ٻول : هِيءَ حَسين زندگي ائين گُذري وئي، خواب هو يا هوا ڪا خبر ئي نه پئي

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏2 مئي 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    هِيءَ حَسين زندگي ائين گُذري وئي، خواب هو يا هوا ڪا خبر ئي نه پئي.
    هو اڳي چاھ ڏئي ٿورو ويساھ ڏئي، او پرين ڪيئن وئي ڪا خبر ئي نه پئي.

    سڃا گھر ۽ گھٽيون محبوب بِنا، ڪيترا خواب پُورا نه ٿيا هئا اڃا،
    ڄڻ ته ٿر جي اڃايل ڌرتيءَ تي، سنهي بُوند وَسِي ڪا خبر ئي نه پئي.

    گڏ هُئاسون ته هو ڏاڍو يار مَزو، ڏُک ڏاڍو ٿيو جيئن جوڙ ٽُٽو،
    موڪلائي مونکان کلندي روئندي، الوداع وئي چئي ڪا خبر ئي نه پئي.

    چنڊ کِلي ۽ ستارا جھُمريو پيا ڪَن، مختيار شاھ راتيون ڪيئن وسرن؟
    پَن پَن ٿي وياسين وِکري ائين، اهڙي هير ڪا لڳي ڪا خبر ئي نه پئي.

    ٻول : مختيار شاھ

    آواز : شمن علي ميرالي

    .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو