ٻول : جتي ميلا محبت جا هُئا ويران ٿي ويون اهي جايون

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏5 مئي 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي

    جتي ميلا محبت جا هُئا، ويران ٿي ويون اُهي جايون،
    جنهن وڻ تي نالا لکياسين، گڏ پاڻ جتي دليون ٺاهيون،
    انهيءَ وڻ کي ٽيڪ ڏئي، سوچيان ويٺو روئي روئي،
    ٿي ويون ڪيئن جُدايون ڙي الا ٿي ويون ڪيئن جُدايون.


    کلندي ڏينهن گذاريا هُئا، جتي پاڻ پرين،
    اتي اڪيلو گذاريان پيو سُورن ساڻ پرين،
    ويا ڪيئي درد وڪوڙي ۽ ٿي ويون خوشيون پرايون،
    انهيءَ وڻ کي ٽيڪ ڏئي، سوچيان ويٺو روئي روئي،
    ٿي ويون ڪيئن جُدايون ڙي الا ٿي ويون ڪيئن جُدايون.


    ايئن ٿينداسين ڌار ٻيئي سوچيو ئي ڪونه هيو،
    پاڻ ٻنهي جي وچ ۾ آ، ڪيئن وڇوڙو ٿيو،
    ڪري ياد ڪي ڏينهن پُراڻا، منهنجيون اکيون ڀرجي آيون.
    انهيءَ وڻ کي ٽيڪ ڏئي، سوچيان ويٺو روئي روئي،
    ٿي ويون ڪيئن جُدايون ڙي الا ٿي ويون ڪيئن جُدايون.

    مون وٽ ڪُجھه به ناهي رهيو، سواءِ يادن جي،
    ويٺو اڪيلو مُنهن ڏيان تنهنجي ئي ڏکن کي،
    بس هاڻي زمان چئي پيارا، وتان ڪارو جوڙو پايون.
    انهيءَ وڻ کي ٽيڪ ڏئي، سوچيان ويٺو روئي روئي،
    ٿي ويون ڪيئن جُدايون ڙي الا ٿي ويون ڪيئن جُدايون.



    آواز : شمن علي ميرالي
    ٻول : زمان خاصخيلي


     

هن صفحي کي مشهور ڪريو