زندگي جون صحيحي حقيقتون جيئن جيئن منهنجي عمر ۾ اضعافوٿيندو ويو ته مون کي سمجه ۾ آيو:_ (1) چاهي مان ٽن سون جي گهڙي پايائين يا ٽن هزارن جي ٻئي ٽائيم ساڳيو ٻڌائينديون (2) چاهي مون وٽ ٽن سوين جي پرس هجي يا ٽن هزارن جي ان جي اندر رکيل شيون تبديل نه ٿينديون ۽ ساڳيون رهنديون (3) چاهي مان ٽن سو گزن واري گهر ۾ رهان يا ٽي هزار گزن واري ۾ ،تنهائي، اڪيلائپ جو احساس ساڳيو رهندو. (4) ماان اسلام آباد بحريه ٽاون ۾ رهان يا ڪنهن عام علائقي۾ منهنجي ذهني پستي دور نه ٿي ٿئي سگهي. (5) آخر ۾ مون کي اها به خبر پئي ته چاهي مان ٽرين جي بزنس ڪلاس دٻي ۾ سفر ڪيان يا اڪانومي ڪلاس ۾ مان پنهنجي منزل تي مقرر وقت تي پهچيندس ۽ ٻئي دٻا ٽرين جي ساڳئي وقت اسٽيشن تي پهچندا. مهانگي علائقي ۾ رهڻ يا گريجوئٽ ملازم رکڻ جي بجاء پنهنجو تعليم يافته هجڻ ضروري آهي انهڪري پنهنجي اولاد کي مالدار ٿيڻ جي ترغيب نه ڏيو پر انهن کي اهو سيکاريو ته هو خوش ڪيئن رهي سگهن ٿا ۽ جڏهن هو وڏا ٿين تي هو شين جي اهميت کي ڏسن قيميتن کي نه. دل کي دنيا سان نه لڳايو ڇو ته اها فاني آهي پر آّخرت سان چمٽي وڃو ڇو ته اها هميشه رهڻ واري آهي والدين کي پوڙهائپ ۾ ذليل وخوار ڪرڻ جڏهن ته زال ۽ ٻارن سان گڏجي عيش ؤ عشرت واري زندگي گذارڻ وارا اپنهنجي اولاد کان صلي رحمي جي اميد ڪيئن رکي سگهن ٿا. فرانس جي هڪ وزير تجارت ڪانفرس ۾ چيئو"برانڊيڊ شيون مارڪيٽنگ جي دنيا جو سڀ کان وڏو ڪوڙ هوندو آهي جنهن جو مقصد اميرن کان ته پيسئا ڪڍرائڻ هوندو آهي پر غريب ان مان ڏاڍو متاثر ٿيندا آهن. ڇا اهو ضروري آهي ته مان گليڪسي يا آئي فون کڻي گهمان تاڪي ماڻهون مون کي ذهين سمجهن. ڇا اهو ضروري آهي ته مان روزانه ميڪ يا ڪي ايف سي کائوان تاڪي ماڻهو اهو نه سمجهن ته مان ڪنجوس آهيان. ڇا اهو ضروري آهي ته مان روزانه پنهنجي دوستن سان گڏجي وڃي ميڪڍونلڊ تي ويهان ته ماڻهون مون کي خانداني رئيس سمجهن. ڇا اهو ضروري آهي ته مان پنهنجي فيملي کي الله پاڪ ؤ نبي سائين جي در تي وٺي وڃڻ جي بدران هر سال سوات ،مري ،ڪاغان ؤ ۽ اسڪردو وٺي وڃڻ ۾ فخر محسوس ڪيان ڇا اهو ضروري آهي ته مان ايڍيڍاس، لوڪاسٽو،گيچي،يا نائڪي جي ڪپڙا پايائين تڏهن جينٽلمين چوارايو ويندس. ڇا اهو ضروري آهي ته مان پنهنجي هر ڳاله ٻوله ۾ انگريزي جي ٻه ٽه الفاظ ڳالهيان ته مهذاب چورائيندس. فرانس جي وزير تجارت پنهنجي ڳاله کي تڪميل طرف آڻيندي چيو ته مان هر اها شي ڪري سگهان ٿو جيڪا مٿي لکيل آهي پر جڏهن مان پهنجي ملڪ جي غريب عوام جي باري ۾ سوچيندو آهيان ته يقين ڄاڻو منهنجو ننڍون ڦٽي وينديون آهن منهنجا ڪپڙا عام دوڪان تان خريديل هوندا آهن.دوستن سان گڏ ڪنهن به ڇپر هوٽل تي ويهي رهندو آهيان.بک لڳندي آهي ته ڪنهن گاڏي تان ماني وٺي کائڻ م عار محسوس نه ڪندو آهيان مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙا ماڻهون ڏٺا اهن جيڪي منهنجي ايڍيدائس تان ورتل هڪ قيمص جي قيمت ۾ پوري هفتي جو گهر جو رراشن وٺي سگهن ٿا. مان اهڙا خاندان ڏٺا آهن جيڪي ڪي ايف سي جي هڪ برگر جي قيمت ۾ سڄي گهر جو هڪ وقت جي ماني کائي سگهن ٿا. جيڪي ماڻهون ظاهري حالت مان ڪنهن جي قيمت لڳئيندا آهجن اهئي فورن پنهنجي علاج ڪرائين. انسان جي اصل قيمت ان جي اخلاق،برتاوء، ميل جول جو انداز،صله رحمي،همدردي ۽ ڀائي چاري ۾ آهي نه ڪي ان جي ظاهري شڪل ؤ صورت ۾......!!!