سگريٽ کي ڪٿان دُکائجي؟ ضراب حيدر سنڌو درياهه، ٺٽي جي ٻاهران پاڻيءَ ۾ ريٽ ملائي سمنڊ ڏانهن ڪاهيندو ڌوڪيندو ٿي ويو. سمنڊ کان اُٿندڙ واهوندي. اڇن ڪارن ڪڪرن کي اتر ۽ اوڀر ڏانهن گهليندي ٿي وئي. ڪينجهر جون نيريون ڇوليون، نوريءَ جي قبر جي گول ٿلهي کي ڇُهي رهيون هيون. موٽر لڳل هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ ناکئو، موٽربَوٽ واري اسپيڊ ۾ ڪينجهر جي سيني تي ٻيڙيءَ کي تاريندي ٿي ويو ۽ ڪينجهر جون ڇيڳريون ڇوليون، ايترو ته مٿي ٿي ويون ڄڻ ڪيتريون ئي ڊولفن مڇيون گڏجي هڪ ئي وقت نچي ۽ ڪڏي رهيون آهن. پريان سونهيرڪي ڍنڍ ۾ هڪڙو تارُو، ٽامي جي وڏي مٽ تي ترندو، ڪناري ڏانهن ڪاهيندو ٿي آيو. سونهيرڪي ڍنڍ جي سونهري رنگ جهڙي پاڻيءَ ۾ اهو ڪاري ۽ سانوري رنگ جو تارُو جيڪو پڪ سان ملاح هوندو سو ڄڻ ڪنهن سوني زيور تي ڪاري ٻُڙي وانگر لڳي رهيو هئو. ٺٽي جي چؤگرد زندگيءَ جو رڙهندڙ احساس هو، پر سونڊا جي پراڻي ۽ تاريخي قبرستان سميت مڪليءَ تي ڄڻ ماٺ جي چادر تاڻيل هئي. درگاهون، مقبرا ۽ گنبذ به ڄڻ سنسان لڳي رهيا هئا، ڪنهن به مقبري جي چائنٺ کي ان گهڙيءَ، ڪنهن به قدم ڪونه ڇهيو هئو، سواءِ سلطان ابراهيم بن مرزا عيسيٰ خان بيگ واري مقبري جي، جتان ٻه موالي، هيروئن پي نڪتا هئا. قبرن مٿان رکيل ڳورا پٿر پنهنجي وجود جي سخت خول ۾ ذڪر ڪري رهيا هئا. ثوابن جو ڪاروان، عرش معليٰ ڏانهن سفر ڪندي، خلائن ۾ هلندو ٿي ويو، پٿر سان اڏيل سمورن مقبرن ۽ قبرن ۾ هلندڙ خدائي ذڪر جي ڪنهن به ساهواري کي ڪا به کڙڪ نه ٿي پئي. ان رات به مڪليءَ جي هڪ وڏي درگاهه تي معمول وارو چوٻول متل هئو: ” اصحابي ڇوڙ دو ظالم، اصحابي توني مار ديا قاتل! ڇوڙ دو..... (مرداڻي آواز ۾ وري) مين اِس عورت ڪو نهين ڇوڙونگا، چاهي تو مُجهي مار دي، اصحابي مين ڪوئي معمولي هستي نهين هون...ميرا مقابلا مهينگا پڙيگا ... ڇوڙدي اصحابي...ظالم! ڇوڙدي.....“ جيتريون هيون عورتون، اوترو هئو پِٽڪو، ڪَل ٿڙيل مردن جو به انگ هروڀرو ايترو گهٽ نه هئو. هڪڙو ٽيٽيهر جهڙو شخص، اصحابيءَ جي درگاهه ۾ ماتمي طواف ڪري رهيو ۽ ٻاهر آڳنڌ ۾ هڪڙو ٿلهو متارو همراهه، سنهڙن سُرن ۾ زناني آواز ۾ وڏي واڪي پار ڪڍي چئي رهيو هو: ”نهين ڇوڙونگي اس ڪو نهين ڇوڙونگي......“ پر ضائفائُن جي قلابازين جي ڳالهه ٻي هئي، انهن ڪرتبن ۽ قلابازين جي چٽا ڀيٽيءَ جي ڪري اصحابي جي درگاهه جي تقدس ڀرئي فرش تي ٿيندڙ ڌٻڪا ۽ ڌماڪا ڄڻ ڌرتيءَ تي فطري گناهه ڪرڻ جي اجازت گهرڻ واري مطالبي جو اظهار هئا ۽ انهن ڌٻڪن تي فرش، عرش ڏانهن ڏسي روئڻهارڪو ٿي ويو هو. اُن رات، آسيه جي جسماني ضرورتن جي شدت کي درگاهه جي هڪڙي سرڪاري رکوالي ماٺو ڪين ڪيو هئو. آسيه وٽ اڃان به اجهل اُڃ هئي. پر آسته وٽ شڪار ٿيندڙ شڪاري، آسيه جي جذبن ۽ اڌمن سان پنهنجي طاقت کي پورو ڇوٽ نه رکي سگهيو هو، جو هو نه ڪو ايڏو ڄاڻو هئو جو ڪنهن جي طوفانن جو زور ٽوڙي سگهي ۽ نه وري وٽس ارغونن ۽ ترخانن واري انگوري هئي جو گهڻو جٽاءُ ڪري سگهي، تنهن ڪري همراهه ڦِڪو مٺو ٿيندي اسُر ڪري ڇڏيو ۽ آسيه کيس اکين ئي اکين ۾ گاريون ڏيندي قبرن وچان ٺهيل پٿريلي پيچري تان پنهنجي گناهه جهڙيون بي لذت وکون کڻندي، مڪليءَ کان ڏور نڪري آئي. شام جي ڳاڙهاڻ، شاهبندر، چوهڙ جمالي، شاهه يقيق، ۽ جلالي بابا جي درگاهن مٿان شفق تي ايندڙ، رات جي شرم کان ڪاري ٿيندي وئي. اُن ساعت، هر اڌ ڪلاڪ کان پوءِ، ڪراچيءَ کان آيل بسن مان، هڪڙي بس جو آخري بريڪ، شاهه يقيق ۽ جلالي بابا جي نگريءَ ۾ کُتو. بس جي در مان لهندڙ حسرتن ڀريل، اميدن ڀريل، نراس ٿيل چهرن وارن ماڻهن جا پير، ڪلراٺي ڀونءِ تي پيا. سڀني کان آخر ۾ آسيه، بس جي پوئين گيٽ کان، پنهنجا اوجاڳيل ۽ ٿڪل قدم به ان ساڳي ڀونءِ تي لاٿا. هن جو اندر، روئڻهارڪو هئو. هوءَ، پنهنجا اڌما اندر ۾ گهُٽيندي، دٻائيندي، ننڍڙيون وکون کڻي هلڻ لڳي. ڪالونائيز ٿيل ٺوڙهن، ڏاڙهيلن، نسواري ۽ پان کائو ماڻهن جا عجيب عجيب منهن ڏسندي بازار ۾ ڪاهي پئي. بازار جي پهرئين گهٽ وٽ ويٺل موچيءَ کي ڏٺائين، جيڪو، سامائجندڙ ٻن افغاني ڇوڪرين جي ننڍڙين انبڙين جهڙين ڇاتين تي هِرکي رهيو هئو ۽ ڇوڪريون البيلائيءَ سان، کلي ساڻس کيچل ڪري رهيون هيون ۽ موچي ڄڻ سندن چپل کي ٽاڪو هڻڻ بدران، پنهنجي اڊڙندڙ دل کي سِبي رهيو هئو. آسيه جي اڃايل ڇاتين ۾ وري ساڳي بي چين سُرسُر ٿيڻ لڳي، ان سُر سُر مان نڪتل سُسراٽ ۽ ڌُرهڙيون، سندس ڇاتيءَ جي نرم ڌرتيءَ مان اڏامي پوٺي جي گهميل فضائن ۾ جذب ٿي ويون ٿي. هوءَ، شاهه يقيق ۽ جلالي بابا جي درگاهن جي پوٺن تي اوپن ايئر مسافر خانن جي رکيل کٽن ۽ بسترن کي ڏسندي هلي وئي. جن تي ويٺل ٻار، ٻُڍا، عورتون ۽ مرد گهر جهڙو ماحول ٺاهي ويٺا هئا. کٽن ۽ بسترن جو هوڪو ڏيندڙ پٺاڻ، ڦيريون پائيندي گراهڪ ڳولي رهيا هئا. ڪي افغاني وري اُتي سيمينٽيڊ بلاڪ جي ٺهيل مسافر خانن جي سوڙهن ڪمرن ۾ رهڻ لاءِ آماده ڪرڻ جو اٽڪلون ڪري رهيا هئا ۽ پهريون ڀيرو ايندڙ ماڻهن کي ڊيڄاري رهيا هئا ته: ”اهڙو سٺو ڪمرو ڀرجي ويو ته وري نه ملندن.“ آسيه، شاهه يقيق جي درگاهه جي حاضري ڀرڻ کان سواءِ ئي جلالي بابا جي درگاهه جو رخ ڪيو. آسيه جي پٺيان پٺيان آسيه جهڙي هڪ اڌڙوٽ عمر جي عورت به هئي، اُها شايد سندس مائٽياڻي هئي. آسيه جا پاڻ مرادو کڄندڙ قدم، انهن پيچرن سان شناسائيءَ جو ثبوت ڏئي رهيا هئا. جلالي بابا جي درگاهه، شاهه يقيق جي درگاهه کان فرلانگ ڏيڍ کن پري هئي. ٻنهي درگاهن جي وچ ۾ سارين جي فصل، سم جي پاڻي ۽ مينهن ۽ برساتن جي جمع ٿيل پاڻيءَ جي هڪ ڍنڍ ٺهي وئي هئي. ڍنڍ ۾ ٻُور واري پن، شاڪر (منڍا)، ڪميون ۽ ڏيڏريون جام هيون اُن ڍنڍ جي وچان، ٽن فوٽن جي مختصر ويڪر وارو پيچرو، جلالي بابا جي درگاهه ڏانهن ٿي ويو پيچري تي پينو عورتون، ٻار ۽ پوڙها، پني رهيا هئا. ڪجهه ٻار، ڪنڍين سان ڍنڍ مان شاڪر ڦاسائڻ ۾ مصروف هئا. آسيه پيچري تي پهچڻ کان پوءِ ٿورو تکي ٿي وئي، پر ٿڪ جي ڪري هوءَ، گهڻو تکو هلي ڪونه سگهي. سندس ذهن جون ڪيفيتون کيس ڪٿي گم ۽ گمنام ڪري رهيون هيون، پر پوءِ به کيس پنهنجي حيثيت ۽ سڃاڻپ جو پورو پورو احساس هو. پيچري تان ويندڙ ٽن نوجوانن کيس ڏسڻ کان پوءِ نظر انداز ڪري ڇڏيو هئو ۽ کيس گذري وڃڻ جي جاءِ ڪونه ڏني، تنهنڪري هوءَ، سندن پٺيان پٺيان هلندي آئي. رکي رکي، هوءَ، ٽنهي نوجوانن جون ڳالهيون ڪنائي رهي هئي. هتان جي بزرگن، اوليائن ۽ درگاهن جون حاضريون ڀري ۽ اتي ملندڙن سان عارضي وقت- گذارين سبب هوءَ هتان جي ٻولي سمجهڻ لڳي هئي. مسعود، ساحر کي ٻڌائي رهيو هو ته: ”ننڍپڻ ۾ هو به پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ سان گڏجي هتي ايندو هئو ۽ هن ئي ڍنڍ مان، ٽاچڻيءَ سان ٺاهيل ڪنڍيءَ سان ننڍيون ننڍيون مڇيون ڦاسائيندو هئو.“ ساحر، جيڪو گهمندڙ ڦرندڙ ۽ کائيندڙ پيئندڙ نوجوان هئو تنهن کيس کلندي چيو، ”۽ هاڻ ڇا لاءِ ايندو آهين؟“ ”هاڻ... هاڻ به جلالي بابا گهرائيندو آهي... ڇو ته جلالي بابا، جنن جون ورتل، زندگيءَ جي مزي واري تلاءَ مان نڪتل ڦٿڪندڙ ڪُرڙيون، مون ڏي ريفر ڪندو آهي.... مان انهن جي جنن سان جٺيون ڪندو آهيان... اُهي مڇيون ڦاسائيندو آهيان، جيڪي ڦٿڪي ڦٿڪي ترڪي ته وينديون آهن پر مري نه سگهنديون آهن...“ مسعود کليو ۽ ساحر ٽهڪ ڏئي چيو، ”ٻڌو اٿم ته جلالي بابا پنهنجي ڀرسان ڪو به مردو پورڻ ناهي ڏيندو. اڳي جڏهن ڪوئي اڻ ڄاڻائيءَ ۾ پنهنجو مردو پوري ويندو هئو ته ٻئي صبح جو اُهو مردو ٻاهر پيو هوندو هئو يا ڪفن سوڌو ڪنهن وڻ ۾ پيو هئو لٽڪندو....“ مسعود کلي وراڻيو: ”مون به اِهو ئي ٻڌو آهي پر يار! جيئرن ماڻهن کان وڌيڪ ڀلا مُردا خطرناڪ هوندا آهن ڇا؟ جلالي بابا، جيئرن سان جُٽيو پيو آهي، مئلن کي پنهنجي ويجهو سهي ئي ڪونه ٿو!“ ساحر چيس، ”صفا ڪو درويش آهين... جڏهن ماڻهو، جلالي بابا وٽ جن کڻي ايندا آهن ته جلالي بابا ڪو اِتي ٿورئي هوندو آهي!! ڪڏهن جو قبر ڇڏي هليو ويندو آهي، جنن سميت ماڻهن کان پيو پناهه گهرندو هوندو....“ مسعود وري ساحر کان ستائڻ واري انداز ۾ پڇيو، ”پوءِ جنن وارن ماڻهن جي حاضري ڪير لڳرائيندو آهي ۽ منجهن ويٺل جنن کي سزائون ڪير ڏيندو آهي؟ هاڻ هلي ڏسجانءِ ته جنن کي ڪيئن ٿي پادريشن ٿئي!“ ساحر پنهنجي ننڍڙن گول ڊولائتن ڳاڙهن چپن تي هلڪي مرڪ آڻيندي چيو، ”ماڻهن جي اندر ۾ ويٺل، پنهنجي هٿن جو ٺاهيل جلالي بابا! ۽ جنن کي پادريشن به اُهو ئي ڪندو آهي.“ شهزاد جيڪو ساڻن گڏ هئو ۽ اڪثر وقت ماٺ ۾ رهندو هئو، تنهن ساحر سان سهمت ٿيندي هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو. مسعود وري ساحر ڏي شرارتي انداز ۾ ڏسندي، سنجيدگيءَ سان پڇيو، ”ساحر! ماڻهو، پنهنجي ذهنن ۾ جلالي بابا ڇا لاءِ پيدا ڪندا آهن؟“ ساحر، مسعود ڏي ڏٺو ۽ پوءِ اوچتو سندس ڌيان پٺيان ايندڙ آسيه ڏي ويو آسيه جي اکين ۾ ڏٺائين، جنهن کيس اکين ئي اکين ۾ ڪجهه ٻڌايو، ۽ شايد اِهو مسعود جي سوال جو جواب هئو، جيڪو هن ساحر کان پڇيو هئو. ساحر، مسعود ڏانهن ڏٺو ۽ چيائين: ”پنهنجي وجود جو، پنهنجي وجود جي حيثيت جي اظهار ڪرڻ لاءِ، پنهنجي هئڻ جي ثبوت ڏيڻ لاءِ، پاڻ کي پنهنجو پاڻ ريئلائز ڪرائڻ لاءِ ۽ Self Expression پاڻ کي اظهارڻ لاءِ.“ ”مسعود وري به شوخ انداز ۾ ساحر جي اکين ۾ ڏٺو ۽ پڇيائين، ”ساحر! ماڻهو Self Expression لاءِ درگاهن تي ئي ڇو ايندا آهن؟“ ساحر چپ ٿي ويو. ”ٻڌاءِ نه ساحر...!“ ساحر، مسعود ڏي ڏٺو ۽ کلي وراڻيو، ”ڄڻ تون ڄاڻين ئي نه ٿو!“ ”نه، خدا سان... سچي مان اٻالو آهيان.“ ”چڱو منهنجا معصوم اٻالا! صبح جو ٻڌائيندوسانءِ.“ ساحر، پٺيان آسيه جي اکين ۾ ڏٺو، جن ۾ ڪو چور وڦلي رهيو هئو. ۽ پوءِ اوچتو آسيه ڀڙڪو کائي هڪ رڙ ڪئي: ”او جلالي! مين مر گئي“ ۽ درگاهه جو رخ ڪري، کين ڌِڪو ڏئي وٺي ڀڳي. ”ساحر! هن کي ڇا ٿي ويو اوچتو... اڳ ۾ ته ماٺ ڪيو پئي آئي.“ ”ذهن ۾ ويٺل جلالي بابا، حاضري شروع ڪئي هوندس.“ آسيه، جلالي بابا جي مقبري اندر ڪونه وئي. مقبري کي چئني پاسن کان جيڪي دريون هيون، انهن مان هڪڙيءَ دريءَ جي شيخن ۾ هٿ وجهي ڪجهه ساعت بيهي رهي. ڪجهه دير ئي نه گذري ته سندس اکين جا تارا ڦرندا ويا، هن پنهنجي ڪنڌ کي مروڙڻ ۽ وٽڻ شروع ڪيو، ڄڻ ڪوئي سندس ڪنڌ هٿ سان ڀڃندو هجي ۽ پوءِ هن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون: ” او جلالي بابا! جلا.....للا.... لي او جوٺي... او فريبي... دغاباز جلالي...!“ ۽ پوءِ هوءَ، مقبري جي ٻاهران ٺهيل چوڦير ٿلهي تي چڪر ڪاٽڻ لڳي. بلڪل ائين ئي ٻيون به کوڙ عورتون ساڳيو عمل دهرائيندي، لڳ ڀڳ ساڳي صورتحال مان گذري رهيون هيون. تڪڙيون ڊوڙنديون، سهڪنديون، وڦلنديون، دانهون ڪنديون، ڪوڪون، چيخون ۽ واڪا ڪنديون چونديون رهيون: ”او جلالي! توني مار ديا بي رحم! بي درد اتنا درد مت دو... ڇوڙ دو... ڇوڙ ڪيون نهين ديتي... مت مارو ظالم جلالي بابا! اتنا جلال نه دکائو...“ ائين چئي زور سان مقبري جي ديوارن تي مٿو ٽڪرائڻ مٿي ٽڪرائڻ سان گڏوگڏ هيٺ سيمينٽيڊ ٿلهي جي فرش تي ڌٻڪو ڪري ڪرڻ ۽ رڙين سان جيڪي آواز ماحول تي ڇائنجن پيا، انهن آواز ۾ هڪ عجيب وحشت ڀري دهشت هئي. ان گوڙ ۾ آسيه به شامل ٿي وئي: ”او جلالي! جوٺي.... ڇوڙ دي، مار ديا... ظالم مارديا... اتني تڪليف نه دو... او جلالي!....“ آسيه لڙکڙايل وکن سان هلندي، پنهنجا ٻئي هٿ، دُن کان هيٺ، پيٽ جي آخري حد تي رکيا ۽ وري چوڻ شروع ڪيو: ”او جلالي! جوٺي.... ڇوڙ دو....“ ۽ پوءِ ڌٻڪو وڃي، پٺيءَ ڀر جلالي بابا جي مقبري جي ڀت سان ڪيائين. پيٽ وٽان هٿ ڪڍي، هٿن جي ترين سان ڀت کي زور زور سان چنبا هڻڻ لڳي ۽ پوءِ اوچتو پنهنجي ڪنڌ کي جهٽڪو ڏئي، ڪنڌ هڻڻ شروع ٿي وئي، سندس وار کلي ويا هئا ۽ ڄڻ هوا ۾ ڪا جهار هڪلي رهيا هئا. ساحر کيس غور سان ڏٺو. دل ۾ سوچڻ لڳو: ڪيڏو نه دليرانا انداز آهي Self expression جو.... پاڻ کي پاڻ اذيت ڏيڻ..... Sadist (اذيت پسند) به ڪيڏي نه گريٽ شيءِ هوندا آهن! آسيه وري مقبري جي چوڦير، چڪر ڪاٽڻ شروع ڪيا. آسيه جي جوش ۾ هاڻي تيزي اچي وئي هئي. ساحر کيس ڏسندو رهيو. ان گهڙيءَ ٺوٺ هڻندي کيس مسعود چيو، ”هو ڏس ڪڪڙ....“ ساحر، شهزاد ۽ مسعود جو ڌيان هاڻ اُن ماڻهو طرف هئو، جيڪو جلالي بابا جي مقبري جي دروازي جي ٻاهران ڪڪڙ وانگر ٻانگون ڏئي ڦڙڪيون هڻي رهيو هئو. ”مسعود! واهه جو ٿيئٽر آهي، ماڻهن سان گڏ جانور به آهن. ٽريجڪ سين به آهن ته ڪاميڊي به آهي. ڀيڻسان ڪڪڙ جو پٽ، پڪ سان اڳئين جنم ۾ ڪو مسخرو، ڪڪڙ هوندو.“ ائين چئي ساحر، وري آسيه ڏي ڏسڻ لڳو. آسيه جا ڪرتب، سرڪس جي ڪنهن قلاباز (جمناسٽڪ) ڇوڪريءَ کان گهٽ نه هئا. آسيه جي ڪرتبن جي چٽا ڀيٽيءَ ۾ ٻيون به کوڙ قلاباز ڇوڪريون ۽ عورتون: ”جلالي! جلالي!“ ڪنديون پنهنجا پنهنجا ڪرتب ڏيکارڻ لاءِ وڌيڪ پُرجوش ٿي ويون. عورتن جا اُهي لقاءَ ۽ رڙيون، پاڻ کي پاڻ ڏيندڙ اذيتون، درد ڀريا جهٽڪا، سور ۽ سوز ڀريا آواز ائين ٿي ماحول ۾ ٻريا، ڄڻ دنيا جون سڀ محروميون، ڪائنات سان، بي انصافيءَ تي احتجاج ڪري رهيون هيون. ساحر پريشان ٿي ويو اُن ويل کيس ايئن لڳو ته هي ماتم دنيا جي سڀني مردن جي (Mental Impotence) ذهني نامرديءَ تي ٿي رهيو آهي... مسعود ڏي ڳنڀير ٿيندي، ڏسي چيائين: ”مسعود يار! هي ڪهڙو ظلم آهي؟ ڪهڙو تماشو آهي، مان ته ڊپريس ٿيندو پيو وڃان.“ ساحر جو آواز ڄڻ گُهٽجندو ويو. ”چپ ڪري، ويهي تماشو ڏس. چانڊوڪي آهي نه... چانڊوڪيءَ ۾ جنن کي ڪجهه سرس مستي اِيندي آهي.“ ”ڪير ٿو چوي ته جنن کي چانڊوڪيءَ ۾ مستي ايندي آهي.“ ساحر، مسعود ڏي تعجب ڀريل ڪاوڙ وچان ڏسندي چيو. ”اڙي يار! مان ٿو چوان ڇا؟ درگاهه جي مجاور ٻڌايو آهي.“ ساحر کي ڄڻ چڻنگ لڳي وئي، چيائين: ”چانڊوڪيءَ ۾ جنن کي مستي ته ڪونه ايندي آهي، باقي نانگن، سمنڊن ۽ عورتن کي مستي ايندي آهي.“ ”اڙي يار نانگ، سمنڊ ۽ عورتون، جن ناهن ڇا؟ باقي جيڪو تون سمجهين.“ شهزاد، جيڪو سدائين فلاسافر ٿيو ويٺو هوندو هئو، تنهن چيو، سڀ هسٽريا جون مريض آهن... هسٽريا جا به ته کوڙ قسم آهن، جن جون مختلف ڪيفيتون ۽ تڪليفون آهن. ڏسو نه چوندا آهن ته هسٽريا، رڳو عورتن کي ٿيندي آهي، جو سندن شرم گاهه (Vagina) جي خرابين جي ڪري هسٽريا ٿيندي آهي... پر ايئن ڪونهي... هسٽريا ته مردن کي به ٿيندي آهي. هسٽريا جي مرد مريض کي به ايئن ئي پيٽ ۾ هڪ گولو اُڀرندي محسوس ٿيندو آهي ۽ پوءِ اُهو گلي ڏانهن وڌندو محسوس ٿيڻ لڳندو آهي ۽ مريض کي ايئن لڳندو آهي ته ڄڻ ڪوئي کيس گهٽو ڏئي رهيو آهي. اُهي گولا ڪي ننڍڙا (مائينر) هوندا آهن ته ڪي وڏا (ميجر) هوندا آهن ۽ انهيءَ ڪيفيت ۾ مريض پاڳل ٿي پوندو آهي. خاص طور تي عورت ته اڪثر، ٻار ڄڻڻ کان پوءِ ڪمزور ٿي پوندي آهي ۽ پوءِ عورت جي شرمگاهه ۾ شديد حرڪت ٿيندي آهي،جنهن جي پوراءُ نه ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ بيماري Puerperal Mania ٿيندي آهي. اُن کانسواءِ اڪثر بالغ ڇوڪرين ۾ جنسي لاڳاپن جي خواهش ٿيندي آهي، جنهن جي پوري نه ٿيڻ جي صورت ۾ هوءَ اڪثر موري، ڪيلي، واڱڻ يا ڪنهن ٻي شيءِ جو سهارو وٺندي آهي، ڪي عورتون ته جانورن مان جنسي تسڪين ماڻينديون آهن، جنهن کي (Zoophilia) جانورن کان لذت وٺڻ چئبو آهي. ٻيو ڪجهه به نه ملڻ تي عورتون پنهنجي هٿ جي آڱر سان پنهنجي شديد نفساني خواهش پوري ڪنديون آهن، جنهن کي (Onanism) يعني انگشت زني چئبو آهي، جيئن جنسي فرسٽريشن جو شڪار مرد ۽ بلوغت ڏي وڌندڙ نوجوان، ناآسوده ۽ اڃايل گهرجن جي پورائي هٿ لس ڪرڻ (Masturbation) مشت زني ڪرڻ سان ڪندا آهن. ڪيترائي ڊاڪٽر ۽ حڪيم انهن عملن کي صحيح قرار ڏيندا آهن، پر بهرحال اِهي عمل ٻنهي طرفن کان خطرناڪ آهن. عورت سان ٿيندڙ جذبن جي Suppression جيڪا بيماري پيدا ڪندي آهي، ان کي (Puerperal Mania) چئبو آهي، جيڪا ٻارن جي گهڻائي ڄڻڻ سان ۽ ٻين ڪمزورين ۽ جنسي مونجهارن سان پيدا ٿيندي آهي. ان کان سواءِ ٻيون به کوڙ بيماريون آهن. مثال طور: ڪا ڪنواري ڇوڪري، پيٽ سان ٿي ويندي آهي ۽ ڳالهه ڪنهن کي ٻڌائي به نه سگهندي آهي، پوءِ کيس اُها حالت چريو ڪري ڇڏيندي آهي ۽ شريف ۽ پرديدار خاندانن جون ڇوڪريون، جيڪي سخت پابندين هيٺ هونديون آهن ۽ پنهنجون جنسي خواهشون دٻائڻ تي مجبور ٿي پونديون آهن، اُهي مختلف روڳن ۾ وٺجي وينديون آهن، جن کي (Delirium) وڦلڻ يا هزيان، (Hallucination) وهم ۽ اجاين سودائن، (Chorea) ڏڪڻي يا رڦڻ، (Epilepsy) مرگهي، (Nymphomania) نفساني خواهش جي زيادتي، جنهن جي مريض کي (Nymphomaniac) چئبو آهي ۽ (Insanity Melancholia) پاڳل پڻو يا جنون جهڙيون بيماريون سمجهيو ويندو آهي، ۽ مسئلو اهو آهي ته اسان وٽ سيڪس بس رڳو گناهه آهي. سيڪس ايجوڪيشن جو ناهي....“ ساحر، آسيه ڏي ڏٺو ۽ سوچيو، ”واقعي، شهزاد ٺيڪ ٿو چوي آسيه به اهڙين حالتن جي ور چڙهيل آهي. يا شايد اڃان به ڪا ٻي بيماري اٿس.“ ساحر، آسيه کي ڏٺو، آسيه ساڻس اکيون ملائڻ شروع ڪيون. هن، آسيه جي جن کي اک هنئي. آسيه جي جن وڃي پٽ تي ڦهڪو ڪيو ۽ ليٿڙيون پائڻ لڳو پر آسيه جي هڪ خوبي هئي، ايئن چئجي ته اها آسيه جي جن جي خوبي هئي جو هوءَ، ٻين عورتن وانگر ليٿڙيون پائيندي، ٿلهي کان پنج فوٽ هيٺ ڪونه ٿي ڪري، پر ٿلهي جي حد ختم ٿيڻ وٽان هڪدم، وري پنهنجو پاڻ موٽي واپس ٿي آئي ۽ اچي ڪڏهن مقبري جي ڀت سان ته ڪڏهن وري ٿلهي تي ويٺل ماڻهن سان ٽڪر ٿي هنيائين. ان حالت ۾ وري ساحر هڪ ڀيرو ٻيهر، آسيه جي جوش ورتل جن کي اک، ڀڳي، جن جي حالت خراب ٿي وئي. پاڻ کي پٽڻ ۽ مارڻ شروع ڪيائين. جن، ليٿڙيون پائيندو، سهڪندو، شور ڪندو ساحر جي ويجهو آيو کيس پاسا هڻندي، چپن ئي چپن ۾ ڪجهه ڀڻڪي، اُٿي کڙو ٿيو ۽ وري مقبري جو طواف ڪرڻ شروع ڪيائين. ”ساحر هيڏانهن ته ڏس، ڪڪڙ هاڻي پشتو ۾ ٿو ڳالهائي.“ ”ڳالهائڻ ڏينس.“ ساحر، آسيه مان نظر هٽائڻ کان سواءِ ئي چيو. ”اڙي ٻڌ ته سهي نه، جلالي بابا سان پشتو ۾ وڏي conversation ڪيو ويٺو آهي.“ ساحر ٽهڪ ڏئي چيس، ”جلالي بابا ڪهڙا آرگيومينٽس ڪندس، جلالي بابا جو جلال، فقط مُردن سان هوندو آهي، جنن ۽ جنن ورتل ماڻهن سان نه.“ ”اڙي ڀيڻان! بدعتي، منڪر! ڪجهه ته خيال ڪر...“ مسعود ڏاڍي عالمانه سنجيدگيءَ سان چيس، ”جلالي بابا کي جلال اچي ويو ته هڻي پورو ڪري رکندئي.“ ”پهرئين انهيءَ ڪڪڙ کي ته پورو ڪري، جيڪو گاريون ويٺو ڏئيس. پر جلالي بابا آهي ڪٿي، ڀڄي ويو پِڙ ڪري، زاري آهي زاري! شال نه ڪو ولي ٿئي، ماڻهو جيئري ته ڪونه ڇڏيندس پر قبر ۾ به سک ماڻڻ ڪونه ڏيندس.“ ”ساحر! هاڻي ڏس، ڪڪڙ جي پشتو، ڪنهن ڪونه ٻڌي ته وري پنجابيءَ ۾ ڳالهائي، هينئر اردوءَ ۾ شروع ٿيو آهي.“ مسعود، ساحر کي ڪڪڙ ڏي متوجهه ڪرايو. ”اڃان ترس، ڪٿي ٿي ڳالهه، انگريزي به ڳالهائيندو ۽ وس هلندس ته عربيءَ ۾ به طبع آزمائي ڪندو.“ ايئن چئي ساحر ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو. مقبري جو دروازو قائم ٿي ويو آسيه ۽ ٻيون عورتون، پنهنجا ڪرتب ڏيکاري، ٿڪجي سهڪي ساڻيون ٿي، ٿلهي تي ويهنديون ويون. ڪڪڙ پنهنجي اداڪاريءَ جو شاندار مظاهرو ڪندي، تقرير ڪرڻ شروع ڪئي. هڪڙي پيرسن کي مخاطب ٿيندي چيائين، ”اي پوڙها تنهنجو پٽ، توکي صحيح ۽ سالم حالت ۾، رڳو نورانيءَ جي درگاهه تي ملندو. اُتي هو، انهن تعويذن کان آجو ٿيندو، جيڪي ان تي، مائٽن ڪيا آهن.“ پيرسن جيڪو ڪڪڙ جو پيءُ ئي هئو، وڌي سندس ويجهو آيو ۽ گوڏا کوڙي ويهندي چيائين، ”فقير سائين! نورانيءَ تي منهنجو پٽ ٺيڪ ٿي ويندو نه؟“ ڪڪڙ، ڏاڍي داٻي سان گجگوڙ ڪندي وراڻيس، ”پر ياد رک، تنهنجي پٽ جي جتي چاهت هئي، اُتي تو، اُن جي شادي ڪونه ڪرائي. اتي کيس ڪونه پرڻايو آهي يا مان غلط ٿو چوان؟“ پيرسن عاجزيءَ سان وراڻيو، ”ها فقير سائين! سچ ٿا چئو، مون کان برابر اِها غلطي ٿي آهي. پر جيڪو ٿيڻو هئو، اهو ته ٿي ويو نه.“ اهڙي گفتگو ٻڌي، ٻيا مرد عورتون، زيارتي ۽ سوالي سڀ ڪڪڙ جي چوڌاري گول دائرو ٺاهي ويهندا ويا. ايئن ٿي لڳو، ڄڻ ڪا ڪئمپ فائر هجي. ڪڪڙ کي پهتل روح، سمجهي کوڙ عورتون، ڪڪڙ کان پنهنجي قسمت جو حال پڇڻ لڳيون ۽ دعائون پنڻ لڳيون. ڪي ماڻهو وري ڪڪڙ کان پنهنجا مقصد پڇڻ لڳا ۽ ڪڪڙ، الله جي ڏني مان هڻندو ويو. ماڻهو، بشارتون ميڙيندا رهيا. ڪڪڙ، بشارتن ڏيڻ کان پوءِ هڪدم هوا ۾ دعا لاءِ هٿ بلند ڪيا، ”يا الله! هن پنهنجي گناهه گار بندي کي نه ڏس. جلالي بابا جهڙي وليءَ جي صدقي، سڀني جون مُرادون پوريون ڪر.“ ماڻهن به دعا لاءِ هٿ کڻي، دل جي گهراين سان آمين آمين چوڻ شروع ڪيو. ڪڪڙ دعا گهرندو رهيو، ”يا الله! مون کي عذاب ڏي، پر منهنجي هنن بندن تي رحم ڪر.“ ڪڪڙ دعا ۾ ٻاڏائڻ لڳو. ماڻهو، کيس ابدال سمجهڻ لڳا. ماحول تي ڪڪڙ ڇائنجندو ويو. مسعود، ساحر جي ڪن وٽ پنهنجو وات آڻيندي سس ڦس ڪندي پڇيو، ”ساحر! عورتن کي جن ڇو ٿيندا آهن؟“ ”ترس پوءِ ٻڌايان ٿو، في الحال مان، پيشاب ڪرڻ ٿو وڃان.“ ساحر معنيٰ خيز انداز ۾ چيو ۽ غير محسوس طريقي سان اٿي، آسيه کي اک جو اشارو ڏنائين. ساحر، آهستي آهستي، جلالي بابا جي مقبري کان اڌ فرلانگ کن پرڀرو لئي جي وڻن ۾ هليو ويو ڪجهه ساعت کان پوءِ آسيه به لوڻا هڻندي، سندس پويان لئين ۾ هلي وئي. ”ڪٿان آئي آهين؟“ ”پنڊيءَ کان.“ ”ڇا لاءِ؟“ ”اهو ٻڌائڻ ضروري ته ناهي.“ ”تنهنجي مرضي، اها گڏ ٻي ڪير اٿئي؟“ ”منهنجي وڏي ڀيڻ آهي.“ ”ان ويچاريءَ کي ڪهڙي ڏوهه ۾ دربدر ڪيو اٿئي؟“ ”تنهنجو ڇا وڃي؟“ ”ڪجهه ته منهنجو به وڃي ٿو نه.“ ”ڏاڍو حرامي آهين.“ ”نه، حرامي ته منهنجا ٻچا ٿيندا.“ ”زال هوندي به اهڙا ڪم ٿو ڪرين؟“ ”زال ڪٿان آئي مون مسڪين وٽ، تو جهڙيون ملي وينديون آهن ته زال جي ضرورت ڪونه پوندي آهي.“ ”چڱو ڇڏائي وٺ، وقت نه وڃاءِ.“ ”تنهنجو مڙس ڇا ڪندو آهي؟“ ”ٽرڪ ڊرائيور آهي.“ ”۽ تنهنجا مائٽ؟“ ”بس آهن، تنهن ۾ تنهنجو ڇا؟“ ”چڱو ويجهو اچ.... ڇاتيون ته قهر جون اٿئي!“ ”جاءِ ته ڪا چڱي تاڙين ها. مسافر خاني ۾ کٽ وٺڻ جا پئسا ڪونه اٿئي جو هيڏانهن آيو آهين... هتي رڳو گونهه ئي گونهه پيو آهي، ڌپ ساڙيو ٿي وڃي....“ ”اوقاف کاتيوارا، جلالي بابا جي درگاهه وٽ ڪاڪوس خانا، نه ٿا ٺهرائين. اُن ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي ڀلا؟ پر خبرناهي ڇو جلالي بابا، پاڻ ئي ڪاڪوس خانا ٺهرائڻ ۾ انٽريسٽيڊ ناهي.“ ”ته پوءِ؟“ ”ته پوءِ ڇا، صبح جو مزا هوندا، سڀ ماڻهو، هنن لئين ۾ ايندا، او هوڏانهن سارين ۾ ويندا، پريان ڪمند ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪندا. هٿن ۾ لوٽا کڻي، جيئن ئي ڪمند ۾ گهڙڻ جي ڪندا ته ڪمند جو مالڪ لٺَ کڻي پويان ويندن ۽ چوندن، ”ادهر نهين آؤ، دوسري طرف جا ڪر ٽٽي ڪرو... ويچارو ڪمند، پوکائي اچي ڦاٿو آهي. هاڻي ڀلا ڪمند ۾ ٻيو به ڪجهه ٿئي ۽ اتي وڃي ڪير گونهه ڪري اچي، ته باقي ڇا بچيو؟“ ”سچو آهين....؟“ آسيه وات تي هٿ ڏئي کلڻ لڳي ۽ پوءِ آسيه جي کل ۾ کجڪو به شامل ٿي ويو. ساحر سان گڏ هن جوانيءَ جي ڪمند جي مٺين گرين کي چوسڻ شروع ڪيو. ٿوري دير کان پوءِ جڏهن گُرين جو مٺو رس ختم ٿيو ته هو اُٿي کڙا ٿيا. ”سڀاڻي جو ڇا پروگرام اٿئي؟“ ”سڀاڻي اسان، شاهه موسيٰ جي درگاهه تي وينداسين، هن ڀيري اِها زيارت به ڪرڻي آهي.“ ساحر دل ئي دل ۾ چيو: ”لڳي ٿو ته اڃان پيٽ ڪونه ڀريو اٿئي تنهنجي پيٽ ۾ جڪو بائو گولو آهي، اُهو توکي اڃان گهڻو رلائيندو.“ آسيه، ساحر کي ٻک هڻي، هڪ آخري ڊگهي چُمي ڏيندي چيو، ”چِلڪڻا! چڱو هلان ٿي.....“ ساحر نه چاهيندي به چيو: ”...... تنهنجي مرضي، اڃان ته سويل آهي....“ ساحر واپس آيو ڪڪڙ اڃان تائين، ماڻهن جا هٿ، دعا ۾ بلند ڪرائي، پنهنجي طويل دعا ۾ مصروف هئو: ”اي الله! ڪل انبيائن جي صدقي... يا رسول! ڪل اوليائن جي صدقي...“ ساحر، مسعود جي ڀر ۾ ويهندي، هڪڙو فاتحاڻو آرس ڀڃيندي پڇيو، ”ڀلا سمهڻ جو ڇا ٿيندو؟“ ”يار! ڪلاڪ ٿيو آهي، هن ڪڪڙ جي دعا کٽي ئي ڪانه ٿي... الائي ڇا مرضي اٿس.“ ساحر، پريان ڀيڻ سان ويٺل آسيه ڏي ڏٺو، جيڪا ڏاڍي مطمئن پئي لڳي ۽ چيائين، ”ماڻهو ته پنهنجون دعائون اگهائي به آيا ۽ هن ڪڪڙ جي دعا....، پاڻ وانگر بد دعا بڻجي وئي اٿس....“ ساحر مُرڪي جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو. شهزاد، اوٻاسي ڏيندي چيو: ”چڱو اٿو ته هلي، ڪٿي بسترو وٺي سمهون.“ مسعود چيو: ”نه، بسترو ڇو وٺون جلالي بابا جي ٿلهي کان هيٺ تڏي تي ٿا سمهون....“ ساحر، آسيه ڏي ڏٺو، جيڪا ٿلهي جي ڪنڊ تي ڀيڻ سان سمهڻ جي تيارين ۾ هئي، وڏي سرچيائين: ”يار مسعود! هيٺ ڇو سمهون، جلالي بابا جي ٿلهي تي پيرانديءَ کان سمهي ٿا پئون. ٻيا به ته ماڻهو ته سُتا پيا آهن نه.....؟“ آسيه، ڄڻ اُهي ڪوڊ سمجهيا ٿي. شهزاد بيزاريءَ وچان چيو، ”جيڪا اوهان جي مرضي في الحال هلو ته چانهه پي اچون تيستائين، هن مروان ڪڪڙ جي تقرير به پوري ٿي ويندي، ڀيڻسان دماغ ئي چٽي ويو آهي... ڏاڍو لُڙ ڪيو اٿائين.“ هُو ٽئي اٿي چانهه پيئڻ لاءِ ٿورو اڳيان بازار ۾ هليا ويا. مسعود کي وري جُهجڪي اچي وئي. ”ساحر! ٻڌايئه ڪونه ته، عورتن کي جن ڇو ٿيندا آهن؟“ ”هاڻ هلي چانهه پي ۽ پوءِ هلي ننڊ ڪر. ٻار، رات جو اهڙيون ڳالهيون ناهن ڪندا.“ ”اڙي خبر اٿئي مان هاڻ وڏو ٿي ويو آهيان.“ ”ڪير چوندو آهي، توکي ڪير ٿو چوي؟“ ”مون کي بابا چيو ته پٽ مسعود هاڻ تون بالغ ٿي ويو آهين.“ ”ڀلا تنهنجو بابا، بالغ ٿيو آهي.“ ”گهڻو اڳ ۾.... بابا ته تڏهن بالغ ٿيو هئو جڏهن مان ڄائو هئس....“ ساحر، وات تي آڱر رکندي چيو، ”ماٺ ڪر، ماڻهو يسوع مسيح بڻائي، صليب تي ٽنگي ڇڏيندئي.“ هو، چانهه پي، سمهڻ لاءِ اُٿيا. ساحر، آسيه جي خيالن ۾ گم ٿي ويو: ”هن جو مڙس، ٽرڪ ڊرائيور آهي. مهيني ماسي گهر ايندو هوندو ۽ جي ايندو به هوندو ته آسيه کي وقت ڪٿي ڏيندو هوندو، ۽ وقت ڏيندو به هوندو ته آسيه جي وقت سان وقت ڪيئن ملائيندو هوندو؟ وقت ملائيندو هوندو به يا نه.... اتر قطب، ڏکڻ قطب کي ڇڪيندو آهي. هڪ جهڙا قطب، هڪٻئي کي ڌڪيندا آهن.... مخالف قطبن ۾ ڇڪ هوندي آهي.... عورتون ڪيڏو نه برداشت ڪن ٿيون. عورت ۽ ڌرتيءَ ۾ ڪيڏي نه هڪجهڙائي آهي. پنهنجي سيني تي به برداشت ڪن ٿيون ته سيني جي اندر پناهه به ڏين ٿيون.....“ هُو خيالن ۾ گم، مسعود ۽ شهزاد کان گهڻو اڳتي نڪري آيو. مسعود ۽ شهزاد، ڪافي پوئتي هڪ مسافر خاني جي ڪمري وٽ بيهي رهيا. ڪمري جي هنڌان هنڌان نڪتل سرن واري هڪڙي سوراخ مان بيهي ڪجهه ڏسڻ لڳا ۽ هُو ڪجهه نه ڪجهه ڏسڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ڪمري جي اوندهه سان جنگ جوٽيل چانڊوڪيءَ جي چانديءَ جهڙن ڪرڻن ۾ هنن ڏٺو ته هڪڙو پٺاڻ، پنهنجي زال کي پٺيان، سوئر وانگر چُهٽيو پيو هئو. ساحر کي اوچتو اڪيلي هجڻ جو احساس ٿيو. مُڙي هنن ڏي ڏٺائين. پريان رڙ ڪري پڇيائين، ”ڇاهي ڙي! ايڏانهن ڇا جو ٿا نائيٽ شو ڏسو؟“ مسعود ۽ شهزاد وات تي هٿ رکي... کي کي.... ڪندا کلندا، هن ڏي آيا. مسعود، چهري تي مصنوعي رعب پيدا ڪندي چيو: ”ڪجهه ڪونهي.... ۽ ٻارن جي ڏسڻ جهڙي ڪابه ڳالهه ڪونهي.“ ”اڙي آهي ڇا مان به ته ڏسان.“ ساحر وڃڻ لڳو. شهزاد، ٻانهن ۾ هٿ وجهي پاڻ سان گهلي وٺي هلندي چيس، ”ايڏانهن بالغن جي تعليم جو پروگرام پيو هلي ۽ تون اڃان نابالغ آهين، ها نه؟“ ”اڙي ٻڌايو ڇو نه ٿا.... ڇاهي جيڪڏهن منهنجي بالغ ٿيڻ ۾ اڃان مهينو اڌ رهيل آهي ته.!“ مسعود ٻچڪار ڪندي چيس، ”مِٺو! صبح جو پڇجان، هاڻ هل، هلي ٽافي کائي ننڊ ڪر.“ ٽئي ڄڻا، جلالي بابا جي مزار جي ٿلهي تي پيرانديءَ کان اچي سُتا. پريان ڪنڊ وٽ آسيه به اکيون پوري ليٽي پئي هئي. سندس هڪڙي ٻانهن، پنهنجي ڀيڻ جي مٿان ورايل هئي. ساحر کي اها خبر ڪونه پئجي سگهي ته اُها ٻانهن جسماني طور ڀيڻ جي مٿان اٿس پر خيالن ۾ ٽرڪ- ڊرائيور تي آهي، ساحر تي آهي يا اڃان ڪنهن ٻئي تي آهي. گهڻي اوجاڳي، ٿڪ ۽ هوا گهلڻ تي ٽنهي کي ننڊ کڻي وئي. اسُرويل اوچتو، مزار ۾ ٺهيل ننڍڙي موريءَ مان پاڻيءَ جو هڪ ريلو گڙگاٽ ڪري تيزيءَ سان نڪتو، جيڪو مجاورن طرفان مزار کي غسل ڏيارڻ ڪري سيلاب وانگر، مزار جي ٻاهر پيرانديءَ کان سُتل، ساحر، مسعود ۽ شهزاد تي جلالي بابا جي ناراضگي بڻجي ڪڙڪيو. ٽنهي جا ڪپڙا، خاص طور تي سلوارون پسائيندو ٿلهي کان هيٺ هليو ويو. اوچتو آيل اهڙي آفت تي ٽئي بي اختيار ”اوهه ماءِ گاڊ!“ ڪندي ٽپ ڏئي اُٿي کڙا ٿيا. سندن اهڙي حالت تي ٿلهي تي ستل ۽ ليٽيل مرد ۽ عورتون مٿن کلڻ لڳا. ”ابا! جلاليءِ کي جلال آيو آهي....“ ساحر ميسڻو منهن ڪري چيو ۽ مسعود ۽ شهزاد ٽهڪ ڏئي کليا. مسعود ٿلهي تي ويٺل ۽ بيٺل سڀني ماڻهن تي هڪڙي اڇاتري نظر وڌي ۽ ساحر جي جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو، ”ساحر! پنهنجو اِهو.... عورتن کي جن ڇو ٿيندا آهن؟“ ساحر کي ڄڻ چُوچڙي وٺي وئي. ساحر ڏٺو ته مسعود جي اِن مسخريءَ تي سڀ ماڻهو مُرڪي رهيا هئا. ساحر پنهنجي آلي ٿيل سلوار تي پٺيان هٿ رکيو، جيڪا سندس هپ کي آلو ڪري، ٽنگن تائين چنبڙي وئي هئي. کيس ائين لڳو ته ڄڻ سڀني ماڻهن سندس پُسي ويل هپ ڏسي ورتو آهي. پنهنجي ڪوفت گهٽائڻ لاءِ قميصَ جي اڳئين کيسي مان سگريٽ جو پيڪيٽ ڪڍيائين. مسعود وري سندس اکين ۾ شرارتي انداز ۾ ڏسندي، ڏاڍي سنجيدگيءَ سان پڇيو، ”ساحر! ٻڌائين نه ٿو ته، عورتن کي جن ڇو ٿيندا آهن؟“ ساحر، ڪنڌ جهڪائي، پنهنجي آلي ٿيل هپ ڏانهن ڏٺو ۽ وري ٿورو ڪاوڙ ۾ مسعود ڏانهن ڏٺو، پيڪيٽ مان سگريٽ ڪڍيو ۽ چيو، ”ٻڌايانءِ ته عورتن کي جن ڇو ٿيندا آهن؟.....“ ساحر سگريٽ دُکائي چيو، ”عورتن کي جن، اِن لاءِ ٿيندا آهن جو، اُنهن جا مڙس، سندن وجود جي سگريٽ کي فلٽر وٽان دُکائيندا آهن.“ شهزاد ۽ مسعود کي اوچتو راتوڪو پٺاڻ ۽ مسافر خاني جي ڪمري ۾ ڪيل سندس ڪرت ياد اچي وئي ته بي اختيار ٽهڪ نڪري وين. ساحر ڏٺو ته سڀ عورتون ۽ مرد، سندس ڳالهه سمجهندي الائي، نه سمجهندي به ٽهڪ ڏئي کلي رهيا هئا، پر اڪيلي آسيه جي چهري تي ڪا ڳالهه چغلي کائي رهي هئي، جنهن ڪَري هُوءَ، پاڻ کي ٻين عورتن جي اوٽ ۾ لڪائي رهي هئي.
اها ڪهاڻي توهانجي ڪتاب ”سرحدن کان اڳتي“ ۾ پڙهيم... دلچسپ ڪهاڻي آ، پڙهڻ کان پوءِ خبر پيم ته ماين کي جن ڇو پوندا آهن.