هر ڪنهن کي هتِ آھن دوستَ

هر ڪنهن کي هتِ آھن دوستَ
ڪي ٿا ڪنهن کي چاهن دوستَ

ماڻھون پهرين گڏِجاڻَيءَ ۾
نوان نوان ٿا ٺاهن دوستَ

جو مون جوڙيو پيار جو جھُوپو
تنهن کي ويٺا ڊاهن دوستَ

ڪيڏا دَرِدَ ڏين ٿا دل کي
ڪو تہ ٻڌائي ڇا هن دوستَ

هي جو مُون سان ٽھڪ َ ڏين ٿا
اُهي سمورا ناهن دوستَ

ڪي ڪي ناوَن پُراڻيءَ تي پڻ
قرب ڪنڌيءَ ڏي ڪاهن دوستَ
 
ڪيڏا دَرِدَ ڏين ٿا دل کي
ڪو تہ ٻڌائي ڇا هن دوستَ


آهه ... ڪمال يار

دل جي ڳالهه ...

سدا سلامت هجو
 
Back
Top