دل سهڻو تاج محل آ ، نہ ھن جا تون ڪر ٽڪڙا منهنجي شيشي کان نازڪ دل آ ، نہ ھن جا تون ڪر ٽڪڙا ھاڻي جي نہ آھي پر عدل کان آ منهنجي محبت توسان مٺا تون ئي تون آن بس منهنجي من ۾ باقي سڀ ناتا وسري ويا دل تنهنجي مٿان پاڳل آ نہ ھن جا تون ڪر ٽڪڙا وس ۾ ھجي جي وسارڻ ڇو لُڙڪ اکين مان ھاريان ھا ڪون ٿو تون وِسرين دل تان صفا پوءِ دلدار ڪيا مان ڇا دل بيوس ھي بلڪل آ نہ ھن جا تون ڪر ٽڪڙا آ سهڻا تو تان صدقي وڃان، توکي ھن دل ۾ ويهاريان توکي مان ھزارن جي نوٽن توري ھن دنيا کان وٺان دل توسان مٺا اٽڪيل آ نہ ھن جا تون ڪر ٽڪڙا قاصر نواز منهنجو توسان پيار جو پُختو رشتو آ پيار ۾ او سهڻا سائين ھڪڙو ئي پنهنجو رستو آ توسان منهنجي دل ڦاٿل آ نہ ھن تون ڪر ٽڪڙا
مخن ! اهو ڪلام جنهن ڳايو آ ۽ جنهن جو ڪلام آ اُهو به لکين ته واه واه ٿي وڃي جيئن آئون اڪثر لکندو رهندو آهيان.