هر ڪنهن کي هتِ آھن دوستَ ڪي ٿا ڪنهن کي چاهن دوستَ ماڻھون پهرين گڏِجاڻَيءَ ۾ نوان نوان ٿا ٺاهن دوستَ جو مون جوڙيو پيار جو جھُوپو تنهن کي ويٺا ڊاهن دوستَ ڪيڏا دَرِدَ ڏين ٿا دل کي ڪو تہ ٻڌائي ڇا هن دوستَ هي جو مُون سان ٽھڪ َ ڏين ٿا اُهي سمورا ناهن دوستَ ڪي ڪي ناوَن پُراڻيءَ تي پڻ قرب ڪنڌيءَ ڏي ڪاهن دوستَ