ڪرڙ

'تعارف' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏28 اپريل 2017۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    صحراء ريگستان جي سونهن ڪرڙ. آرٽيڪل( مظلوم ٿري)
    تحقيق ترميم و اضافو شبير احمد قريشي.

    صحراء ريگستان ٿر جيڪو قدرتي معدني وسيلن سان مالامال هئڻ سان گڏ ڪائنات جي فطري حسن جو گلدستو آهي. ٿر جا وڻ جيڪي صحرا جي سونهن ۽ سڃاڻپ آهن صحرا ۾ موجود جاندارن جي جياپي جو وڏو وسيلو هئڻ سان گڏ محفوظ پناه گاهون پڻ آهن. هن وسيع صحرا جي اندر لاتعداد ساه وارا صدين کان خوف، ڏک، بي خوفي ۽ خوشي ٻنهي صورتن م جيئڻ جا جتن ڪندي زندگي گذاريندا رهن ٿا. ٿر جي وڻ م ڏوٿين جي" ڏٿ "۽ سندن مال جي" وٿ" سمجهيو ويندڙ هڪ وڻ "ڪرڙ" پڻ آهي. وقت بدلجڻ سان گڏ ٿر جي وڻن جي تعداد ۾ تيزيءَ سان گهٽتائي اچي پئي. ان جا ڪيترائي ڪارڻ آهن. ايئن ٿر جي ناياب ٿيندڙ قدرتي قيمتي وڻن تي ٿر جا ماڻهو سواء افسوس جي ڪجه نٿا ڪري سگهن ٿا. مگر اهو واضح طور محسوس ڪن ٿا ته مستقبل م ٿر ۾ جيڪڏهن وڻ نه رهيا ته جاندارن جو صحرا ۾ جيئڻ نه صرف مشڪل پر ناممڪن هوندو، بهرحال پاڻ ٿر جي وڻ "ڪرڙ "جي ڳاله پيا ڪريون. ڪرڙ جو وڻ هاڻي ٿر ۾ به گهٽجي پيو مگر ڪرڙ جي وڻ جي ڪاٺي مان ڪيترا ئي فائدا آهن ٿر جا ماڻهو ڪرڙ جي ڪاٺي کي چونرن، لانڍين ٺاهڻ، لوڙهن کٽن ۽ ٻين ڪمن جي استعمال ۾ آڻين ٿا. ڪرڙ جي وڻ خاص ڪري بهار جي موسم ۾ ٿر جي فطري حسن جي نکار ۾ چار چنڊ لڳايو ڇڏي، جڏهن ٻور جهليندو آهي ڳاڙها گلڙا جنهن کي ٿرجا ماڻهو" پسي" چوندا آهن. تنهن کي مال شوق سان کائيندو آهي. بعد ۾ " ڏئورا "ٿيندا آهن. ٿر جي ڏٿ ڏوئرن جي ڀاڄي به ٺهندي آهي. مگر ڏئورن مان ٺهندڙ سانڌاڻو( آچار ) ملڪان ملڪ مشهور آهي. ٿر جي ڏئورن کي ٿر جي شهرن ۾ ۽ ٻاهر گفٽ طور موڪليو وڃي ٿو . جڏهن ڏوئرا پچندا آهن ته ڳاڙهي رنگ جو پڪل ميوو ٿيندو جنهن کي" پڪا" چئبو آهي تن کي ماڻهو به کائيندا آهن ۽ پٽي مال کي کارائيندا آهن. ٿر جو هي مشهور وڻ ڪرڙ انتهائي قيمتي وڻ آهي جنهن مان ڪيترائي فائدا ملن ٿا مگر هيل سال بهار جي شروعات ۾ ئي سخت گرمي تيز هوا گرم لُڪن وڻن جي ٻور جو جوڀن ساڙي، ٻور ڇاڻي، صحرا جي سونهن کي ڪافي نقصان ڏنو آهي. جنهن سبب سانگين کي جهجهي تعداد ۾ ملندڙ ڏٿ کان محروم رهڻ جو انديشو آهي. ٿر جي فطري حسن جي علامت ڪرڙ جو وڻ سدا بهار آهي ۽ صحرا ٿر جي واري تي هميشه موجود رهي ٿو.
    ڪرڙ جي پسي.
    سنڌ ۾ ڪرڙ جو وڻ عام آهي، هن وڻ جي گلن کي پُسي چوندا آهن. پُسيءَ جيستائين ڪچي ۽ هيڊي سائي رنگ جي هوندي آهي، تيستائين ان کي اٻاري ٻوڙ ٺاهي کائيندا آهن. پُسيءَ جو ٻوڙ ڏاڍو لذيذ ٿيندو آهي. [1]وڪي پيڊيا
    سنڱريون ڏونرا

    ٿر ۾ ڪنڊيءَ جي وڻ مان سڱريون ۽ ڪرڙ جي وڻ مان ٿيندڙ ڏونرا مارڪيٽ ۾ اچي ويا آهن جيڪي ڀاڄي طور استعمال ڪيا وڃن ٿا جڏهن ته سڱريون 100 کان 120 تائين ڪلو ۽ ڏونرا 100 رپيا في ڪلو وڪرو ڪيا وڃن پيا. سڱرين توڙي ڏونرن جي ڀاڃي کاڌي ۾ سڀني ڀاڄين کان منفرد لڳي ٿي جنهن کي ٿر واسي وڏي شوق سان کائين ٿا ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ڏانهن پڻ اماڻيون وڃن ٿيون ٿر جي مختلف شهرن ۾ اهي ڀاڄيون مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ پهچي ويون آهن. جڏهن ته ٿر جا غريب نوجوان صبح سوير جھنگ ۾ وڃي ڪنڊي جي وڻ تي چڙهي سڱريون لاهڻ سان گڏ ڪرڙ جي وڻ تان ڏونرا لاهي شهرن ۾ وڪرو ڪندي نظر اچن ٿا جنهن سبب سندن روزگار پڻ کلي ويو آهي سڱرين جي ڀاڄي کاڌي طور لذيذ هجي ٿي ان کان سواءِ ٿر واسي سڱريون پاڻي ۾ اٻاري سڪائي رکندا آهن جيڪي سالن تائين استعمال جي لائق هجن ٿيون سڪل سڱريون بعد ۾ پچائي ڪنهن به وقت کائي سگهجن ٿيون اهڙي حوالي سان هن وقت سڱرين جي ڀاڄي جو استعمال عام ٿي ويو آهي هر گهر ۾ سڱرين جي ڀاڄي پچائي استعمال ڪئي پئي وڃي. ڪرڙ جي وڻ مان ٿيندڙ ڏونرا جنهن کي ڪيريا به چيو وڃي ٿو. ان کي هڪ ڏينهن مسلسل باهه تي پچائڻ بعد ڀاڄي تيار ٿئي ٿي ڏونرن مان آچار يعني سانڌاڻو پڻ تيار ٿئي ٿو جيڪو تيار ڪرڻ بعد وڪرو ڪيو وڃي ٿو ڏونرن مان ٺهندڙ آچار کائڻ ۾ مزيدار هجي ٿو اهڙي طرح ڪرڙ جي وڻ جي ڪاٺيءَ مان پاوا پڻ ٺهندا آهن ، اهي پاوا فنڪار استعمال ڪن ٿا. ڪرڙ جي وڻ مان تيار ٿيندڙ ڏونرا تمام کارا هجن ٿا جن کي مسلسل هڪ ڏينهن باهه تي پچائڻ بعد ڪڙاڻ ڪڍي ڀاڄي تيار ڪئي وڃي ٿي:
    ٿر ۾ روهيڙي جي وڻ مان گلاب جا گل پڻ پچي راس ٿي ويا آهن جنهن سبب مالدار ماڻهو چوپائي مال جي بک اجهائڻ خاطر روهيڙي جي وڻ کي ڇاڻي گل پٽي مال کي کارائن ٿا، روهيڙي جي وڻ مان ڦٽندڙ گل خوشبودار ۽ مٺا هجن ٿا جنهن جي خوشبو پري پري تائين محسوس ٿئي ٿي.( سنڌ سلامت)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو