• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : منهنجي محبت تي تون ميار نه ڏي

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر


منهنجي محبت تي تون ميار نه ڏي،
پاڻ وئين تون ڇڏي، ڏوھ مونتي نه ڏي.

منهنجي مجبور دِل ڪيئن توبِن رهي،
راتيان ڏينهان پيو دل ۾ دونهون دُکي
تو بِنا هر گھڙي دل ٿي روئي رڙي،
پاڻ وئي تون ڇڏي، ڏوھ مونتي نه ڏي.


دانهن ٻُڌي اڻٻُڌي تو ڪئي،
مون پڇيو هو خطا مونکان ڪهڙي پَئي،
جنهن تي مونڏي غضب مان ڏٺو تو وڏي،
پاڻ وئين تون ڇڏي، ڏوھ مونتي نه ڏي.

ڪونه قاصرنواز تي قياس ڪيئي،
حال احوال انکان وٺڻ ئي ڇڏيئي،
ائين نه دلبر ڪوئي ڪنهنکي دِل تان ٿُڏي،
پاڻ وئين تون ڇڏي، ڏوھ مونتي نه ڏي.







آواز : شمن علي ميرالي
ٻول : قاصر نواز شاھ


 
Back
Top