهو هو، جيڪو لاڳيتي ڏيڍ هفتي کان اُن جاءِ ۾ ٿانيڪو ٿي چُڪو هو.

    هوءَ ڇوڪري جيڪا پاڻيءَ جهڙي شفاف سوچ رکندي هئي ۽ پنهنجو پاڻ رسالن ۽ ڊائجسٽن سان وندرائيندي هئي، اُن جي ڪمري جي هڪڙي ڳڙکي، اُن گونگي ڪهاڻيڪار جي اڱڻ ۾ کُلندي هئي، جيڪا ورهيه ٿيا هئا، ڪوڪا هڻي صفا بند ڪئي وئي هئي.

    گونگي ڪهاڻيڪار جڏهن کان اُها ڳري ۽ خستا جاءِ وسائي هئي ته پاڙي جي ماڻهن کي حيرت ڳڻتي سان گڏ وسوسا به ورائي ويا هئا، هو اُن ڪهاڻيڪار جي باري ۾ پنهنجي ذات کان وڌيڪ سوچيندا هئا، جيڪو پراڻن آثارن جهڙو چهرو رکندو هو، بنهه خاموش رهندو هو، ۽ اويلن وقتن تي ايندو ويندو هو. ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته اُهو ڪهاڻيڪار ضرور ڪو ڪفن چور آهي. يا وري ڪو عامل آهي، جيڪو راتين جو قبرستانن ۾ وڃي چِلا ڪٽي ٿو. پاڙي جا رنگ روٽ ڇوڪرا ۽ نوجوان کيس روح ڪوٺيندا هئا، رات جو دير تائين ڳلين ۽ گهٽين ۾ ويهي ڪچهريون ڪندڙ ساڳيا رولاڪ ڇوڪرا جنهن ويل به کيس پري کان ايندو ڏسندا هئا ته سُس پُس ۾ هڪ ٻئي کي اِهو چئي خاموش ٿي ويندا هئا ته:

    ”اڙي! ماٺ ڪريو، مسٽر روح پيو اچي.“

    اُهو گونگو ڪهاڻيڪار سندن خاموشي اختيار ڪرڻ تي هڪڙي طنزيا مُرڪ مٿن اُڇلائي هليو ويندو هو، جنهن تي اُهي رولاڪ ڇوڪرا ويتر سراپجي ويندا هئا.

    هڪ ڏينهن سندس ننڍي ڀاءُ، سندس ڀرسان ويهندي آهستگيءَ وچان چيو هو.

    ” آپي! ڪَنُ هيڏانهن ڪر ته هڪڙي ڳالهه ٻُڌايانءِ.“

    هُن جڏهن پنهنجي ڪَن ۾ پيل وڏو ايرنگ هَٿ سان مٿي ڪري، پنهنجو ڪَن سندس ڀرسان ڪيو هو ته، سندس ڀاءُ ڪَن ۾ سُس پُس ڪندي چيو هو،

    ” آپي، پنهنجي ڀر واري پراڻي جاءِ ۾ جيڪو وڏن وارن وارو ڪاڪو رهيو آهي نه، اُهو روح اٿئي!“

    اُنهي لمحي هُن کينچلي انداز ۾ پنهنجي ننڍي ڀاءُ سان سُر ملائيندي چيو هو ته،

    ”هانء، سچ به!!؟“

    ”ها، آپي سچ.“

    هُن کي وڌيڪ مزو اچي ويو هو، ۽ ڀاءُ کي چيو هئائين،

    ”پوءِ، ڀلا اُن روح کي ڦاسائڻ لاءِ ڪو منتر پڙهئون.“

    ننڍڙي ڀاڻس خوفائتو منهن ٺاهيندي چيو هو،

    ”نه آپي نه، مون کي ته ڊڄ ٿو ٿيئي.“

    ۽ هو، ڀڄي ٻئي ڪمري ۾ هليو ويو هو.

    اُنهي ڏينهن شام جو سندس پيءُ، سندس ماءُ کي چيو پئي، جيڪو هُن گهڙامجيءَ تان گهڙي مان گلاس ۾ پاڻي اوتيندي ٻڌي ورتو هو.

    ”ٻڌو اٿئي، ڀاڳن ڀري، اِهو جيڪو ڀرسان واري پراڻي جاءِ ۾ ماڻهو اچي رهيو آهي نه، سو پاڙي وارا چون پيا ته ڏاڍو اويلو ٿو موٽي. پر ميرل دڪان واري چيو پئي، اِهو ماڻهو عامل آهي، علم وغيره ٿو ڪري، سو سندس پاڙي ۾ رهڻ چڱو ڪونهي، مون کي پئي صلاح ڏنائين ته اسان جي گهر ڀرسان آهي، اسان کي احتياط ڪرڻ گهرجي، ڪٿي....“

    سندس پيءُ، هُن جو ڌيان پنهنجي ڳالهين ڏانهن سمجهي جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو. اُن ڏينهن رات جو هوءَ سمهي نه سگهي هئي، اندر ۾ هورا کورا هئس ته ڪنهن به طرح اُن شخص کي ڏسي، ننڊ نه اچڻ ڪري هوءَ رات جي پوئين پهر کٽ تان اُٿي هئي ۽ اُن ڪهاڻيڪار جي اڱڻ ۾ کُلندي ڳڙکي ويجهو وئي هئي، جيڪا ڪوڪن سان بند ٿيل هئي. هُن کڙڪيءَ جي شيشن مان هڪڙي شيشي تان پنهنجي نهن سان کَرڙي ٿورڙو رنگ لاٿو هو ۽ پنهنجي اک جو شيشو اُن رنگ لٿل وِٿي تي رکي ڪجهه جانچڻ شروع ڪيو هو. اُن ويران جاءِ جي هڪ خستا ڪوٺيءَ ۾ هُن ڏسي ورتو هو، اُن شخص کي جيڪو پنهنجي اُجڙيل ڪوٺي ۾ بلب جي جهيڻي روشنيءَ ۾ ڪجهه لِکي رهيو هو.

    ڇڳل کٽ جي پيرانديءَ کان ويٺل ساڳيو شخص پنهنجي گوڏن تي ڪاغذ رکي لِکندو ڀريندو، کٽ تي اُڇلائيندو ٿي ويو. هُن اهڙو منظر زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو هو ته رات جي پوئين پهر ڪو اڪيلو شخص ايئن ڪاڳر لکندو هجي، کن پل لاءِ کيس وسوسو ٿيو هو ته شايد! سچ به هي ڪو عامل آهي، جيڪو پنهنجا عمل ائين تڪڙا تڪڙا ڪاڳرن تي لِکي اُڇلائيندو وڃي. هوءَ جيڪا لمحن جا لمحا، ساعتن جون ساعتون، رسالا ۽ ڊائجيسٽ پڙهندي هئي، اُها هاڻي ڪنهن نه ڪنهن بهاني رنگ لٿل دريءَ جي شيشي واري وٿي مان اُن خستا گهر ۾ جانچيندي رهندي هئي.

    هڪ دفعو جڏهن هوءَ ڪاليج نه وئي هئي ۽ سندس گهر ڀاتي پنهنجي ڪم ڪارين ۾ رُڌل هئا ته هُن اُنهي کڙڪيءَ جا ڪوڪا هٽائي، کڙڪي کولي هئي ۽ اُڪري اُن خستا گهر ۾ هلي وئي هئي. اُها جُهريل ۽ ڪراڙي ڪوٺي لاتعداد ڪارڳن ۽ پنن سان ڀري پئي هئي، اُنهن ڪاڳرن تي اُهي ساڳيا جُملا ۽ لفظ اُڪريل هئا، جيڪي هوءَ سوچيندي هئي، اُهي ئي آکاڻيون ۽ ڪهاڻيون لکيل هيون جيڪي هوءَ اُنهن رسالن ۽ ڊائجسٽن ۾ پڙهندي هئي... هوءَ هاڻي هفتي ۾ هڪ اڌ ڏينهن موڪل ڪندي هئي ۽ دريءَ کان اُڪري، اُن گونگي ڪهاڻيڪار جون ڪهاڻيون پڙهندي هئي ۽ اُهي ساڳيون ڪهاڻيون ٿوري ئي عرصي ۾ اُنهن رسالن ۽ ڊائجسٽن ۾ سوڀراج جي نالي سان ڇپبيون هيون. هُن کي هاڻي اِهو پتو پئجي ويو هو ته اُهو شخص نه ڪو چور هو نه ڪو عامل هو نه وري ڪو روح هو، هو ته هڪڙو وڏو ڪهاڻيڪار سوڀراج هو، جنهن جي ڀٽڪيل ۽ رولاڪ روح کي ڪابه پورنتا ملي نه سگهي هئي.

    هوءَ جيڪا ننڍپڻ کان بنهه اوڀارو سوچيندي هئي، پر اڃان هُن قلم جي نوڪ سان ڪي جملا ڪي لفظ سرجڻ شروع نه ڪيا هئا، هُن اڃان محدود زندگيءَ جي لام تان اُڏامي شهرت جي هوائن ۾ پَر نه پکيڙيا هئا، ڪا ڪهاڻي نه لِکڻ شروع ڪئي هئي ته هن گونگي ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻي پنهنجي اينٽي ڪلائيميڪس کي رسي، ٽريجريءَ جو شڪار ٿي وئي.

    پاڙي جي ماڻهن اُن گونگي ڪهاڻيڪار کي غير اخلاقي طريقن سان آزارڻ ۽ تنگ ڪرڻ شروع ڪيو، ڪڏهن ڪنهن نوجوان سندس گلي جا بٽڻ ٽوڙي کيس ٻه چار چنبا ٿي وهائي ڪڍيا ته ڪڏهن ڪنهن جهوني ڪونه ڪو بهانو ٺاهي مٿس گارين جا وسڪارا لاهي ٿي ڏنا، پر هو پاڙي وارن جي اهڙي سلوڪ تي بنهه خاموش رهيو، سندس خاموش رهڻ ۽ مزاحمت نه ڪرڻ پاڙي وارن لاءِ ويتر ڏکيو ٿي پيو، جنهن ڪري پاڙي وارن، جاءِ جي مالِڪ کي چتاءُ ڏنو ته هو اُن شخص کي ڪڍي ٻاهر ڪري.

    اُن رات جنهن رات جاءِ جي ڌڻيءَ، گونگي ڪهاڻيڪار کي ٻن ڏينهن ۾ جاءِ خالي ڪرڻ جو حُڪم نامو جاري ڪيو هو ته، اُن جي ٻئي ڏينهن ڪهاڻيڪار، شام جو موٽندي پاڙي جي هڪ ننڍڙي ٻالڪ کي پنهنجي جهوليءَ ۾ کنيو هو ۽ هڪڙو مِٺائي جو لڏون کارايو هو، جيڪو لقاءُ پاڙي جي ڪجهه ماڻهن ڏسي گونگي ڪهاڻيڪار تي موچڙن ۽ پادرن جو وسڪارو لاهي ڏنو،

    ”غنڊا، ٺڳ، تون معصوم ٻار کي وندرائي، مِٺائي کارائي هيرائڻ گهرين ٿو، جيئن تون موقعي جو فائدو وٺي هيرايل ٻار کي اغوا ڪري سگهين، تنهنجا منصوبا ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.... دلا.“

    ٺا مُڪ، ٺا لت جيترا هئا ماڻهو اوتري ڪاوڙ گونگي ڪهاڻيڪار تي ڪڙڪندي رهي.

    ٻئي ڏينهن صبح جو سموري پاڙي ۾ اِها ڳالهه هُلي وئي ته چور ۽ مشڪوڪ ماڻهو پنهنجا ٽپڙ کڻي ڀڄي ويو.

    اُنهي رات هوءَ موقعو ساري کڙڪي کولي ڪهاڻيڪار جي ڪوٺيءَ ۾ وئي هئي جتي ڪاريءَ وارا ڪَک هئا، نه اُهي ڪاڳر هئا نه وري اُهي ڪهاڻيون ۽ جملا.... اوچتو مُٺ سان مروٽي اُڇلايل هڪڙو ڪاڳر کيس نظر اچي ويو، جيڪو هوءَ مُٺ ۾ ڀڪوڙي واپس پنهنجي ڪمري ۾ هلي آئي. هُن گُنجيل کاڌيءَ جهڙو اُهو ڪاڳر کوليو ۽ پڙهڻ لڳي،

    ”منهنجي خوابن جي شهزادي،

    آئون صدين کان تنهنجو اوسيئڙو ڪندو رهيو آهيان، مون کي خبرناهي ته تون ڪٿي آهين!؟ ڪهڙي ڏيهه ۾ آهين!؟ تون آهين به يا نه!!؟ يا اِهو محض منهنجو احساس آهي، جو آئون سدائين توکي پنهنجي آس پاس محسوس ڪندو رهيو آهيان، منهنجي شهزادي، توکي خبر آهي ته آئون هڪڙو بي زبان ڪهاڻيڪار آهيان، جنهن جو وس ۽ ٻول مجبورين وٽ گروي رکيل آهن، مون کي ننڍپڻ کان فطرت زبان اِن لاءِ به ڏئي، کسي ورتي هئي جو فطرت جا مون تي وڏا وڙ هئا، ۽ مون ڪاڳرن ۽ لفظن کي ٻولي ڏيڻ شروع ڪئي هئي. مون پنهنجي ٻولن کي ڪاڳرن تي چٽيو هو، پر بدقسمتي اِها آهي جو مون جيڪي به ڪهاڻيون لکيون آهن، سي بنهه ٿورن ڏوڪڙن ۾ وڪيون آهن، هِتان جو هڪ وڏو ماڻهو سوڀراج مون کان منهنجون ڪهاڻيون ٿوڪ جي حساب سان خريد ڪندو آهي. آئون هِن دفعي جنهن شهر ۾ ڪرائي جي جاءِ وٺي رهيو هوس، اُن ئي شهر ۾ مون هڪ اخبار ۾ پڻ نوڪري ڪئي هئي، ۽ ڏوڪڙن عيوض اُن اخبار جي مالڪ لاءِ پڻ ڪالم لکندو هوس. جنهن ڪري آئون رات جو سدائين آويلو موٽندو هوس، جنهن تي منهنجا پاڙيسريءَ شڪ ۾ رهندا هئا، باوجود اُن جي آئون اخبار جو ڪم ڪار لاهي رات جو دير تائين، سوڀراج لاءِ ڪهاڻيون لکندو هوس.

    منهنجا پاڙي وارا مونکي ڏاڍو ايذائيندا هئا، مونکان ڀانت ڀانت جا سوال ڪندا هئا پر مان کين ڪا ورندي ڏئي نه سگهندو هوس، جو توکي ته خبر آهي نه ته مان ڄائي ڄم کان بي زبان، گونگو آهيان.

    تون سوچيندينءَ ضرور ته آئون ڏوڪڙن لاءِ پنهنجون لکڻيون ڇو وڪڻندو هوس؟ منهنجي شهزادي! هِن ديس جي هڪ قديم شهر، موهن آباد جي آخري گهٽيءَ ۾ سُڪل وڻ وارو گهر اسان جو هو، جيڪو منهنجي پيءُ جي بيماريءَ سبب گِروي رکيو ويو هو. منهنجي پيءُ جي يادگيري وڃائڻ واري بيماري، بابا کي يادن سميت کڻي گم ٿي وئي، ۽ منهنجي ماءُ اُن گهر سان سلهاڙيل يادگيرين کي تازو رکڻ لاءِ ڏينهن رات پورهيو ڪيو، پر امان، گروي جا سمورا پئسا موٽائي نه سگهي، ۽ هوءَ به ياد جي اُن تند سان ڇڪجي، ڀُل ۽ بي هوشي جي ننڊ جو پينگهو لوڏيندي سدائين لاءِ وسامي وئي.

    مون پنهنجون لکڻيون اُنهن يادگيرين کي موٽائڻ لاءِ وڪيون آهن، هِن ڀيري مون پنهنجي اُن سُڪل وڻ واري جُهڳي جي گروي ڇڏائڻ جيترا پئسا ڪمائي ورتا آهن. آئون اُها خوشي ڪنهن سان به ونڊي نه ٿي سگهيس، اِن ڪري جو هِن نئين شهر ۾ منهنجو ڪوبه دوست نه هو. سو اُها خوشي ننڍڙي ٻالڪ سان ونڊيندي، کيس جهوليءَ ۾ کنيو هئم ۽ هڪڙو لڏون کيس کارايو هئم پر منهنجي بي سمجهه پاڙيسرين کي اِها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ۽ مون کي بي واجبي ڌڪي پاڙي مان ڪڍيائون.

    مون کي وڃڻو ته هونئن به هو، ڇاڪاڻ جو منهنجو شهر ۽ منهنجو گهر منهنجو اوسيئڙو ڪري رهيو هو. هاڻي آئون هي شهر ڇڏي وڃي رهيو آهيان، پنهنجي مَن جو شهر آباد ڪرڻ لاءِ. آئون اُن سُڪل وڻ کي سائو ڪري، اُن جي ڇانوءَ ۾ ويهي، ڪهاڻيون لِکندس، جيڪي ڪنهن به سوڀراج کي نه وڪڻندسُ. هاڻي منهنجون سموريون ڪهاڻيون منهنجون هوندي به تولاءِ هونديون جيڪي ڪڏهن به نيلام نه ٿينديون.“

    تنهنجو ازل کان

    سانول

    هوءَ اُهو ڪاڳر پڙهي ڄڻ سڪتي ۾ پئجي وئي هئي. هُن کي چورن کان بُڇان هرگز نه ٿي هئي، هوءَ ته مهاچورن جي چوريءَ کان وڌيڪ چوريءَ جي اُن آرٽ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، جنهن سندس دل جون وستيون کاٽ هڻي چوري ڪري ورتيون هيون. سانول ڪهاڻيڪار کان وڌيڪ هُن کي سانول گونگو سُٺو لڳو هو، جنهن جي خوابن جي شهزادي بڻجي هوءَ ڪهاڻيءَ جي سفر ۾ نڪري پئي هئي، ۽ فرضي نالي سان ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون هيائين. پر کيس اها خبر ئي ڪونه هئي ته سانول جي ڪردار وانگي هوءَ به هڪڙو اهڙو ڪردار بڻجي کوئجي ويندي، جيڪي شايد فرضي هوندا آهن، ايئن ئي ڪا فينٽيسي هوندا آهن يا وري سچ پچ ڪا وڏي ٽريجڊي هوندا آهن.
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,957
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سائين ڪهاڻي کي بُڪ مارڪ ڪري ڇڏيو آ :) پڙهي ٿو وٺانس پوءِ تبصرو ڪبو :)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو