رنگيلو بادشاه

'تعارف' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏28 اپريل 2017۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    رنگیلو بادشاہ
    هن عبرت انگيز داستان مان من ڪو حاڪم، حڪيم، منصف يا رهبر رهزن سبق حاصل ڪري.
    اوهان محمد شاہ رنگیلي جو نالو ته ٻڌو هوندو. هي هندوستان جي مشهور مغل سلطنت جو 144حاڪم هئو سندس اصل نالو روشن اختر هئو ،هو شاہ جہاں اختر جو پٽ هو ۽ شهنشاہ عالم بہادر شاہ اول جو پوٽو هو ، بادشاہ ٿيڻ کان پوء ناصر الدین شاہ جي لقب سان تخت نشين ٿيو تاریخ ۾ هي محمد شاہ رنگیلا جي نالي سان مشهور ٿيو ، سندس بادشاهي طبيعت جو اندازو ان مان لڳايو ته تاريخ ۾ هن پنهنجي پسندیدہ گھوڙي کي به وزیر جو جو درجو ڏنو ۽ هي گهوڙو دربار ۾ خلعت فاخرہ پائي شرڪت ڪندو هو وزیرن ساڻ گڏ بيٺو هڪ وزير جو پروٽوڪول انجوائي ڪندو هو. گھوڙي کي وزارت عطا ڪرڻ وارو غالباً پھريون ۽ آخری شخص هئو. محمد شاہ رنگیلو هڪ ڏينهن هڪ قانون بڻائيندو هو ٻئي ڏينهن سڀ کان اول ساڳيوئي قانون خود پامال ڪري ختم ڪندو ھو، ڏينهن رات شراب پيئڻ ۽ عورت جو رسيا هئو. بعض اوقات طوائفن ۽ خوبصورت عورتن کي سمهاري مٿان ويهي درٻار جي سرپرستي ڪندو هو تخت درٻار جي ڏاڪڻ تي عورتون ننگـيون بيهاري سهارو وٺي مٿي چڙهندو هو. ڪڏهن زنانا ڪپڙا پائي درٻار ۾ جلوه افروز ٿيندو هو ۽ سڀني رئيسن، نوابن،اميرن، وزیرن ۽ درٻارين کي به ليڊيز ڪپڙا پائي اچڻ لاء چوندو هئو، هي سڀ واه واه ڪندا هن جو حڪم من وعن مڃيندا هئا. انڪار جي رتي برابر به گنجائش نه هوندي هئي. رنگيلو بادشاھ پنهنجي قاضي کي شراب سان وضو ڪرڻ جو حڪم ڪندو هو ته نظريه ضرورت جو ماريل قاضي منٽ به دير نه ڪندو هو. هن جو حڪم هو ته سڄي ملڪ جون خوبصورت عورتون سندس امانت آهن . ڪو به ان امانت ۾ خيانت ڪندو ته سندس سر سلامت نه رهندو ،روازانہ هڪ حڪم تي سوين قيدين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندو،گڏوگڏ جیلر کي ڳڻپ پوری ڪرڻ جو حڪم ڏيندو نتيجي ۾ ايترن ئي بي گناهن کي پڪڙي اندر ڪندو هو. شراب پی عياشي ڪري پنهنجي جگر، بڪين ۽ جسم جي پوري نظام کي تباھ ڪري ڇڏيائين. هي رنگیلو ترین شهنشاهه 48 سالن جي عمر ۾ لڳ ڀڳ 26 سال حڪومت ڪري تاريخ جي هڪ غليظ ڪردار طور سڃاڻپ ڏئي هن دارالفنا مان ڪوچ ڪري ويو.
    هن جي دور جو اهم واقعو نادر شاهه دراني جي دهلي تي چڙهائي ۽ بدترين قتل عام آهي.رنگيلو بادشاهه عياشي ۽ شطرنج کيڏڻ ۾ مصروف رهيو کيس نادر شاهه جي حملي بابت ٻڌائيندا رهيا. جڏهن نادر شاه دهلي کان ستر ميل ٻاهر پهتو ته هن شاهي لشڪر بغير توب خاني جنگ لاء موڪليو، نادر شاهه هندوستاني لشڪر کي ڀُڃي لاٿو. دهلي پهتو لشڪر کي حڪم ڏنائين ته "بزن" معني شروع ڪيو. ان کان پوء نادر شاهه ايراني جي لشڪر دهلي جي عام و خاص جو بدترين قتل عام ڪيو جو گهوڙن جا سم به رت سان ڳاڙها ٿي ويا. جڏهن شاهي محل ۾ نادر شاهه فاتح جي حيثيت سان داخل ٿيو خلاف توقع سندس آڌر ڀاءُ ڪيو ويو، هن شاندار استقبال تي نادر شاهه به حيران رهجي ويو. ماڻهن عجب تماشو ڏٺو ته تخت طائوسي تي ٻئي حاڪم گڏ ويٺا ۔ فاتح بادشاہ، مفتوح بادشاہ جي تخت تي ويهندي ئي پنهنجا شرط مڃائڻ شروع ڪيا، جڳ مشهور هيرو ڪوه نور محمد شاہ رنگیلي جي پڳ ۾ لڳل هو. نادر شاه چيو ته هن مهل تائين جو ٿيو تنهن کي درگذر ڪيو مان توکي پڳ مٽ يار ڀاء مڃان ٿو ائين چئي پنهنجي پڳ محمد شاهه کي پاريائين ۽ ان جي پڳ لاهي پنهنجي مٿي تي رکيائين ائين ڪوه نور تي قبضي بعد الاهي مال دولت تاوان ۾ گڏ ڪري تخت طائوسي به ساڻ ڪري ايران ويو ( هيرن جواهرن سان مڙهيل انتهائي قيمتي تخت طائوسي شاهجهان وڏي شوق سان ٺهرايو هيو). نا اهل ۽ مفتوح مغل بادشاہ پنهنجي ڪمزوری تي وٽ سٽ کائيندو رهيو ۽ ڪجهه نه ڪري سگهيو.
    ’’ہے جرم ضعیفی کی سزا مرگ مفاجات "۔ ان کان علاوه نادر شاه مطالبو ڪيو ته پنهنجي ڌيءُ جو نڪاح مون سان پڙهايو. جينئن ته مفتوح وٽ فاتح جي ڳالھ مڃڻ کان علاوه ڪو به آپشن نه هو. نڪاح جو پنڊال سجايو ويو. هڪ رسم هئي ته شاهي نڪاح وقت گهوٽ ڪنوار جو حسب نسب ٻڌايو ويندو آهي، نادر شاہ درانی هڪ ڌنار جو پٽ هو، جنهن پنهنجي زور بازو تي ايراني سلطنت حاصل ڪئي هئي.، ڪنوار جو شجره بيان ٿيو،اڪبر کان وڃي تيمور لنگ ۽ چنگيز تائين پهتو، ھاڻي نادر شاهه شجرو هينئن بيان ڪيو، تلوار ڪڍي زمين ۾ ٽنبيائين، چيائين لکو" نادر شاهه ولد شمشير ولد شمشير ولد شمشير ولد شمشير بن شمشير ............" جيستائين لکي سگهو لکو.
    انهي کي چئبو آهي ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا.
    وڪي پيڊيا تي گهڻو ڪجهه مواد آهي پر گوگل تي سرچ ڪندي توهان کي رنگيلي شهنشاهه جي ڪا به اهڙي تصوير نه ملندي جا ونڊ ڪرڻ جهڙي هجي. بد اچھا بدنام برا.
     
    ممتاز قريشي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو