• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رجب فقير

ساگر ميگهواڙ2

سينيئر رڪن
هن جي آلاپ مان جدت جي خوشبوء ايندي آ، هو نون شاعرن کي جديد طريقي سان نيم ڪلاسيڪل انداز ۾ ڳائيندو آ! صرف ڳائيندو ناهي، ڪمال جو ڪمپوزر به آهي، اڄ جتي سنڌي ڪلاسيڪل موسيقي زوال ڏانهن وڃي رهي آهي اتي اهي چند ئي موسيقار آهن جيڪي ڪلاسيڪل روايتن کي قائم رکيو اچن!
#رجب فقير جڏهن رات جي پوئين پهر ۾ راڳ ڀوپالي جا سر ڇيڙيندو آهي تڏهن هزارين راءِ ڏياج پنهنجا سِر تري تي رکي ڇڏيندا آهن.
نواڻ ۽ تبديليون وقت جي اهم ضرورت آهن ۽ استاد رجب فقير موسيقي جي ميدان م نئواڻ آندي! اهو ئي سبب آهي جو نوجوان حلقي ۾ هڪ منفرد سڃاڻپ رکي ٿو.
چوندا آهن ته پنجاب راڳ کي جنم ڏنو ۽ ٿر ۾ ان جو موت ٿيو، آئون هن ڳاله سان سخت اختلاف رکان ٿو! جنهن خطي ۾ مراد فقير، صادق فقير، مائي ڀاڳي، موهن ڀڳت، حسين فقير ۽ رجب فقير جهڙا راڳي پيدا ٿيا هجن اتي راڳ جو موت ممڪن ئي ناهي!
رجب فقير! پنهنجي ڏاڏي مراد فقير جي نالي سان مٺي ۾ سنگيت سکيا گهر قائم ڪري ڪيترن ئي نوجوانن کي موسيقي جي سکيا ڏيئي رهيو آهي.
اڄ سندس جنم ڏينهن آهي!
سر سارنگ جهڙا پيار ۽ جنم ڏينهن جون واڌايون!
شل سرن جي ديوي سدائين مهربان رهي!
عمردراز تيڏا الله نگهبان هووي!
 
Back
Top