• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گلقند

قريشي شبير احمد

سينيئر رڪن
گلقند....... هڪ عورت ٻڌايو ته مون پنهنجي مڙس جو فيس بوڪ ڏٺو. اڪائونٽ اوپن هيو، مون واري مڙس جي نقلي آئي ڊي هڪ عربي نالي ولدالعز نالي سان ٺهيل هئي اتي هڪ عربي عورت سان فلرٽ پيو ڪري ۽ ان عورت جو نالو فیس بوڪ تي الفراشۃ الذھبیۃ هو ۔مون سندس پوسٽون پڙهيون ته محبت ڀريا شعر رومانوي ڪهاڻيون وغيره پوسٽ ٿيل، ان باڪس ۾ ايتري قدر جو همراه شادي لاء تيار هو ..... شڪر جو مونکي عربي ايندي هئي. تمام ڪاوڙ لڳي. مون به صاحب کي سبق سيکارڻ لاء ابوالقعقاع نالي فرضي آئي ڊي ٺاهي فرينڊشپ رڪيسٽ ڪيم هي اڳئي عربن تي هريل دير ئي ڪيائين. مون پاڻ واري وال تي خوب قتل و غارت خون خرابي جلاؤ گھیراؤ وغیرہ جون تصويرون لڳائڻ شروع ڪيون. ۔ڪجه عرصي بعد ان آئی ڈی تان پنهنجي مڙس کي میسیج ڪيم. "تون الفراشۃ الذھبیۃ نالي جنهن ڇوڪريءَ سان پيار جا پيچ پيو لڳائين سا منهنجي زال آهي ۽ منهنجو تعلق خطرناڪ تنظيم جي اميرن مان آهي. تون ۽ تنهنجو خاندان منهنجي پهچ کان ٻاهر نه آهي مان توکي چڱي طرح سڃاڻان ڪٿي رهين ٿو تنهنجو نالو هي ڀائرن جا نالا گهر پتو. المطلب ته هاڻي مونکي فيس بوڪ تي نظر آئين ته مان توکي ٻڪري وانگر ذبح ڪندس اي خارش زده ٻڪري "
راوي( اهاعورت ) بيان ڪيو ته مون ٻئي ڏينهن ڏٺو ته منهنجي مڙس سڳوري جو رنگ فڪ، فڪر مند، حالت جري. موبائيل ڏٺي مانس ته سڀ اڪائونٽ فیسبوڪ انسٽا گرام ۔سنیپ چیٽ ۔واٽس ایپ سب ڪجه ڊلیٽ ٿيل. وائڙن وانگر هر هر مونکان پئي پڇيائين ته عصر نماز جي آذان ڪڏهن ٿيندي..؟؟
1f606.png
1f54e.png
1f600.png
1f607.png
1f607.png
1f383.png
1f602.png
1f605.png
1f605.png
1f496.png
 
Back
Top