پرين تو پرديس تي، ڏاڍا لايا ڏينهن، آئين ڪونه عجيب تون، موٽِي آيا مينهن، نرمل تنهنجي نيهن، نيئو نياز محمد کي.. __ قسم کائي قرب جا، تو جي قول ڪيا، نياز محمد پتافيءَ کي تو چيا، وسري سي ويا، توکي وعدا پنهنجا. (خبر ٻُڌ! استاد فيروز گُل! عاشق کان جڏهن محبوب موڪلايو وڃي پيو، عاشق ڏسي پنهنجي محبوب کي چا پيو چوي؟) *** اڄوڪي رات رهي پوءِ ته منهنجي دل ٿِي گھُري، جاني پوءِ ڪير جيئي ڪير مري، هو او ٿيءُ نه پري. سنگ مر مر جو بدن، سنهڙي ڳِچِي هٿڙا نرم، تون سدا ماڻين جواني او منهنجا سهڻا صنم، تنهنجي معصوم جوانيءَ جو خدا ڪري . هلي آ دل جي هندوري ۾ توسان پيار ڪريان، سجايان سيج اکين جي ۽ ٻانهون هار ڪريان، تنهنجا ذلف چمان، چين ملي هينئڙو ٺَري. نينهن ۾ نياز محمد ترنداسين هر تار پِرِين، وفا جا ڀرم رکي هلنداسين هُن پار پرين، لتاڙي لهريون، محبت جي مٺا ٻيڙي تَري. ٻول : نياز محمد پتافي آواز : جلال چانڊيو