قريشي شبير احمد
سينيئر رڪن
هڪ هئو بادشاھ سلامت.
هلاڪو خان تاتاري جو بغداد تي حملو مسلمان حڪمرانن جي باهم اختلافن ۽ نا اتفاقي جو نتيجو هئو. اندرون خانہ غدارن جي ڪمي نه هئي جن جي سازشن ڪري هلاڪو خان اسلامي خلافت جي مرڪز رنگين ۽ سنگين روشن الف ليلي جهڙي ديو مالائي شهر تي حملي جي جرائت ٿي. عباسي خليفي معتصم باالله جي مسلم رياست تي ڪمزور پڪڙ، عيش و عشرت، ڪمال لاپرواهي ڪري فوج به غير منظم ۽ بي زار هئي گهڻي مدافعت نه ڪئي. هن ظالم حڪمران بغداد جو ٻه طرفو گهيرو ڪيو رسد بند ڪري شهر تي حملو ڪيو شهر ۾ گهڙي بي تحاشا قتل عام، عورتن جي بي حرمتي، لٽ مار، ملڪيتون ۽ تاريخي ورثي خصوصًا علم وادب جا مرڪز، مساجد ساڙي تباه ڪيا، لکن جي تعداد ۾ طب سائنس فلسفي جا ڪتاب پاڻي برد ڪيا جو درياهه جو پاڻي به ڪتابن جي مس سان ڪارو ٿي ويو. ست ڏينهن تاتاري سپاهين ظلم وجبر جي بازار گرم رکي ۽ قتل عام ڪيو جو گهوڙن جا سنب رت سان آلا ٿي ويا. اسان جي تاريخ ۾ هن قتل و غارت گري ڪري "گهوڙا ڙي گهوڙا، ظلم، بعداد" جهڙا محاورا مروج ٿيا . هتي ڪجهه عبرت ناڪ واقعا درج ڪجن ٿا، جنهن مان اسان جي حڪمرانن کي سبق سکڻ گهرجي نه ته اسان سان به اهڙو سانحو پيش اچي سگهي ٿو.
11.بغداد جي گهيري کان اڳ هلاڪو خان پنهنجا جاسوس موڪلي حڪومت جي طاقت ۽ عام ماڻهن جي متوقع رد عمل بابت معلوم ڪيو...... جاسوسن رپورٽ ڏني "بغداد جون رونقون رات ۾ وڌن ٿيون. خواص عيش و عشرت جو بازار گرم ڪن ٿا، عدل و انصاف جو نالو ناهي، خليفو عام ماڻهو کي مهيني ۾ هڪ دفعو ديدار ڪرائيندو آهي. حاڪم ۽ شهزادا نرم و نازڪ آهن، هنن ۾ عوام کي جاڳائڻ جو جذبو ڪونهي ڪي ماڻهو خليفي کي تاتاري حملي بابت آگاه ڪن ٿا ته هو ناگوار محسوس ڪري ٿو ته منحوس خبر ڏئي منهنجي شام خراب نه ڪيو..... عام ماڻهو مسجدن ۾ علمي مباحثي تي گڏ ٿيڻ ٿا جتي مفتي، محدث ۽ عالم جن جو تعلق مختلف مڪتبه فڪر سان آهي پاڻ ۾ شرعي ۽ فقهي مسئلن تي ڳالهائين ٿا. اڪثر مباحثا جهيڙي تي ختم ٿيڻ ٿا، ھر فقه جو عالم پنهنجن حمايتين کي سڏي ٿو، فساد في النفس پاڻ ۾ وڙهڻ ٿا. هڪ ٻئي جي رد ۾ فتوائون ڏين ٿا........... وغيره.
22 . تاتاري سپاهين بي گناهه ماڻهن جو قتل عام ڪيو جو شهرين تي انهن جي دهشت قائم ٿي وئي. هڪ تاتاري سپاهي بازار ۾ ٽن ماڻهن کي بيهڻ جو حڪم ڏنو. ڊڄندي بيهي رهيا. قطار ۾ بيهاري هڪ ماڻهو جي ڪنڌ تي تلوار هلائي جا مڏي هئڻ سبب هلي نه سگهي. سپاهي چيو ته بيٺا رهو مان تلوار تيز ڪرائي اچان ٿو، اچرج جهڙي ڳالھ اُھي بيٺا رهيا. جڏهن حڪمران اخلاقي طور بزدل ۽ عياش هجن ته عام ماڻهو وري ڪهڙو رد عمل ڏيکاريندو.