ٻول : منهنجا سڄڻ ايندين ڪڏهن مونکان پڇڻ جي واسطي

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏5 مئي 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي

    اي يار ڀري پير، ملڻ لئه ته ڪڏهن اچ،
    بيمار پيو آهيان، پڇڻ لئه ته ڪڏهن اچ،
    آرهڙ جا تتل ڏينهن لڳي واءُ به ڪوسو،
    برسات ۾ هڪ رات ٽِڪڻ لئه ته ڪڏهن اچ،
    قرب جي ڪاتِي ۽ ناز جو خنجر ڪڍي،
    جلاد ٿي جلدي ڪُهڻ لئه ته ڪڏهن اچ،
    حافظ کي تپئي هجر ۾ سئو سال ٿي ويا،
    بچندو يا مري ويندو ڏسڻ لئه ته ڪڏهن اچ.

    (دوستو! اهو هرڪوئي ماڻهو چوندو آ ته جنين لاءِ مئاسين سي ڪانڌي ئي نه ٿيا، پر ان قصي جي شايد ڪنهن کي خبر نه هوندي ته اهو ڪيئن ٿيو ۽ ڪڏهن ٿيو ته جنين لئه مئاسين سي ڪانڌي ئي نه ٿيا، اهو آئون توهانکي سهي ڪري ٿو ٻُڌايان.. عاشق ويچارو جڌهن بيمار ٿيو، پنهنجي مائٽن ۽ دوستن کي چيائين ته مونکي پنهنجي محبوب جي ملڪ کڻي هلو آئون اتي ئي مرندس جو منهنجو محبوب منهنجو ڪلهي ڪانڌي ٿئي.)


    ***

    منهنجا سڄڻ ايندين ڪڏهن مونکان پڇڻ جي واسطي،
    دير ناهي دم جي دلبر، دم ڏيڻ جي واسطي.


    (آئون ته سوچيان پيو، جي منهنجي مٿان موت آيو ته آئون انکي ڇا چوندس؟)



    مُڙي وڃ موت موڪل ڏي، گھڙي کن يار سان ملندس،
    رهيل سور سيني ۾ پنهنجي دلدار کي چوندس،
    پرين جي پار جا پياسي مڙي وڃ موت بي_قياسي،
    ڏسي پنهنجو سهڻو ساٿي خوشي سان ساھ مان ڏيندس،
    مُڙي وڃ موت موڪل ڏي، گھڙي کن يار سان ملندس.


    ڪي ئي خيراتون ڪيم، باسيم سکائون لک هزار،
    مون گھٽايو ڪينڪي هو، تنهنجي ملڻ جي واسطي.

    چور جِي زندگي آ، ڀاڳئي ڀوتار تي،
    ڪُڙمي جِي زندگي آ ان جي کراڙ تي،
    چوي دادن، عاشق جي زندگي آ معشوق جي ديدار تي.



    بار سيني تي ڪڏهن هڪٻئي جا سهبا هُئا سڄڻ،
    اڄ ته ڪا اميد ڪانهي، هٿ رکڻ جي واسطي.

    ڪو هُجي اهڙو اچِي منهنجي خبر توسان ڪري،
    في سبيل الله ڪونهي، ڪم ڪرڻ جي واسطي.

    ٻيو مرض ڪونهي لڳل ”دادن” جي دل کي دلربا،
    بس مرض آهي ته آهي، گڏ رهڻ جي واسطي.


    ٻول : دادن فقير
    آواز : جلال چانڊيو






     

هن صفحي کي مشهور ڪريو