تون مڃين! مڃين نه مهربان، مان ته منٿ ٿو ڪري ڇڏيان. هڪ تون اڳ ئي آن حسين، ٻيو نفيس ويس ٿو ڍڪين، ٽيون وري ٽِلين ٿو ناز سان. مان ته منٿ ٿو ڪري ڇڏيان. هڪ ته ڪنهن سان دل نه لائجي، لائجي ته پوءِ نڀائجي، جي نڀائجي ته ٿِي جوان، مان ته منٿ ٿو ڪري ڇڏيان. هڪ ته مونکان ڇڄ نه، ڇا چيم!؟ جي ڇڄين ته غير سان نه گھُم، جي گھُمين ته، گھُم نه مُون اڳيان. مان ته منٿ ٿو ڪري ڇڏيان. هڪ اڳي ئي عشق آ عجيب، ٻيو ته هِي بُخاري آ غريب، بس عجيب ۽ غريب هان! مان ته منٿ ٿو ڪري ڇڏيان. آواز: منظور سخيراڻي ٻول : استاد بخاري