ڪهاڻي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ خادم حسين جروار طرفان آندل موضوعَ ‏29 اپريل 2017۔

  1. خادم حسين جروار

    خادم حسين جروار
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 اپريل 2015
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    61
    ڪهاڻي

    چِٽا اڻ چِٽا منظر




    خادم حسين جروار


    ......... ۽ پوءِ هن جا لڙڪ سُڪي ويا، اکين جو پاڻي کٽي ويس، ڪجهه دير پهرين هن خوب گونگا ڳوڙها وهايا، رنو......خوب رنو ۽ پوءِ ماٺ ٿي ويو. پنهنجي ڪِرائي جي ڪواٽر ۾ بيڊ تي ليٽي پنهنجي ڪمري کي ڏسڻ لڳو. ڪمري جي اڀرندي واري ديوار تي هڪ ڪتابن جو ننڍڙو شيلف ٽنگيل، ان جي پاسي ديوار جي جسم ۾ ڪوڪا کُتل، جن تي استري ٿيل ڪپڙا ٽنگيل، بلڪل انهن جي سامهون ديوار ۾ آئينو لڙڪيل، در ۽ درين تي خوبصورت پردا ٽنگيل، جن تي گلن جا چِٽ چٽيل آهن، ڪمري ۾ هڪ ڪمپيوٽر ميز تي رکيل، ان جي پاسي ۾ گهنٽي وارو گهڙيال رکيل، جيڪو پل.......پل........ منٽ.......منٽ ۽ ڪلاڪ.......ڪلاڪ جو احساس ڏياريندو آهي، هن جڏهن روئڻ بند ڪيو ته اٿيو ۽ دروازي جي ڀر ۾ رکيل ميز تان گلاس کڻي جڳ مان هڪ گلاس ۽ پوءِ ٻيو ڪلاس اوتي ڇڏيو، پاڻي اوتڻ کان پوءِ ڪجهه دير خاموش خاموش بيٺو رهيو ۽ خاموش بيهڻ سان هن کي سوچون وڪوڙي ويون.

    “هي به ڪا زندگي آهي؟، جنهن ۾ رڳو، ڏک، تڪليفون، پريشانيون ۽ سختيون آهن، ڇا ائين به زندگي گذارجي ٿي، صبح کان شام تائين مسلسل ڪم ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ به رات جو ڪمپيوٽر تي اکيون کپائڻ.”

    هن پنهنجي پيرن کي زمين تان کنيو ۽ ٻه قدم هلي، ڪمپيوٽر جي سامهون پيل ڪرسي تي ويهي رهيو، جڏهن هن بند پيل ڪمپيوٽر جي اسڪرين کي ڏٺو ته هن جي ذهن ۾ سيوَ ٿيل هڪ منظر هن کي ڄڻ بند پيل ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي ڏسڻ ۾ آيو.

    هي ڳوٺ ۾ پپر جي وڻ هيٺيان لاٽون ڦيرائي رهيو آهي، لاٽون ۽ ان جا رنگ ڄڻ هن لاءِ وڏي ملڪيت آهن، هي لاٽون کي ڏور سان ڦيرائي جئين ئي پٽ تي هڻي ٿو ته لاٽون جا رنگ گول ڦرڻ لڳن ٿا، ٻين ٻارن جا لاٽون بيهه رهن ٿا ۽ هن جو لاٽون ڦرهندو رهندو آهي ۽ پوءِ لاٽون کي هٿ تي کڻي نچندو، ڪڏندو رهندو آهي، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو آهي، هن جي ٽهڪن سان ٻيا ٻار مايوس ٿيندا آهن ۽ هن کي لڳندو آهي ته ڄڻ پپر جا پن به ڇِڻ ڇِڻ ڪري هن سان گڏ ٽهڪ ڏيئي رهيا آهن، سڀني ٻارن کي وڏي واقعي چوندو آهي، پڄايو......پڄايو دم........!

    هن سوچيو ته اهي ئي زندگي جا ڪجهه ڏينهن هئا، جن ۾ ڪا به ٽينشن نه هئي، نه لٿي جي، نه اڀري، ان زندگي ۾ ئي خوش هئس، لاٽون ڏور سان....!.

    علي ڪواٽر جي ڪمري مان ٻاهر اچي دروازي تي بيٺو، هن کي گُهٽ ۽ ٻُوسٽ محسوس ٿيڻ لڳي، هن اوچين اوچين ماڙين ڏانهن نهاريو، جيڪي قدرتي هوا کي روڪي بيٺيون هيون. هن کي وري ڳوٺ جو هڪ ٻيو منظر ياد آيو.

    علي انبن جي باغ ۾ انب جي چوٽي تي ويهي، ساکون ڳولي دوستن کي ڏيئي رهيو آهي، شام جو ٿڌڙو پهر آهي، مٿي آسمان تي ڪڪر گجگوڙ ڪري رهيا آهن، هاري ۽ هارياڻيون ٻنين کان پنهنجي گهرن ڏانهن موٽي رهيون آهن، هن کي وُٺي جي هوا سڪون بخشي رهي آهي، وڏي آواز ۾ گيت جهونگاري رهيو آهي، سڄو گيت ته نه، پر گيت جي هڪ سِٽ ورجائي رهيو آهي.

    “منهنجي ويران رِڻ تي ڪڪر بانورا.....”

    ڪواٽر جي دروازي تان واپس موٽي ٿو، هن کي ياد اچي ٿو ته مهيني جون آخري تاريخون آهن، گهر وارن کي پئسن جي ضرورت هوندي، پر ڇا ڪجي؟ آخري تاريخون هونديون ئي بي رحم آهن، مهيني جا آخري ڏينهن هر نوڪري ڪندڙ ڳڻي ڳڻي گذاريندو آهي، هن فيصلو ڪيو ته هن مهيني پگهار جي 6 هزار مان 4 هزار گهر موڪليندس ۽ 2 هزار پنهنجي خرچ لاءِ رکندس.

    پر وري هن کي اوچتو ڪاوڙ اچي وئي.

    “پرائيوٽ اسڪولن جا مالڪ لکين رپيا ڪمائيندا آهن، ڪم چاليهه هزار جو وٺندا آهن ۽ پگهار چار هزار ڏيندا آهن.”

    هن کي ڪنهن شاعر جي هڪ سِٽ ياد آئي، جيڪا هن ڪتاب پڙهندي پڙهي هئي ۽ پوءِ هن کي اها سِٽ ياد ٿي وئي.

    “All our roads go no where!”

    (اسان جا سمورا رستا خلائن ۾ گم ٿي وڃن ٿا)

    چڳي ريت ڄاڻي ٿو ته پرائيوٽ اسڪول کان سواءِ ٻي ڪا پرائيوٽ جاپ به آساني سان ملڻ واري نه آهي، هن کي وري اسڪول جي هڪ ليڊي ٽيچر جا ڪجهه جملا ياد آيا.

    “توهان سائنس تمام سهڻي نموني پڙهائيندا آهيو، پوءِ ڀلا گورمينٽ جاپ لاءِ اپلائي ڪيو نه.”

    هن ليڊي ٽيچر ڏانهن نگاهون مٿي کنيون ۽ نرم لهجي ۾ چيو.

    “گورمينٽ، گورمينٽ لاءِ ته پئسا گهرجن، جيڪي مون وٽ ناهن، سفارش گهرجي، جيڪا منهنجي وس ۾ ناهي.”

    “پوءِ توهان هتي اجايو وقت ڇو ٿا وڃايو؟؟”

    دل ۾ آيس ته چوانس، منهنجي گهر جو گذارو هن تي آهي، پر پوءِ هن سوچيو ته ٽرڙي ٽيچر الاءِ ڇا سوچي، پوءِ هن وري اداس نگاهن سان جواب ڏنو.

    “بس! ٽائيم پاس!”

    ليڊي ٽيچر هلڪي مرڪ مرڪي ٿي.

    “ٽائيم پاس، ٽائيم پاس ته اسين عورتون ڪنديون آهيون، مرد ته ڪمائيندا آهن.”

    علي ڪجهه به ناهي ڪڇندو ۽ هلڪي مرڪ مرڪي، خالي خالي نگاهن سان ڪلاس ۾ هليو ويندو آهي.

    سوچون هن جو پيڇو ناهن ڇڏينديون، ڪرسي تان اٿي، اچي آئيني جي اڳيان بيهي ٿو، هي وري سوچي ٿو.

    “پوءِ اهڙي زندگي جيئڻ جو ڪهڙو فائدو، جنهن زندگي ۾ ماڻهون، گهمي نه سگهي، مرڪي نه سگهي، دوستيون ملهائي نه سگهي ۽ رڳو پريشانيون، ڏک ۽ تڪليفون مقدر بڻيل هجن.”

    هن سان ڄڻ آئينو ڳالهائي ٿو.

    “نه علي نه، زندگي هڪ تحفو آهي، جيڪو هر انسان کي هڪ دفعو ملندو آهي، جنهن جو انت هڪ بزدل انسان چاهيندو آهي.”

    “پوءِ ڀلا مان ديوارن کي ٽڪرون هڻان!”

    “نه ديوارن کي ٽڪرون هڻڻ سان ورندو ڪجهه به ناهي.”

    آئيني کان پري ٿي، پاڻي جو گلاس ڀري منهن کي ڇنڊا هڻي ٿو، جنهن سان هن کي ٿوري وقت لاءِ سڪون ملي ويندو آهي.

    پنهنجي پاڻ تي کِلي ٿو ۽ پاڻ سان ئي ڳالهائي ٿو.

    “نه علي نه، ائين نه ڪبو، هن سماج ۾ آئون اڪيلو ناهيان، مون کان سواءِ الاءِ ڪيترا نوجوان مونکان به ڏکي زندگي گذاري رهيا آهن، آئون اڃا به وڌيڪ محنت ڪندس، پنهنجي ۽ پنهنجي گهروارن جي زندگي بدلائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندس.”

    ...... ۽ پوءِ مرڪي پئي ٿو، هن جي چهري تان چٽا اڻ چٽا منظر غائب ٿي وڃن ٿا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو