ستم معاف ڪيم، هاڻي مُرڪي پئو، نه روڪ ايڏو اکين مان ڪجل وهي نه پوئي، وئي جا گذري وري ورندي سا ڪهڙي! مٿي تي ڌڪ ته نه هڻ هي سينڌڙي ڊهي نه پوئي. *** تون چئو سکن جي سيج آ زندان ڇا رکان مان پنهنجي هن حياتيءَ جو عنوان ڇا رکان جنهنکي نه آيو ڪڏهن منهنجي زبان تي يقين، آڏو نه اهڙي شخص جي قرآن ڇا رکان؟ * تون خوش وسين رنگ محلن ۾، منهنجي غربت تي احساس ته ڪر تڙپائيندي ڇا هٿ آيئي؟ بيحس پرين ڪجھ قياس ته ڪر، جي غلطي آ هِن ”برڪت“ جِي، حسين جي صدقي معاف ته ڪر. ** ڪيڏي دير ڪري پوءِ ٿا يار اچو، نٿا سار لهو ڪو مُئو يا بچيو! اوهان ڪاوڙ ڪئي، اسان ڪينَ ڪُڇو، ڇِني ڌار ڪَيوَ اسان ڏاڍو رُنو، ڀلي ڳوٺ سڄي کان اِها ڳالھه پُڇو، اهو حال ڪندو هر ٻُڍو ۽ ٻَچو، ڪيڏي دير ڪري پوءِ ٿا يار اچو.. اسين هول ڪري دل لايون نٿا جي لايون ٿا پڇتايون نٿا گھاٽي واڌي ۾ گھٻرايون نٿا، اسان ڪم نه ڪندا هيون اهڙو يار ڪچو، ڪيڏي دير ڪري پوءِ ٿا يار اچو. اڄ يار بخاري سو آيو آ، جنهن محفل کي مهڪايو آ، اهو حڪم حسن فرمايو آ، اُٿو ساز کڻو ڳايو راڳ نچو، ڪيڏي دير ڪري پوءِ ٿا يار اچو. ٻول : استاد بخاري آواز : جلال چانڊيو
اسين هول ڪري دل لايون نٿا جي لايون ٿا پڇتايون نٿا چئي ٿو اسين تڪڙ ڪري، هول ڪري، هٻڇ ڪري دل نٿا لايون ۽ جي لايون ٿا ته پوءِ وري پڇتايون نٿا مرحوم جلال چانڊيو منهنجو پسندديده ڳائڻو
مھربانيون امين سائين... لک لائق. ائين يار اسان جي رھنمائي ڪندا ڪريو، ٻول تہ لکون ٿا پر جيئن سمجهہ ٿا اچن تيئن ٿا لکون..
ايڏا تفنگ ناهيون جو ڪنهن جي رهنمائي ڪريون… بس چانڊئي جا ڪلام دل سان ٻڌندو آهيان خاص طور سندس ڪلامن ۾ جيڪي بيت ڏيندو آهي، اهي ٻڌي دل تي عجيب قِسم جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي، ان کان علاوه جيڪي راشد سائين جا ڪلام چيا اٿس هاءِ هاءِ سندس ڪلامن کي لکي ڪتابي شڪل ڏبي، انشاالله