https://m.facebook.com/story.php?story_fbid=1347901691956042&id=100002086737600 بھترين ڪوي ۽ ٻاجھارو شخص وسيم سومرو سنڌ ۾ هن وقت جي بهترين شاعرن ۾ سائين وسيم سومري جو مرتبو صف اول جي شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو ، جو منفرد ۽ نرالي شاعري سرجڻ جي اعتبار کان گهڻن کان اڳڀرو آهي. جنھن جو اصل نالو محمد خان ۽ سندس والد جو نالو محمد حسن آهي، جيڪو ڪرت جي اعتبار کان ڌوٻي هو. شاھ سائينءَ جن لاءِ چيو آهي “ڌوٻي من جا نہ ميرا، سڪ جو گهاٽ وسائين“ وسيم سومرو سنڌيءَ ۾ ماسٽر ۽ تعليم ۾ ايم ايڊ آھي. هن پرائمري تعليم دوران پراڻين ڪاپين تي ڪجھ لکڻ شروع ڪيو. جنهن جي سڻڪ ان وقت علي نواز ڦل کي پئجي وئي جيڪو وسيم سومري کي سنڌي ادبي سنگت نوابشاھ ۾ وٺي آيو جتي هن جي سينيئر ليکڪن سائين حامد علي خانائي، برده سنڌي، منظور قريشي، الحاج رحيم بخش قمر، پير ضيا خياروي، بشير ٻگهيي، مير عبدالرسول مير، اصغر خاصخيلي ۽ سندس استاد عبدالحڪيم ارشد سان ٿي. جن جي پيار ۽ سکيا کيس اعتماد سان اڳتي وڌڻ جو موقعو فراهم ڪيو. ايئن سڪرنڊ ۾ جيئن تہ سندس ڀيڻ جو پرڻو ٿيل هو، ان وٽ رهڻ دوران هن کي سنڌ جي برک اديبن خاڪي جويو، مير محمد پيرزادي ۽ تاج جويي جي رهبري بہ نصيب ٿي، جن جي آڱر پڪڙي وسيم سومري سنڌ جي ادبي منظرنامي ۾ پنهنجو نالو لکائي ورتو. هن جي شاعريءَ ۾ داخلا وائيءَ سان ٿي پر هڪ نظم “لُڙڪن جو ڏاج“ هن کي ننڍپڻ ۾ وڏي مڃتا ڏياري عجيب ڳالھ آھي تہ اهو هن جي پنهنجي ئي ڀيڻ جي بي جوڙ شاديءَ جي درد ڪٿا تي آھي ٻئي طرف معاشي بدحاليءَ جي ڪري، سندس تعليم ڪجھ عرصي لاءِ رڪجي وئي. جنهن دوران هو غاليچا اُڻي پيءُ جي مالي سُھائتا ڪندو هو جتي هن کي غاليچا اُڻندي هڪ طرف ويجهڙائيءَ رنگن جي ريشمي مشاهدن مان گذرڻو پيو تہ ٻئي طرف هن کي ننڍپڻ جي قيد ۾ غربت جي ڪارن نانگن سان وڙھڻ جو حوصلو بہ پيدا ڪرڻو پيو. هن وقت وسيم سومري جي شاعري جا رنگ نازڪ نازڪ ۽ اجرا اجرا آهن، جيڪو به سرجڻ چاهي آسانيءَ سان سرجي رهيو آهي، هن وقت تائين لڳ ڀڳ شاعريءَ جي سمورين صنفن تي طبع آزمائي ڪري چڪو آهي، جنھن به صنف ۾ هن لکيو آهي اهو ڪمال لکيو اٿس، هر صنف ۾ هن جو پنهنجو بلڪل به الڳ ئي رنگ آهي، سندس شاعريءَ ۾ لفظن جو استعمال وڏي مهارت سان ڪيل هوندو آهي، ڀرپور رنگن سان لفظن جو رچاءُ هن جي ڪاميابي جو پڪو ۽ چٽو ثبوت آهي، وسيم سومري جي شاعري هر پڙهندڙ جي روح کي پاڪيزگي ۽ تازگي ارپيندڙ هوندي آهي، سندس شاعريءَ ۾ ڌرتي ۽ سرتي توڙي ٻين رنگن جا به ڪيترائي عڪس چٽيل آهن، ھن جي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيل ٻولي، فن فڪر ڀرپور ۽ سگھارو هوندو آهي. وسيم سومرو جي ڀيٽ ڪنهن سان ڪجي، سندس همعصر شاعرن سان، يا هاڻي توڙي هر ٽھي جي ڪنهن به جراح شاعر سان، وسيم سومرو هر ٽھي جي هر شاعر سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي بيٺل نظر اچي ٿو. سندس شاعري مان ڪهڙيون سٽون کڻي انهن کي واکاڻجي، سندس ٻالڪپڻ کان هن وقت تائين سرجيل سموري شاعري باڪمال آهي. وسيم سومري سان منهنجو ڀائرن جهڙي دوست جو رشتو آهي، ساڻس منهنجي ملاقاتن جو سلسلو به منهنجي ٻالڪپڻ کان شروع ٿيو آهي، 1998ع کان ساڻس منهنجي ملاقاتن جو سلسلو هلندڙ آهي، سندس ٻاجھاري طبيعت مون کي بيحد متاثر ڪيو آهي، سندس ڪيترائي دوست آهن، استاد هجڻ جي ناتي سان سندس اسڪولي شاگردن سان گڏوگڏ شاعري ۾ به استاد آهي ته سندس ڪيترائي شاگرد آهن، مون کي ياد آهي 2006ع ۾ پيارن دوستن نويد چاچڙ ۽ منور ملاح کي ساڻ ڪري سندس گهر ملاقات لاءِ وڃڻ ٿيو هو، تڏهن وسيم سومري وٽ اسان کان اڳ ڪيترائي مهمان ويٺل هئا پر ان باوجود اسان کي بہ وقت ڏنائين. وسيم سومرو پنهنجي ٻاجھاري طبيعت جي ڪري ئي هن وقت تائين منهنجو آئيڊيل آهي، مون کي ننڍي ڀاءُ جي حيثيت ڏيندي سدائين رهنمائي ڪندو رهيو آهي، سندس ٻاجھاري طبيعت ۽ باڪمال شاعري ئي سندس عظيم سڃاڻپ جو سبب آهي. سندس ڇپيل مجموعن ۾ ياد جي نيري ندي گڏيل شاعري دل جون لهرون صرف غزل پاڻي هائيڪو نظم ۽ سچ جي چاندني ڪتابچو شامل آھن، جڏھن تہ سندس هڪ مجموعو رنگن جا اوجاڳا گذريل ڪيترن ئي سالن کان شايع ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ آھي. وسيم سومرو هڪ سيبتو شاعر ته آهي ئي ان سان گڏوگڏ بھترين نثرنويس بہ آھي. سندس لکيل مختلف ڪتابن جي مهاڳن ۽ ٻين مضمونن کي سھيڙي گڏ ڪبو تہ هڪ ڪتاب کان به وڌيڪ مواد ٿي ويندو. دعا آھي تہ سنڌ جو هي سدا بهار ۽ باڪمال ڪوي سائين وسيم سومرو ساڳي صحتمند احساس سان ادب جو سفر ڪندو رهي ۽ ٻوليءَ جي جهول پنھنجي خوبصورت احساساتي تخليقن سان ڀريندو رهي. مجيب سنڌي.